YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 20

20
ٽڪريءَ مان پاڻي نڪرڻ
(خروج 17‏:1‏-7)
1بني اسرائيل جي سڄي قوم، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي ۽ ماڻهن قادش ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا. اتي مريم وفات ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو. 2جيئن تہ قادش ۾ قوم جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو، سو ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي خلاف وٽن اچي گڏ ٿيا. 3پوءِ هو موسيٰ سان جھيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ ”ڪيڏو نہ چڱو ٿئي ها جو جڏهن اسان جا هم‌قوم خداوند جي مقدس خيمي جي سامهون مري ويا هئا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها. 4ڇو اوهان خداوند جي قوم کي هن بيابان ۾ آندو آهي؟ ڇا محض انهيءَ لاءِ تہ اسين ۽ اسان جو چوپايو مال سڀ هتي مرون؟ 5ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن خراب هنڌ وٺي آيا آهيو، هتي تہ نہ اناج آهي نہ انجير، نہ انگور آهن نہ ڏاڙهون، ايتري قدر جو هتي پيئڻ جي لاءِ پاڻي بہ ڪونهي.“ 6تڏهن موسيٰ ۽ هارون ماڻهن وٽان نڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي در تي آيا. هو اتي سجدي ۾ ڪري پيا، تڏهن خداوند جو جلوو مٿن ظاهر ٿيو.
7 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 8”اندر اچي هارون جي لٺ کڻ ۽ پوءِ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون ٻيئي ڄڻا سڄيءَ قوم کي گڏ ڪريو. پوءِ هنن جي اکين جي اڳيان اوهين ٽڪريءَ کي چوندا تہ منجھانئس پاڻي وهي نڪرندو. اهڙيءَ طرح تون انهيءَ ٽڪريءَ مان انهن ماڻهن ۽ سندن چوپائي مال جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪڍندين.“
9سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب وڃي #20‏:9 سندس حضور مان يعني عهد واري صندوق جي اڳيان.سندس حضور مان لٺ کنئي. 10موسيٰ ۽ هارون انهيءَ ٽڪريءَ جي سامهون سڄيءَ قوم کي گڏ ڪيو. موسيٰ انهن کي چيو تہ ”اي فساديو! هاڻي ڇا اسين اوهان جي لاءِ هن ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍون؟“ 11پوءِ موسيٰ پنهنجو هٿ ڊگھيري ٻہ ڀيرا ٽڪريءَ تي پنهنجي لٺ هنئي تہ انهيءَ مان بي‌انداز پاڻي وهي نڪتو، جيڪو سڀني ماڻهن ۽ سندن چوپائي مال پيتو.
12پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي ڇينڀيندي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان مون تي يقين نہ ڪيو تڏهن اوهان بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي. تنهنڪري اوهين هن قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ نہ پهچائيندا جيڪو آءٌ هنن کي ڏيڻ وارو آهيان.“ 13انهيءَ واقعي ۾ نڪرندڙ چشمي جو نالو #20‏:13 مريباہ عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”جھڳڙو.“مريباہ پئجي ويو. انهيءَ سبب جو ان هنڌ تي بني اسرائيل خداوند جي خلاف جھڳڙو ڪيو ۽ خداوند پاڻ کي منجھن پاڪ ثابت ڪيو.
بني اسرائيل جي رستي روڪ
14 موسيٰ قادش مان #20‏:14 ادوم اهو علائقو ڪنعان ملڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ هو.ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو تہ ”اسان بني اسرائيل جي قبيلن يعني اوهان جي عزيزن جو عرض آهي تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي اوهان کي خبر آهي. 15اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا ۽ اسين ڪيترائي سال اتي رهياسين. مصرين اتي اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب سلوڪ ڪيو. 16پر جڏهن اسان خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو تہ هن اسان جي پڪار ٻڌي ۽ هڪڙي ملائڪ کي موڪلي اسان کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. هاڻ اسين قادش شهر ۾ آهيون جيڪو اوهان جي سرحد جي ڪناري تي آهي. 17سو مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ جي اجازت ڏيو. اسين ٻنيءَ يا انگورن جي باغ مان نہ لنگھنداسين ۽ نہ ئي وري ڪنهن کوهہ مان پاڻي پيئنداسين. اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين. جيستائين اسين اوهان جي سرحد کان ٻاهر نڪري نہ وڃون تيستائين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نہ کاٻي.“ 18پر ادوم جي بادشاهہ جواب ڏياري موڪليس تہ ”منهنجي ملڪ مان نہ لنگھجانءِ. جيڪڏهن لنگھڻ جي ڪوشش ڪندين تہ پوءِ آءٌ نڪري تلوار سان تو تي حملو ڪندس.“ 19تڏهن بني اسرائيل هن کي وري چوائي موڪليو تہ ”اسين شاهي رستي سان ئي وينداسين. جيڪڏهن اسان يا اسان جي چوپائي مال اوهان جو پاڻي پيتو تہ اسين انهيءَ جو مُلهہ ڏينداسين. اسين ٻيو ڪجھہ بہ نہ ٿا گھرون، رڳو اسان کي پنهنجي پيرين لنگھي وڃڻ ڏيو.“ 20هن ٻيهر بہ چوائي موڪليو تہ ”هرگز اتان نہ لنگھجو.“ پوءِ ادوم جو بادشاهہ گھڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي بني اسرائيل تي ڪاهي آيو. 21جيئن تہ ادوم جي بادشاهہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ نہ ڏنو، تنهنڪري هو اتان ڦري ٻئي رستي سان ويا.
هارون جي وفات
22بني اسرائيل قادش مان روانا ٿي هور جبل وٽ اچي پهتا. 23خداوند اتي هور جبل وٽ، جيڪو ادوم ملڪ جي سرحد تي آهي، موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 24هارون وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو. سو جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ هو داخل نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ مريباہ جي چشمي وٽ اوهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ڪم ڪيو. 25سو تون، هارون ۽ سندس پٽ اليعزر کي پاڻ سان هور جبل تي وٺي اچ. 26اتي هارون جي ڪهانت واري خاص پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پاراءِ. هارون اتي وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو.“
27سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو. هو سڄيءَ قوم جي اکين جي سامهون هور جبل تي چڙهي ويا. 28#خر 29‏:29، ڳا 33‏:38، شر 10‏:6 موسيٰ هارون جي ڪهانت واري پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پارائي. هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي. پوءِ جڏهن موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا، 29تڏهن بني اسرائيل کي خبر پيئي تہ هارون مري چڪو آهي. تنهن تي سڀني ماڻهن هارون لاءِ ٽيهہ ڏينهن سوڳ ڪيو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 20: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in