YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 17

17
هارون جي لٺ
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ هو تو کي پنهنجن اباڻن قبيلن مان هر هڪ سردار جي لٺ ڏين. ڪل ٻارهن لٺيون هجن. پوءِ تون هر هڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک. 3تون لاوي قبيلي جي لٺ تي هارون جو نالو لک. اهڙيءَ طرح هر هڪ قبيلي جي سردار جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گھرجي. 4تون اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رک، جتي آءٌ تو سان ملاقات ڪندو آهيان. 5پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چونڊيندس تنهن جي لٺ ڦٽي نڪرندي. اهڙيءَ طرح تنهنجي خلاف بني اسرائيل جي گھڙيءَ گھڙيءَ واري شڪايت کي آءٌ ٻنجو ڏيئي ڇڏيندس.“
6سو موسيٰ بني اسرائيل کي اها ڳالهہ ٻڌائي. انهن جي سردارن کيس ٻارهن لٺيون يعني هر هڪ قبيلي جي سردار جي هڪ هڪ لٺ ڏني. هارون جي لٺ بہ انهن ٻارهن لٺين سان گڏ رکي ويئي. 7موسيٰ پوءِ اهي لٺيون مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن اندر خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون.
8 # عبر 9‏:4 ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمي ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڇا ڏسي تہ هارون واري لٺ جا لاويءَ قبيلي مان ڏنل هئي، سا تہ ڦٽي نڪتي آهي. منجھس مُکڙيون ۽ گل نڪتا آهن ۽ پڪل باداميون جھليون اٿس. 9موسيٰ سڀ لٺيون خداوند جي حضور کان ٻاهر کڻي آيو. هن اهي بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي ڏيکاريون. هنن اهي ڏٺيون ۽ هر هڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ کنئي.
10 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون جي لٺ عهد واري صندوق جي سامهون موٽائي رک. اها باغين لاءِ هڪ نشانيءَ طور رکي هجي. اهڙيءَ طرح هو منهنجيون شڪايتون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا ۽ مرڻ کان بچي ويندا.“ 11سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو.
12تڏهن بني اسرائيل موسيٰ کي چيو تہ ”تنهن جي معنيٰ هاڻ اسان جو بلڪل خاتمو آهي. 13جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مقدس خيمي جي رڳو ويجھو ئي ٿو اچي سو مري ٿو وڃي، تہ پوءِ ڇا اسين سڀيئي ختم ٿي وينداسين؟“

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 17: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in