YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 21:14-23

ڳاڻاٽو 21:14-23 SB

پر آءٌ جيئرو خداوند پنهنجي انهيءَ جلال جو قسم کڻي چوان ٿو جنهن سان سڄي ڌرتي ڀرپور ٿيندي، تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون. سو جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو مون انهن جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو، سو اهي هرگز نہ ڏسندا. نڪي انهن مان ڪو اهو ملڪ ڏسندو جن منهنجي توهين ڪئي آهي.