14
ماڻهن جي شڪايت
1انهيءَ رات سڄيءَ قوم جا ماڻهو رڙيون ڪري روئندا رهيا. 2هو موسيٰ ۽ هارون خلاف شڪايت ڪرڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اسين مصر جي ملڪ ۾ يا وري هن بيابان ۾ ئي مري وڃون ها تہ چڱو هو. 3خداوند اسان کي انهيءَ ملڪ ۾ ڇو ٿو وٺي وڃي؟ اسين تہ جنگ ۾ مارجي وينداسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار لُٽ جو مال ٿي ويندا. ڇا اسان جي لاءِ اهو بهتر نہ ٿيندو جو اسين مصر ڏانهن موٽي وڃون؟“ 4سو هنن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ پنهنجو ڪو اڳواڻ بڻائي موٽي مصر ڏانهن هلون.“
5تنهن تي موسيٰ ۽ هارون انهن سڀني جي روبرو خداوند آڏو منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيا. 6تڏهن نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جيڪي انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا. 7هنن بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”جنهن ملڪ جو اسان حال احوال معلوم ڪري آيا آهيون، سو نهايت ئي چڱو ملڪ آهي. 8جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي اتي پهچائيندو ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي. 9#عبر 3:16 رڳو، اوهين خداوند جي خلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو. هو تہ اسان جو کاڄ آهن. خداوند اسان سان آهي ۽ انهن تان ڇانوَ کڄي ويئي آهي، سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو.“ 10پر اهي چوڻ لڳا تہ ”هنن کي سنگسار ڪريو.“ تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني ماڻهن جي روبرو خدا سان ملاقات واري خيمي مٿان ظاهر ٿيو.
موسيٰ جي دعا
11 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آخر ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي توهين ڪندا رهندا؟ انهن معجزن جي باوجود بہ، جيڪي مون منجھن ڪيا آهن، هي ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟ 12آءٌ منجھن وبا موڪلي کين لاوارث ڪري ڇڏيندس. پر تو مان آءٌ هنن کان بہ هڪڙي وڏي ۽ زورآور قوم پيدا ڪندس.“
13 #
خر 32:11-14
پر موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”تو هنن ماڻهن کي مصر منجھان پنهنجيءَ طاقت سان ڪڍي ٻاهر آندو آهي. هينئر جڏهن مصري ٻڌندا تہ تو پنهنجيءَ قوم سان ڇا ڪيو آهي تہ 14اُهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا. انهن ماڻهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند اسان منجھہ آهين ۽ تنهنجو ڪڪر اسان جي مٿان بيهي ٿو ۽ تون چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ بہ اچين ٿو. ان کان علاوہ اهو بہ تہ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي جي صورت ۾ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي جي صورت ۾ اسان جي اڳيان هلين ٿو. 15هاڻي جيڪڏهن تون پنهنجيءَ قوم مان سڀني کي هڪ ئي وقت ماري ڇڏيندين تہ جن قومن تنهنجي ناموس ٻڌي آهي سي چونديون تہ 16’خداوند پنهنجي قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائي نہ سگھيو، جنهن جي ڏيڻ جو ساڻن واعدو ڪيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ئي ماري ڇڏيائين.‘ 17سو هاڻي اي منهنجا رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي عظيم قدرت ڏيکار، جيئن تو فرمايو آهي تہ 18#خر 20:5-6، 34:6-7، شر 5:9-10، 7:9-10 ’آءٌ خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ لافاني شفقت سان ڀرپور آهيان. آءٌ بڇڙائي ۽ بغاوت جو معاف ڪندڙ آهيان، تنهن هوندي بہ ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا آءٌ انهن جي اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان.‘ 19هاڻ اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي واعدي ڪيل گھڻي شفقت موجب هن قوم جي بڇڙائي معاف ڪر، جهڙيءَ طرح تو مصر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين کين معاف ڪيو آهي.“
20تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”مون تنهنجي چوڻ موجب کين معافي ڏني. 21#عبر 3:18 پر آءٌ جيئرو خداوند پنهنجي انهيءَ جلال جو قسم کڻي چوان ٿو جنهن سان سڄي ڌرتي ڀرپور ٿيندي، 22تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون. 23سو جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو مون انهن جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو، سو اهي هرگز نہ ڏسندا. نڪي انهن مان ڪو اهو ملڪ ڏسندو جن منهنجي توهين ڪئي آهي. 24#يش 14:9-12 پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جو روح ٻئي قسم جو آهي ۽ پوريءَ طرح منهنجي فرمانبرداري ڪئي اٿائين، تنهن کي آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندس جنهن ۾ هو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ اهو ملڪ سندس اولاد جي ميراث ٿيندو. 25هاڻي جيئن تہ عماليقي ۽ ڪنعاني ماٿرين ۾ رهن ٿا، سو سڀاڻي اوهين پوئتي موٽو ۽ ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان بيابان ڏانهن هليا وڃو.“
خداوند جو ماڻهن کي سزا ڏيڻ
26 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 27”هيءَ بڇڙي قوم جيڪا منهنجي خلاف شڪايتون ڪري ٿي، تنهن کي آءٌ ڪيستائين برداشت ڪريان؟ بني اسرائيل منهنجي خلاف جيڪي شڪايتون ڪن ٿا سي سڀ مون ٻڌيون آهن. 28هاڻي انهن کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ آءٌ بہ اوهان سان اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي مون اوهان کي گھرندي ٻڌو آهي. 29#عبر 3:17 اوهان جا لاش هن بيابان ۾ پيا رلندا، ڇو تہ اوهان سڀني منهنجي خلاف شڪايتون ڪيون آهن. سو اوهين ويهن سالن يا انهيءَ کان مٿي عمر وارا جيڪي بہ شمار ڪيا ويا هئا، 30تن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ڪوبہ انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندو، جنهن بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اُتي رهائيندس. 31پر اوهان جا ٻار جن جي باري ۾ اوهان چيو ٿي تہ اهي لُٽ جو مال ٿي ويندا، تن کي آءٌ اتي پهچائيندس. اهي انهيءَ ملڪ جو قدر ڄاڻيندا جنهن کي اوهان رد ڪيو آهي. 32باقي اوهان جا لاش هن ئي بيابان ۾ پيا رلندا. 33#رس 7:36 اوهان جا ٻار چاليهن سالن تائين هن بيابان ۾ پنهنجي رڍن ٻڪرين سان پيا رلندا. هو اوهان جي بياعتقاديءَ جو ڪيتو پيا لوڙيندا، جيستائين اوهين سڀ مري کپي وڃو. 34انهن ڏينهن جي شمار مطابق جن ۾ اوهان انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيو هو، يعني چاليهن ڏينهن مان هر هڪ ڏينهن جي لاءِ هڪ سال يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندا. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ منهنجو اوهان جي خلاف ٿيڻ ڇا آهي.‘ 35سو اي موسيٰ! مون خداوند اهو فرمايو آهي ۽ يقين ڄاڻ تہ هيءَ سڄي بڇڙي قوم جيڪا هتي منهنجي خلاف گڏ ٿي آهي، تنهن سان آءٌ ائين ئي ڪندس. هو سڀ هن بيابان ۾ مري ناس ٿي ويندا.“
36جن ماڻهن کي موسيٰ انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، تن مان ڪن موٽي اچي انهيءَ زمين بابت خراب خبر ٻڌائي هئي، جنهن ڪري ئي سڄي قوم خداوند جي خلاف شڪايتون ڪرڻ لڳي هئي. 37سو انهن خراب خبر ٻڌائيندڙ ماڻهن کي خداوند وبا سان ماري ڇڏيو. 38ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويل ماڻهن مان رڳو نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب ئي وڃي جيئرا رهيا.
بني اسرائيل جي اجائي ڪوشش
(شريعت جو دور 1:41-46)
39جڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون تہ هو زاروزار روئڻ لڳا. 40هو صبح جو سوير ئي اُٿي ڪنعان جي جابلو علائقي ڏانهن روانا ٿيندي چوڻ لڳا تہ ”اسين قبول ٿا ڪريون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن ضرور وينداسين، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي.“
41پر موسيٰ کين چيو تہ ”اوهين خداوند جي حڪم جي نافرماني ڇو ٿا ڪريو. ائين وڃڻ ۾ اوهان کي ڪاميابي حاصل نہ ٿيندي. 42سو نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان منجھہ ڪونهي، تنهنڪري متان پنهنجي دشمنن جي هٿان مارجي وڃو. 43اُتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان سان منهن مقابل ٿيندا ۽ اوهين جنگ ۾ مارجي ويندا. جيئن تہ اوهين خداوند کان ڦري ويا آهيو، تنهنڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.“
44پر هو ضد ڪري انهيءَ جابلو علائقي ڏانهن وڃڻ لڳا، توڻي جو خداوند جي عهد واري صندوق ۽ موسيٰ ساڻن گڏ خيميگاهہ کان ٻاهر نہ نڪتا. 45تڏهن عماليقي ۽ ڪنعاني جيڪي انهيءَ جابلو علائقي ۾ رهندا هئا، تن هيٺ لهي مٿن حملو ڪيو ۽ حرماہ تائين کين ماريندا آيا.