1
متي 36:12-37
Hindu Sindhi Bible
آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو. اوهان جا لفظ ئي اوهان کي ڏوهي يا بيڏوهي قرار ڏياريندا.“
Compara
Explorar متي 12:36-37
2
متي 34:12
سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.
Explorar متي 12:34
3
متي 35:12
هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو.
Explorar متي 12:35
4
متي 31:12
تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪنهن بہ پاپ يا ايشور جي نندا جي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ نندا جي جيڪا پوِتر آتما جي خلاف بڪي وڃي ٿي. اها هرگز نہ بخشي ويندي.
Explorar متي 12:31
5
متي 33:12
يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جيڪڏهن اوهين وڻ کي سٺو چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ سٺو هوندو ۽ جيڪڏهن وڻ کي خراب چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ خراب هوندو، ڇاڪاڻ تہ وڻ کي سندس ميوي مان ئي سڃاڻبو آهي.
Explorar متي 12:33
Inici
La Bíblia
Plans
Vídeos