YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 24

24
1هاڻ جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي نظر ۾ بني اسرائيل کي ئي برڪت ڏيڻ سٺو آهي، تڏهن هو اڳي وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، بلڪ بيابان ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. 2هن ڏٺو تہ بني اسرائيل پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب رهيل هئا. تڏهن اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو 3۽ هو چوڻ لڳو تہ
”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو،
خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.
4هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو،
۽ خدا جو فرمان ٻڌي پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ
5اي بني يعقوب! اوهان جا خيما ڪيڏا نہ چڱا آهن،
اي بني اسرائيل! اوهان جي رهائش‌گاهہ ڪيڏي نہ سٺي آهي!
6اوهان جا خيما پري پري تائين اهڙيءَ طرح پکڙيل آهن،
جهڙيءَ طرح کجين جون قطارون،
اهي ائين ئي پکڙيل آهن جيئن ندين جي ڪنارن وارا باغ،
اهي خداوند جي هٿن سان پوکيل عُود جي ٻوٽن جهڙا آهن،
اهي ائين آهن جيئن پاڻيءَ جي ڪناري وارا ديال جا وڻ.
7اوهين ۽ اوهان جو اولاد اهڙو تہ خوشحال ٿيندو،
جيئن جھجھي پاڻيءَ جي ڀر وارا باغيچا هوندا آهن.
اوهان جو بادشاهہ اَجاج جي بادشاهہ کان وڌيڪ زورآور ٿيندو،
۽ سندس بادشاهت تمام بلنديءَ تي وڃي پهچندي.
8بيشڪ جنهن خدا اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو،
سو ڪيڏي نہ وڏي قدرت وارو آهي.
هو پنهنجي مخالف قومن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو،
۽ پنهنجي تيرن سان کين چچري ناس ڪري ڇڏيندو.
9 # پيد 12‏:3، 49‏:9 اوهين هڪ جوان شينهن وانگر آهيو،
جيڪو جڏهن ستل آهي تہ
ڪير ان کي جاڳائڻ جي جرئت ڪندو؟
جيڪو اوهان کي برڪت جي دعا ڪري ٿو،
تنهن کي برڪت ملي ٿي.
جيڪو اوهان تي لعنت ڪري ٿو،
تنهن کي لعنت ملي ٿي.“
10تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا هٿ مهٽيندي بلعام کي چيو تہ ”مون تہ تو کي انهيءَ لاءِ سڏايو هو تہ منهنجي دشمنن تي لعنت ڪر، پر تو تہ هنن کي اٽلندو ٽي ڀيرا برڪت ڏني آهي. 11سو هاڻي جلدي پنهنجي وطن ڏانهن ڀڄي وڃ. مون تہ چيو هو تہ آءٌ تو کي نوازيندس، پر خداوند تو کي انهيءَ کان روڪي رکيو.“
12تنهن تي بلعام بلق کي وراڻيو تہ ”ڇا مون توهان جي موڪليل قاصدن کي ائين نہ چيو هو تہ 13’جيڪڏهن بلق بادشاهہ چانديءَ ۽ سون سان ڀريل پنهنجو گھر بہ مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان ٻاهر پنهنجي مرضيءَ سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگھندس؟ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو ئي مون کي چوڻو آهي.‘“
بلعام جو چوٿون ۽ آخري الهامي گفتو
14بلعام بلق کي وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ تہ پنهنجي قوم ڏانهن واپس وڃان ٿو. پر وڃڻ کان اڳ ۾ اچو، تہ آءٌ توهان کي آگاهہ ڪريان تہ هيءَ قوم، توهان جي قوم سان ايندڙ ڏينهَن ۾ ڇا ڪندي.“ 15پوءِ بلعام چوڻ لڳو تہ
”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو،
خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.
16هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو.
آءٌ خدا تعاليٰ جو فرمان ٻڌي سندس ڄاڻ حاصل ڪريان ٿو.
پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ
17آءٌ جھاتي پائي ڏسان ٿو تہ ايندڙ وقت ۾
بني اسرائيل ۾ هڪڙو #24‏:17 بادشاهہ ڪن ترجمن ۾ ”عصو“ لکيل آهي. بادشاهہ کڙو ٿيندو.
هائو، بني يعقوب مان اهو هڪ تاري وانگر نڪري نروار ٿيندو.
اهو اوهان موآبين کي چئني طرفن کان نپوڙيندو،
۽ سڀني فسادين کي برباد ڪري ڇڏيندو.
18هو پنهنجي ادومي دشمنن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو،
۽ انهن جو ملڪ سندس ملڪيت ٿيندو.
سندس اڳواڻيءَ ۾ بني اسرائيل هميشہ فتحياب ٿيندا.
19بني يعقوب جو اهو بادشاهہ پنهنجي حڪمراني قائم ڪندو،
۽ ادوم جي شهرن ۾ بچي ويل دشمنن کي برباد ڪندو.“
20بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ
”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو،
جيڪا سڀ کان طاقتور آهي،
پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“
21پوءِ بلعام کي رويا ۾ قيني قوم نظر آئي، تڏهن هو پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ
”اي قينيؤ! اوهان جي رهڻ واري جاءِ مضبوط آهي،
اوهان جو گھر آکيري جيان ٽڪر تي محفوظ آهي.
22تہ بہ، ٻڌي ڇڏيو تہ اوهين برباد ٿيندا،
جڏهن اشوري اوهان کي قيد ڪري وٺي ويندا.“
23پوءِ هو پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي وڌيڪ چوڻ لڳو تہ
”جڏهن قادرِمطلق اهي ڳالهيون پوريون ڪندو،
آہ! تڏهن ڪير آهي جيڪو جيئرو رهي سگھندو!
24قبرص ٻيٽ جا لشڪر سامونڊي جهازن ۾ ايندا،
اهي اشور ۽ عبر ٻنهي کي شڪست ڏيئي عاجز ڪندا،
پر آخرڪار قبرص ٻيٽ وارا پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.“
25تنهن بعد بلعام اُٿي پنهنجي وطن ڏانهن واپس وريو ۽ بلق بہ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 24: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in