YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 36

36
صلافحاد جي ڌيئرن جو ورثو
1بني يوسف جي نسل جي قبيلن مان بني جِلعاد، جيڪي منسيءَ جي پٽ مڪير جو اولاد آهن، تن جي ڪٽنبن جا وڏا موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جي سردارن وٽ آيا. 2#ڳا 27‏:7 انهن موسيٰ کي اچي چيو تہ ”توهان اسان جي آقا کي خداوند حڪم ڏنو هو تہ پُکا وجھي ملڪ بني اسرائيل کي ورثي طور ورهائي ڏنو وڃي ۽ خداوند توهان کي هي بہ حڪم ڏنو هو تہ اسان جي عزيز صلافحاد جو ورثو سندس ڌيئرن کي ڏنو وڃي. 3پر جيڪڏهن اهي بني اسرائيل جي ڪنهن ٻئي قبيلي جي مردن سان پرڻبيون تہ انهن جو ورثو اسان جي وڏن جي ورثي مان انهيءَ قبيلي جو ٿي ويندو. ائين ڪرڻ سان اسان جي قبيلي کي مليل ورثي جو حصو گھٽجي ويندو. 4بني اسرائيل جي جشن واري سال ۾ صلافحاد جي ڌيئرن جي جائداد انهيءَ قبيلي ۾ مستقل طور تي شامل ڪئي ويندي جنهن ۾ هو پرڻبيون. اهڙيءَ طرح اسان جي ابن ڏاڏن جي قبيلي مان انهن جو ورثو نڪري ويندو.“
5تڏهن موسيٰ بني اسرائيل کي خداوند جي حڪم موجب هي جواب ڏنو تہ ”يوسف جي اولاد جي قبيلي وارا سچ ٿا چون. 6تنهنڪري صلافحاد جي ڌيئرن بابت خداوند جو هي حڪم آهي تہ اهي جنهن سان وڻين تنهن سان پرڻجن، پر رڳو پنهنجي ئي قبيلي ۾ پرڻجن. 7بني اسرائيل جي ڪنهن بہ شخص جو ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري ٻئي قبيلي ۾ نہ وڃي، بلڪ سندس ئي قبيلي ۾ رهي ۽ پاڻ ئي انهيءَ جو وارث رهي. 8بني اسرائيل جي ڪنهن بہ قبيلي ۾ جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ورثي جي مالڪ هجي تہ اُها انهيءَ ئي قبيلي جي ڪنهن مرد سان شادي ڪري، انهيءَ لاءِ تہ هر شخص پنهنجي اباڻي ورثي جو وارث رهي. 9اهڙيءَ طرح ڪنهن جو بہ ورثو هڪڙي قبيلي مان ٻئي قبيلي ۾ نہ وڃي، بلڪ هر ڪو قبيلو پنهنجو ورثو پنهنجي قبضي ۾ رکي.“
10سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو تيئن ئي صلافحاد جي ڌيئرن ڪيو. 11صلافحاد جون ڌيئر محلاہ، ترضاہ، حجلاہ، مِلڪاہ ۽ نوعاہ پنهنجن سؤٽن سان ئي پرڻيون. 12انهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي اولاد جي گھراڻن ۾ شادي ڪئي ۽ انهن جو ورثو سندن پيءُ جي قبيلي ۾ ئي رهيو.
13اِهي آهن اُهي حڪم ۽ قانون جيڪي خداوند اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 36: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in