متي 20
20
انگورن جي باغ جا مزور
1”آسمان واري بادشاھت ڪنھن گھر جي مالڪ مثل آھي، جيڪو صبح جو سوير انھيءَ لاءِ ٻاھر نڪتو تہ پنھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزور بيھاري. 2ھنن سان روز جي مزوري ھڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنھنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين. 3پھر کن گذرڻ کان پوءِ ھو بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزور بہ واندا بيٺا آھن. 4انھن کي چيائين تہ ’اوھين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق ھوندو سو آءٌ اوھان کي ڏيندس،‘ 5تڏھن اھي بہ ويا. پوءِ ٻہ پھر گذريا تہ ھو وري ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور ڪيائين. ٽي پھر گذريا تہ وري بہ ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور موڪليائين. 6ھو وري چوٿين پھر بازار ويو ۽ وري بہ ائين ئي ماڻھن کي واندو بيٺل ڏٺائين ۽ کانئن پڇيائين تہ ’اوھين ھتي سڄو ڏينھن ڇو واندا بيٺا آھيو؟‘ 7انھن وراڻيو تہ ’ڇالاءِجو اسان کي پورھئي تي ڪنھن بہ ڪين بيھاريو آھي.‘ تنھن تي ھن چين تہ ’چڱو اوھين بہ وڃي منھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘
8 # لاو ۱۳:۱۹، شر ۱۵:۲۴ جڏھن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنھنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزورن کي سڏي کين مزوري ڏي. پھريائين انھن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا ھئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انھن کي ڏي جيڪي پھريائين ڪم تي بيٺل ھئا.‘ 9جيڪي ماڻھو چوٿين پھر ڪم تي بيٺا ھئا تن مان ھر ڪنھن کي ھڪ چانديءَ جو سڪو مليو. 10تنھنڪري جيڪي ماڻھو پھريائين اچي ڪم تي بيٺا ھئا انھن سمجھيو تہ ’شايد اسان کي گھڻو ملندو،‘ پر انھن مان بہ ھر ھڪ کي ھڪ چانديءَ جو سڪو مليو. 11انھن پيسا تہ کنيا پر مالڪ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا تہ 12’اسان، جن سڄو ڏينھن پورھيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي تن کي بہ تو اوتري ئي مزوري ڏني آھي جيتري رڳو ھڪڙي پھر کان بہ گھٽ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘ 13تنھن تي ھُن انھن مان ھڪڙي کي وراڻيو تہ ’ميان! مون تو سان ناحق ڪين ڪيو آھي. ڇا تو مون سان ھڪ چانديءَ جو سڪو مزوري ڪين ٻولي ھئي؟ 14جيڪي تنھنجو حق آھي سو وٺي ھليو وڃ. اھا منھنجي مرضي آھي تہ ھن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان. 15ڇا مون کي اھو حق نہ آھي جو پنھنجي پيسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ آءٌ سخي آھيان تنھن ڪري تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘ 16#مت ۳۰:۱۹، مر ۳۱:۱۰، لو ۳۰:۱۳ ساڳيءَ طرح جيڪي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا.“
ٽيون دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ
(مرقس ۳۲:۱۰–۳۴، لوقا ۳۱:۱۸–۳۴)
17جڏھن عيسيٰ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ رستي ۾ ھن پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي نويڪلائيءَ ۾ وٺي وڃي چيو تہ 18”ٻڌو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون جتي ابنآدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا. 19پوءِ اُھي کيس غير قومن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، چھبڪ ھڻندس ۽ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندس ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“
ھڪ ماءُ جو عرض
(مرقس ۳۵:۱۰–۴۵)
20پوءِ زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنھنجي ٻنھي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ پيرين پئي کيس ھڪ عرض ڪرڻ لڳي. 21عيسيٰ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي ھُن چيس تہ ”واعدو ڪريو تہ جڏھن اوھان جي بادشاھت اچي تہ منھنجو ھڪڙو پٽ اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويھي.“ 22عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ 23تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين منھنجو پيالو پيئندا. پر پنھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ منھنجي اختيار ۾ نہ آھي. اھي جايون انھن جون آھن جن جي لاءِ منھنجي پيءُ تيار ڪيون آھن.“
24جڏھن ٻين ڏھن شاگردن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ اھي ٻنھي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا. 25#لو ۲۵:۲۲–۲۶ پر عيسيٰ انھن کي سڏي چيو تہ ”اوھان کي خبر آھي تہ قومن جا سردار ماڻھن تي حڪم ٿا ھلائين ۽ انھن سردارن مٿان وري اميرن کي اختيار آھي. 26#مت ۱۱:۲۳، مر ۳۵:۹، لو ۲۶:۲۲ پر اوھان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو نوڪر ٿئي، 27۽ جيڪو اوھان مان اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اھو اوھان جو غلام ٿئي. 28ساڳيءَ طرح ابنآدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر انھيءَ لاءِ تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ پنھنجي جان گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي.“
ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ
(مرقس ۴۶:۱۰–۵۲، لوقا ۳۵:۱۸–۴۳)
29جيئن اھي يريحو شھر مان نڪري رھيا ھئا تہ ھڪ وڏو ميڙ عيسيٰ جي پويان آيو. 30ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا ھئا تن جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ لنگھي رھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“ 31خلق انھن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اھي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“ 32تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ انھن کي سڏي کانئن پڇيائين تہ ”اوھين ڇا ٿا چاھيو ۽ آءٌ اوھان جي لاءِ ڇا ڪريان؟“ 33انھن وراڻيو تہ ”سائين! اسان جي اکين کي کوليو.“ 34عيسيٰ کي انھن تي رحم اچي ويو، سو سندن اکين تي ھٿ لاتائين تہ اھي ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اھي بہ سندس پٺيان ھلڻ لڳا.
Currently Selected:
متي 20: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society

: