1
لوقا 38:6
Hindu Sindhi Bible
ٻين کي ڏيندا رهو تہ ايشور کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، ايشور کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“
Σύγκριση
Διαβάστε لوقا 6:38
2
لوقا 45:6
هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.“
Διαβάστε لوقا 6:45
3
لوقا 35:6
پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو لاڀ ملندو ۽ اوهين مهان ايشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ ڪرپالو آهي.
Διαβάστε لوقا 6:35
4
لوقا 36:6
تنهنڪري ڪرپالو ٿيو، جيئن اوهان جو آڪاشي پتا ڪرپالو آهي.“
Διαβάστε لوقا 6:36
5
لوقا 37:6
”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ ايشور بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ ايشور بہ اوهان کي معاف ڪندو.
Διαβάστε لوقا 6:37
6
لوقا 27:6-28
”پر اي منهنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوهان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو. جيڪي اوهان کي سراپ ڏين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن تن لاءِ بہ پرارٿنا ڪريو.
Διαβάστε لوقا 6:27-28
7
لوقا 31:6
جهڙو سلوڪ اوهين ماڻهن کان چاهيو ٿا تهڙو ئي سلوڪ اوهين ٻين سان ڪريو.
Διαβάστε لوقا 6:31
8
لوقا 29:6-30
جيڪو اوهان جي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو اوهان جو ڪوٽ کسي وٺي تنهن کي قميص ڏيڻ لاءِ بہ تيار رهو. جيڪو اوهان کان ڪجھہ گھري تنهن کي ڏيو. جيڪو اوهان جو مال کسي وٺي تنهن کان موٽائي نہ گھرو.
Διαβάστε لوقا 6:29-30
9
لوقا 43:6
”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو.
Διαβάστε لوقا 6:43
10
لوقا 44:6
سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آهي، ڇو تہ ماڻهو ڪَنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن.
Διαβάστε لوقا 6:44
Αρχική
Αγία Γραφή
Σχέδια
Βίντεο