1
بني اسرائيل جي مردمشماري
1 #
ڳا 26:1-51
بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ سينا جي بيابان ۾ خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي ۾ موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ 2-3”تون ۽ هارون سڄي بني اسرائيل جي سندن پنهنجي پنهنجي نسل ۽ ڪٽنب موجب مردمشماري ڪريو ۽ انهن سڀني مردن، جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هجن، تن جا قبيلن مطابق جدا جدا دستا ٺاهي لسٽ تيار ڪريو. 4هر هڪ قبيلي مان هڪڙو هڪڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي اباڻي گھراڻي جو وڏو هجي، سو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪري.“ 5جيڪي ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪندا تن جا نالا هي آهن: روبن قبيلي مان اليصور ولد شديور، 6شمعون قبيلي مان شلوميايل ولد صوريشدي، 7يهوداہ قبيلي مان نحسون ولد عمينداب، 8اِسڪار قبيلي مان نٿنايل ولد صوعر، 9زبولون قبيلي مان الياب ولد حيلون، 10يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي مان اليشمع ولد عميهود، يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي مان جمليايل ولد فداهصور، 11بنيامين قبيلي مان ابيدان ولد جِدعوني، 12دان قبيلي مان احيعزر ولد عميشدي، 13آشر قبيلي مان فجعيايل ولد عڪران، 14جد قبيلي مان الياسف ولد دعوايل، 15نفتالي قبيلي مان احيرع ولد عينان.
16اهي ئي ماڻهو هئا جن کي بني اسرائيل قوم مان مقرر ڪيو ويو، جيڪي پنهنجن پنهنجن اباڻن گھرن جا وڏا ۽ بني اسرائيل جي نسلن جا رئيس هئا. 17سو انهن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو. 18انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ تي سڄيءَ قوم کي گڏ ڪيو ۽ سڀني ماڻهن جي سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب داخلا ڪئي ويئي. جن جي عمر ويهہ سال يا ويهن سالن کان مٿي هئي تن جي نالن جي لسٽ تيار ڪئي ويئي. 19جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن سينا جي بيابان ۾ انهن جو شمار ڪيو.
20-43جيڪي مرد ويهن سالن جا يا انهيءَ کان مٿي هئا ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جا نالا سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب درج ڪيا ويا. نالن درج ڪرڻ جي شروعات يعقوب جي وڏي پٽ روبن جي قبيلي سان ڪئي ويئي. درج ڪيلن جو تعداد هن ريت آهي: روبن جي قبيلي جا ڇائيتاليهہ هزار پنج سؤ مرد، شمعون جي قبيلي جا اوڻهٺ هزار ٽي سؤ، جد جي قبيلي جا پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ پنجاهہ، يهوداہ جي قبيلي جا چوهتر هزار ڇهہ سؤ، اِسڪار جي قبيلي جا چوونجاهہ هزار چار سؤ، زبولون جي قبيلي جا ستونجاهہ هزار چار سؤ، يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جا چاليهہ هزار پنج سؤ، يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي جا ٻٽيهہ هزار ٻہ سؤ، بنيامين جي قبيلي جا پنجٽيهہ هزار چار سؤ، دان جي قبيلي جا ٻاهٺ هزار ست سؤ، آشر جي قبيلي جا ايڪيتاليهہ هزار پنج سؤ، نفتاليءَ جي قبيلي جا ٽيونجاهہ هزار چار سؤ مرد.
44اهي ئي آهن سڀيئي مرد جن کي موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي انهن ٻارهن رئيسن جي مدد سان شمار ڪيو، جيڪي پنهنجي پنهنجي اباڻي گھراڻي جا وڏا هئا. 45اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان سڀيئي مرد جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هئي ۽ جيڪي جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا ۽ جن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو، 46سي سڀيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ پنجاهہ مرد هئا.
47پر لاويءَ جي نسل وارن کي ٻين قبيلن سان گڏ شمار نہ ڪيو ويو، 48ڇاڪاڻ تہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ 49”جڏهن تون بني اسرائيل مان جنگ تي وڃڻ جهڙن جا نالا شمار ڪرين تہ لاوين کي انهن سان درج نہ ڪجانءِ. 50بلڪ تون لاوين کي مقرر ڪري ڇڏ تہ جيئن اهي ئي اهو مقدس خيمو جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، ۽ انهيءَ جو سمورو سامان کڻن، انهيءَ جي خدمت ڪن ۽ اهي ئي خيمي جي ٻاهران چوڌاري منزل ڪري رهن. 51جڏهن مقدس خيمو اڳتي وڃڻو هجي تہ لاوي انهيءَ کي لاهين ۽ وري جڏهن کڙو ڪرڻو هجي تہ اهي ئي کڙو ڪن. جيڪو بہ ٻيو ماڻهو انهيءَ جي ويجھو ايندو، سو ماريو ويندو. 52ٻين بني اسرائيل جي ماڻهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي دستي موجب پنهنجي پنهنجي قبيلي سان پنهنجي پنهنجي نشان وٽ پنهنجو تنبو هڻي. 53پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“ 54سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.