متي 24
24
ھيڪل جي برباديءَ بابت ٻڌائڻ
(مرقس ۱:۱۳–۲، لوقا ۵:۲۱–۶)
1عيسيٰ ھيڪل مان نڪتو پئي تہ سندس شاگرد وٽس آيا تہ جيئن کيس ھيڪل جون عمارتون ڏيکارين. 2ھن چيو تہ ”برابر، ھي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“
تڪليفون ۽ تباھيون
(مرقس ۳:۱۳–۱۳، لوقا ۷:۲۱–۱۹)
3عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو ھو تڏھن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا. انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ اوھان جي بادشاھت اچڻ جي ۽ ھن دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪھڙي نشاني ٿيندي؟“
4عيسيٰ وراڻيو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي، 5ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻھن کي ٺڳيندا . 6اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇالاءِجو پھريائين اھي ڳالھيون ضرور ٿينديون، پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي. 7قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. 8پر اھي سڀ ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات ھونديون.
9 # مت ۲۲:۱۰ پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا. 10ان وقت گھڻا ئي گمراھہ ٿيندا، ھڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ ھڪٻئي کان نفرت ڪندا. 11ڪيترا ئي نبي سڏائيندڙ ايندا ۽ گھڻن کي ٺڳيندا. 12بڇڙائي وڌي ويندي، تنھنڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو. 13#مت ۲۲:۱۰ پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو، اھو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. 14بادشاھت جي ھن خوشخبريءَ جي منادي سڄي دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاھدي ٿئي. تنھن کان پوءِ ھن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“
دھشتناڪ وقت
(مرقس ۱۴:۱۳–۲۳، لوقا ۲۰:۲۱–۲۴)
15 # دان ۲۷:۹، ۳۱:۱۱، ۱۱:۱۲ ”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي مقدس جاءِ ۾ بيٺل ڏسو، جنھن بابت دانيال نبي ٻڌائي ويو آھي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.) 16تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. 17#لو ۳۱:۱۷ جيڪو ماڻھو ڪوٺي جي ڇت تي ھجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي پنھنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي، 18۽ جيڪو ماڻھو ٻنيءَ ۾ ھجي سو بہ گھر ڏانھن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. 19انھن ڏينھن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان ھونديون يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. 20خدا کان دعا گھرو تہ شل اوھان جو ڀڄڻ سياري ۾ يا سبت جي ڏينھن نہ ٿئي. 21#دان ۱:۱۲، مڪا ۱۴:۷ ڇالاءِجو ان وقت وڏي مصيبت ايندي، اھڙي مصيبت جيڪا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينھن تائين نڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي. 22سو جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ھا تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا، پر خدا جي چونڊيلن خاطر انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو ويندو.
23پوءِ جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تہ ’اِجھو، مسيح ھيڏانھن آھي،‘ يا ’مسيح ھوڏانھن آھي،‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو، 24ڇالاءِجو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن. 25ڏسو، مون اڳ ۾ ئي اوھان کي اھو ٻڌائي ڇڏيو آھي.
26 # لو ۲۳:۱۷–۲۴ يا جيڪڏھن ھو اوھان کي چون تہ ’ڏسو، ھو رڻپٽ ۾ آھي‘ تہ متان ٻاھر نڪتا آھيو يا وري ھو چون تہ ’اِجھو، ھو اندرين ڪمري ۾ لڪل آھي‘ تہ يقين نہ ڪجو. 27ڇالاءِجو ابنآدم جي بادشاھت جو اچڻ ان کنوڻ وانگر ٿيندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولھہ تائين چمڪندي آھي.
28 # لو ۳۷:۱۷، ايو ۳۰:۳۹ جتي ڍونڍ ھوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“
ابنآدم جو اچڻ
(مرقس ۲۴:۱۳–۲۷، لوقا ۲۵:۲۱–۲۸)
29 # يس ۱۰:۱۳، ۴:۳۴، حز ۷:۳۲، يوا ۱۰:۲،۳۱، ۱۵:۳، مڪا ۱۲:۶–۱۳ ”انھن مصيبتن جي ڏينھن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون. 30#دان ۱۳:۷، زڪ ۱۰:۱۲–۱۴، مڪا ۷:۱ پوءِ ابنآدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابنآدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون. 31تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“
انجير جي وڻ مان سبق
(مرقس ۲۸:۱۳–۳۱، لوقا ۲۹:۲۱–۳۳)
32”انجير جي وڻ مان اوھين سبق پرايو. جڏھن ھن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏھن اوھين سمجھو ٿا تہ اونھارو آيو ڪي آيو. 33ساڳيءَ طرح جڏھن اوھين ھي سڀ ڳالھيون ٿيندي ڏسو تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھو تہ در تي اچي بيٺو آھي. 34آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اِھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي. 35زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“
سجاڳ رھو
(مرقس ۳۲:۱۳–۳۷، لوقا ۲۶:۱۷–۳۰، ۳۴–۳۶)
36”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان ۾ ملائڪ ٿا ڄاڻن ۽ نہ وري فرزند ئي ڄاڻي ٿو، رڳو پيءُ کي ئي انھيءَ جي خبر آھي. 37#پيد ۵:۶–۸ جيئن نوح جي ڏينھن ۾ ٿيو، تيئن ابنآدم جي بادشاھت جو اچڻ ٿيندو. 38ڇالاءِجو انھن ڏينھن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻھو کائيندا پيئندا رھيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، تان جو اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو. 39#پيد ۶:۷–۲۴ جيستائين طوفان آيو ۽ انھن سڀني ماڻھن کي لوڙھي نہ ڇڏيائين، تيستائين انھن کي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي. ابنآدم جي بادشاھت جو اچڻ بہ اھڙيءَ طرح ئي ٿيندو. 40انھيءَ وقت ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو. 41جيڪڏھن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون تہ ھڪڙي کنئين ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو. 42تنھن ڪري اوھين سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻتہ اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪھڙي ڏينھن اوھان جو خداوند ايندو. 43#لو ۳۹:۱۲–۴۰ انھيءَ لاءِ ھي سمجھو تہ جيڪڏھن ڪنھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور رات جو ڪھڙي وقت ايندو، تہ جيڪر ھو سجاڳ رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ ھڻڻ نہ ڏئي ھا. 44انھيءَ ڪري اوھان کي ھر وقت تيار رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻتہ ابنآدم اھڙي وقت ايندو جنھن جو اوھان کي گمان بہ نہ ھوندو.“
ايماندار ۽ بيايمان نوڪر
(لوقا ۴۱:۱۲–۴۸)
45”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي کاڌو پاڻي پوري وقت تي ڏئي؟ 46سڀاڳو آھي اھو نوڪر جنھن کي سندس مالڪ اچڻ مھل ائين ڪندو ڏسي. 47آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو. 48پر جيڪڏھن اھو نوڪر بڇڙو ھجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي، 49۽ اچي پنھنجي ساٿي نوڪرن کي مارڻ لڳي ۽ شرابين سان کائڻ پيئڻ لڳي، 50تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ئي ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي. 51پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي رياڪارن جي ٽولي ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس، جتي ھو رڙيون ڪندو ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽيندو.“
Currently Selected:
متي 24: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society

: