YouVersion Logo
Search Icon

ناحوم 3

3
نينواہ تي مصيبت جي اڳڪٿي
1مصيبت آهي ان خوني شهر لاءِ،
جيڪو ڪوڙ ۽ ڦر سان ٽمٽار آهي،
جيڪو ڦر ۽ خون خرابي کان باز نہ ٿو اچي.
2پر هاڻي سندس تباهي ڏسو:
ڦٽڪن جا زوڪاٽ، ڦيٿن جا چيڪاٽ،
گھوڙن جا هڻڪاٽ ۽ جنگي گھوڙي گاڏين جا ڪڙڪاٽ آهن،
3سوارن جو گھوڙن تي چڙهڻ،
تلوارن جا چمڪاٽ ۽ نيزن جا تجلا،
مئلن جا ڍير، بي‌شمار لاش،
۽ لاشن جي ڍيرن مٿان ماڻهو ٿاٻڙندا ٿا وتن.
4اهو سڀ ڪجھہ
نينواہ ڪڃريءَ جي گھڻي زناڪاريءَ جي ڪري آهي،
جيڪا ماهر جادوگرياڻي پڻ آهي،
۽ جنهن قومن کي پنهنجي حسن ۽ بدپيشي سان،
۽ گھراڻن کي پنهنجي جادوءَ سان غلام بڻائي ڇڏيو آهي.
5قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي نينواہ ڪڃري! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.
آءٌ تنهنجو دامن تنهنجي ڳچيءَ تائين مٿي کڻي
قومن کي تنهنجي اوگھڙ
۽ بادشاهتن کي تنهنجو شرم ڏيکاريندس.
6آءٌ تو تي گند ڪچرو اڇلائيندس
۽ تو کي خوار خراب ڪندس،
هائو، آءٌ تو کي ٻين لاءِ تماشو بڻائي ڇڏيندس.
7پوءِ جيڪو بہ تو کي ڏسندو سو تو کان ڀڄي پري ٿيندو،
۽ چوندو تہ ’ڏسو، نينواہ تہ کنڊر بڻجي ويو آهي.
ڪير ان تي ترس کائيندو؟
ڪير آهي جيڪو هن کي دلاسو ڏئي؟‘“
8اي نينواہ!
ڇا تون مصر جي گاديءَ جي شهر نوآمون کان بہ بهتر آهين،
جنهن جي چوڌاري بہ تو وانگر بچاءُ لاءِ پاڻي ڇڏيل هو؟
هائو، اهو نيل نديءَ جي ڪناري تي آباد هو،
۽ ندي ئي ان جو بچاءُ ۽ پاڻي ئي سندس ديوار هئي.
9 # 3‏:9 سوڊان عبرانيءَ ۾ ”ڪُوش“ لکيل آهي. انهن ڏينهن ۾ هي علائقو موجودہ ايٿوپيا ۽ سوڊان ملڪن جي ڳچ حصي تي مشتمل هو. سوڊان ۽ مصر ان جي بي‌انتها طاقت جا مظهر هئا،
۽ ان جي اتحادين مان لبيا بہ هڪ هو.
10تنهن هوندي بہ اهو سڄو شهر قيد ڪري نيو ويو،
۽ ان جا ٻارڙا بہ هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اڇلائي ماريا ويا.
ان جا سڀيئي وڏا ماڻهو زنجيرن سان جڪڙيا ويا،
۽ کين غلام بڻائڻ لاءِ ڪڻا وڌا ويا.
11اي نينواہ!
تون بہ ڪنهن نشئيءَ جيان سڪتي ۾ اچي ويندين،
۽ پوءِ دشمن جي ڊپ کان پناهہ جون جايون ڳوليندين.
12تنهنجا سڀيئي قلعا انجيرن جي انهن وڻن وانگر آهن،
جن ۾ سڀ پڪل انجير هجن،
۽ جڏهن انهن وڻن کي لوڏيو وڃي تہ
انهن جا انجير کائيندڙن جي وات ۾ اچي ڪرن.
13پنهنجي لشڪر تي تہ نگاهہ ڪر،
اهي عورتن وانگر ٿي پيا اٿيئي.
تنهنجي ملڪ جون سرحدون دشمنن لاءِ کُليون پيون اٿيئي،
ڄڻ تہ تنهنجي دروازن جي گزن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.
14ڀلي دشمنن جي گھيري جي وقت پنهنجي لاءِ پاڻي ڪٺو ڪر.
ڀلي مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرون ٺاهڻ لاءِ ڪالب تيار ڪر،
تہ جيئن تنهنجا قلعا مضبوط ٿين.
15پر تڏهن بہ اُتي باهہ تو کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي،
۽ تلوار تو کي ڪپي ڇڏيندي.
تنهنجي لشڪر کي ائين کائي چٽ ڪيو ويندو،
جيئن ماڪڙ کائيندي آهي.
تون تہ ماڪڙ وانگر وڌي ويو آهين.
16تو پنهنجي سوداگرن جو انگ وڌائي ڇڏيو آهي،
ايستائين جو اهي ستارن کان بہ گھڻا ٿي ويا آهن،
پر اهي بہ ماڪڙ وانگر تنهنجو فصل کائي اڏامي ويندا.
17تنهنجا محافظ ۽ عملدار بہ ماڪڙ جي ڪٽڪن وانگر آهن،
جيڪي ٿڌ جي وقت لوڙهن ۾ رهن ٿا،
پر جڏهن اس لڳين ٿي تہ اڏامي ٿا وڃن
۽ ڪوبہ نہ ڄاڻندو آهي تہ ڪيڏانهن ٿا وڃن.
18اي اشور جا شهنشاهہ! تنهنجا گورنر ماريا ويا آهن،
۽ تنهنجي اميرن کي موت جي ننڊ وٺي ويئي آهي.
تنهنجي رعيت جبلن تي ڪڻو ڪڻو ٿي ويئي آهي،
۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن کي گڏ ڪري.
19تنهنجي زخم جو ڪوبہ علاج ڪونهي،
ڇوجو تنهنجو زخم ناسور ٿي ويو آهي.
جيڪو بہ تنهنجي باري ۾ ٻڌي ٿو،
سو تنهنجي زوال تي خوشيءَ مان تاڙيون ٿو وڄائي،
ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ناهي،
جيڪو تنهنجي ظلم جو نشانو نہ بڻيو هجي.

Currently Selected:

ناحوم 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in