1
پيدائش 6:3
Sindhi Bible
جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.
Σύγκριση
Διαβάστε پيدائش 3:6
2
پيدائش 1:3
هاڻي خداوند خدا جيڪي جهنگ جا جانور جوڙيا هئا، تن ۾ نانگ سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن زال کي چيو تہ ڇا اهو سچ آهي، تہ خدا چيو آهي تہ اوهين باغ جي ڪنهن بہ وڻ جو ميوو نہ کائجو؟
Διαβάστε پيدائش 3:1
3
پيدائش 15:3
۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.
Διαβάστε پيدائش 3:15
4
پيدائش 16:3
پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.
Διαβάστε پيدائش 3:16
5
پيدائش 19:3
تون پنهنجي بت جي پگهر جي ماني کائيندين، جيسين ڪ تون موٽي زمين ۾ وڃين؛ ڇا لاءِ جو تون انهيءَ مان نڪتو هئين: تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.
Διαβάστε پيدائش 3:19
6
پيدائش 17:3
۽ آدم کي چيائين، جيئن تہ تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، جنهن بابت مون توکي حڪم ڪيو هو تہ اهو نہ کائج، انهيءَ لاءِ زمين تنهنجي ڪري لعنتي ٿي، تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري، انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين؛
Διαβάστε پيدائش 3:17
7
پيدائش 11:3
هن چيس تہ توکي ڪنهن ٻڌايو تہ تون اُگهاڙو آهين؟ تو انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو ڇا، جنهن جي کائڻ کان مون توکي منع ڪئي هئي؟
Διαβάστε پيدائش 3:11
8
پيدائش 24:3
سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.
Διαβάστε پيدائش 3:24
9
پيدائش 20:3
۽ آدم پنهنجيءَ زال جو نالو حوا رکيو، ڇالاءِ جو هوءَ سڀني ساهوارن جي ماءُ هئي.
Διαβάστε پيدائش 3:20
Αρχική
Αγία Γραφή
Σχέδια
Βίντεο