رسولن جا ڪم تعارف
تعارف
”رسولن جا ڪم“ نالي ھي مقدس ڪتاب لوقا طبيب، جيڪو عيسيٰ مسيح جي شاگردن مان ھڪ ھو، تنھن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جو وڌيڪ سلسليوار حصو آھي. انھيءَ جو مکيہ مقصد ھي ٻڌائڻ آھي تہ عيسيٰ مسيح جي پھرين شاگردن پاڪ روح جي رھنمائيءَ ھيٺ سندس متعلق خوشخبريءَ کي يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ ڪيئن پھچايو (۸:۱). ھن ۾ اھو بہ ٻڌايل آھي تہ ماڻھن ڪيئن مسيح تي ايمان آندو، جيئن تہ شروعات يھودين کان ٿي ۽ آخرڪار دنيا جي ٻين حصن جا ماڻھو بہ مسيحيت ۾ شامل ٿي ويا. ھن ڪلام ۾ اطمينان ڏياريندي پڙھندڙن کي يقيندھاني ڪرائي ويئي آھي تہ مسيح جا پوئلڳ رومي سلطنت لاءِ تخريبي سياسي انديشو نہ ھئا ۽ اھا بہ تہ مسيحيت ۾ ئي يھودي مذھب جو پورائو ھو.
”رسولن جا ڪم“ کي ٽن اھم حصن ۾ ورھائي سگھجي ٿو، جيڪي انھيءَ ھميشہ وسيع ٿيندو رھندڙ علائقي جو عڪس پيش ٿا ڪن، جنھن ۾ عيسيٰ مسيح متعلق خوشخبريءَ جو اعلان ڪيو ويو ھو ۽ ڪليسيا قائم ڪئي ويئي ھئي، يعني: ۱. يروشلم شھر ۾ مسيحيت جي شروعات، جيڪا عيسيٰ مسيح جي مٿي چڙھي وڃڻ کان بعد ٿي. ۲. يھوديہ ۽ سامريہ ۾ ڦھلاءُ. ۳. ڀونوچ سمنڊ واري علائقي ۾ روم تائين ڦھلاءُ.
”رسولن جا ڪم“ جي اھم خاصيت پاڪ روح جي سرگرمي آھي، جيڪو يروشلم ۾ عيد پنتيڪُست واري ڏينھن ايمان آڻيندڙن تي زور سان نازل ٿئي ٿو ۽ اھي سندس قدرت سان ڀرپور ٿين ٿا. ان کان علاوہ انھن واقعن ۾ جيڪي ھن ڪتاب ۾ ڄاڻايل آھن، پاڪ روح ڪليسيا ۽ انھيءَ جي اڳواڻن جي رھنمائي ڪرڻ ۽ کين سگھارو ڪرڻ کي پڻ جاري رکي ٿو. مسيحيت جي اوائلي پيغام جو خلاصو ڪيترن ئي خطبن ۾ آيل آھي ۽ جيڪي واقعا ”رسولن جا ڪم“ ۾ لکيل آھن سي ايمان آڻيندڙن جي زندگيءَ ۾ ۽ ڪليسيا جي رفاقت ۾ انھيءَ پيغام جي قوت ڏيکارين ٿا.
سِٽاءُ
شاھديءَ لاءِ تياري ۱:۱–۲۶
۱. عيسيٰ مسيح جو آخري حڪم ۽ واعدو ۱:۱–۱۴
۲. يھوداہ شاگرد جو جاءِنشين ۱۵:۱–۲۶
يروشلم ۾ شاھدي ۱:۲–۳:۸
يھوديہ ۽ سامريہ ۾ شاھدي ۴:۸–۲۵:۱۲
پولس رسول جي خدمت ۱:۱۳–۳۱:۲۸
۱. پھريون تبليغي سفر ۱:۱۳–۲۸:۱۴
۲. يروشلم ۾ رسولن ۽ بزرگن جي گڏجاڻي ۱:۱۵–۳۵
۳. ٻيو تبليغي سفر ۳۶:۱۵–۲۲:۱۸
۴. ٽيون تبليغي سفر ۲۳:۱۸–۱۶:۲۱
۵. پولس رسول جو يروشلم، قيصريہ ۽ روم ۾ قيد ٿيڻ ۱۷:۲۱–۳۱:۲۸
Currently Selected:
رسولن جا ڪم تعارف: SCLNT
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapistaging.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society

: