3
هارون جا پٽ
1جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن تائين موسيٰ جي ڀاءُ هارون کي هي اولاد هو. 2#ڳا 26:60 کيس چار پٽ هئا، جن جا نالا هي آهن: ندب، جيڪو پهريتو هو، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر. 3انهن کي مسح ڪري ڪهانت جي عهدي تي رکي، مقدس خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. 4#لاو 10:1-2، ڳا 26:61 جڏهن ندب ۽ ابيهو سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي اتي ئي سندس حضور ۾ مري ويا. کين اولاد ڪونہ هو. سو اليعزر ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي حياتيءَ دوران ڪهانت جي عهدي تي رهي مقدس خيمي ۾ خدمت ڪندا رهيا.
لاوين جي خدمت
5 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 6”لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجھو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ جيئن اهي سندس ماتحت ٿي خدمت ڪن. 7اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي سنڀال ڪن ۽ جيڪو ڪم کين هارون ۽ پوريءَ قوم جي طرفان سونپيو وڃي سو پورو ڪن. 8بلڪ اهي خيمي جي سموري سامان جي سنڀال ڪن ۽ بني اسرائيل جي پاران خدمت ڪن. 9تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ. بني اسرائيل منجھان اهي سندن خدمت واسطي ئي کين ڏنا ويا آهن. 10تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جا فرض بجا آڻيندا رهن. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي تہ ان کي ماريو وڃي.“
11 خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ 12-13#خر 13:2 ”جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ ماڻهن جا توڙي جانورن جا سڀ پهريتا مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا. تنهنڪري سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن، جن مان مون بني اسرائيل جي هر عورت جي پهريتي نر ٻار جي عيوض لاوين کي قبول ڪيو آهي. تنهنڪري لاوي هاڻ منهنجا آهن. آءٌ خداوند آهيان.“
لاوين جي مردمشماري
14 خداوند سينا جي بيابان ۾ موسيٰ کي فرمايو تہ 15”تون لاوين جو سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب شمار ڪر. جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهيءَ کان مٿي هجي، تن سڀني جو بہ تون شمار ڪر.“ 16سو جيئن موسيٰ کي خداوند کان حڪم مليو تيئن ئي ڪيائين. 17لاويءَ جا پٽ جيڪي پنهنجي پنهنجي نسل جا وڏا هئا سي هي آهن: جيرشون، قهات ۽ مراري. 18جيرشون جي نسل مان هي آهن: لبني ۽ شمعي. 19قهات جي نسل مان هي آهن: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزيايل. 20مراريءَ جي نسل مان هي آهن: محلي ۽ موشي. اهي لاوي قبيلي جا وڏا هئا ۽ انهن جي نالن پٺيان لاوي ڪٽنب سڏجن ٿا.
21جيرشون جي نسل مان لبني ۽ شمعي نالي ٻہ گھراڻا هئا. 22انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد جملي ست هزار پنج سؤ هو. 23انهن جيرشوني نسل وارن کي مقدس خيمي جي پٺيان اولهہ طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا. 24لاايل جو پٽ الياسف انهيءَ نسل جو سردار هو. 25خدا سان ملاقات واري خيمي جي قنات ۽ پال، انهيءَ جا مٿيان غلاف ۽ انهيءَ جي در جو پردو، اهي سڀ انهن جي سنڀال هيٺ هئا. 26انهيءَ کان سواءِ اڱڻ جي قنات، جيڪا مقدس خيمي ۽ قربانگاهہ جي چوڌاري آهي، اڱڻ جي دروازي جو پردو ۽ سڀيئي رسا جيڪي انهيءَ ۾ ڪم ٿي آيا، سي بہ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.
27عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزيايل ڪٽنب قهات جي نسل مان هئا. 28انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد اٺ هزار ۽ ڇهہ سؤ هو. مقدس خيمي جي پاڪ شين جي سنڀال انهن جي ذمي هئي. 29انهيءَ نسل کي مقدس خيمي جي ڏاکڻي پاسي پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا. 30عزيايل جو پٽ اليصافن انهيءَ نسل جو سردار هو. 31عهد واري صندوق، ميز، شمعدان، ٻئي قربانگاهون، مقدس جاءِ جا ٿانوَ جيڪي خدمت ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، مقدس ترين جاءِ جو پردو ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.
32 هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جو وڏو سردار هو. جيڪي مقدس خيمي جي سنڀال ڪندا هئا، تن مٿان هن کي مقرر ڪيو ويو هو.
33محلي ۽ موشي ڪٽنب مراريءَ جي نسل مان هئا. 34انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو جن جو تعداد ڇهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هو. 35ابيخيل جو پٽ صوريايل انهيءَ نسل جو سردار هو. انهيءَ نسل کي مقدس خيمي جي اترئين پاسي پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا. 36مقدس خيمي جا فريم، انهن جا گز، ٿنڀا، پاوا، سڀ اوزار ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو. 37انهيءَ کان سواءِ ٻاهرين اڱڻ جي چوگرد وارا ٿنڀا، انهن جا پاوا ۽ انهن جا رسا ۽ ڪليون بہ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.
38 موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي خدا سان ملاقات واري خيمي جي سامهون اوڀر طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا. مقدس جاءِ جي سنڀال بني اسرائيل جي پاران انهن جي ئي ذمي هئي. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي ها تہ ان کي مارڻو هو. 39هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي جن جو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ ۽ هارون سندن نسلن مطابق شمار ڪيو هو، تن جو ڪل تعداد ٻاويهہ هزار هو.
لاوين جو وقف ٿيڻ
40 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون بني اسرائيل جا سڀ پهريتا پٽ جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي آهي، تن جو شمار ڪر ۽ انهن جي نالن جي لسٽ تيار ڪر، ڇو تہ اهي منهنجا آهن. 41پر تون بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جي عيوض لاوين کي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر. بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهريتن ڦرن جي عيوض لاوين جو چوپايو مال منهنجي لاءِ مخصوص ڪر. آءٌ خداوند آهيان.“ 42موسيٰ خداوند جي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جو شمار ڪيائين. 43انهن جو ڪل تعداد ٻاويهہ هزار، ٻہ سؤ ۽ ٽيهتر هو.
44 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 45”هاڻ تون بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي عيوض لاوين کي منهنجي لاءِ وقف ڪر ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهريتن ڦرن جي عيوض لاوين جي چوپائي مال کي منهنجي لاءِ وقف ڪر. لاوي مون خداوند جا ٿيندا. آءٌ خداوند آهيان. 46بني اسرائيل جي پهريتن پٽن ۾ جيڪي ٻہ سؤ ٽيهتر ڄڻا لاوين جي تعداد کان وڌيڪ آهن، تن جي عيوض رقم وٺي کين ڇڏي ڏي. 47تون انهن کان هر هڪ لاءِ عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق پنج چانديءَ جا سڪا وٺ. هڪڙي چانديءَ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام آهي. 48پوءِ عيوضي واري اها رقم تون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏي.“ 49سو موسيٰ انهن واڌارن ماڻهن کان عيوضي جي رقم ورتي. 50هن اهي پئسا بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کان ورتا، جيڪي عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق #3:50 هڪ هزار ٽي سؤ پنجهٺ سڪا اٽڪل ساڍا پندرهن ڪلوگرام چاندي.هڪ هزار ٽي سؤ پنجهٺ سڪا هئا. 51موسيٰ اهي پئسا هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.