1
متي 20:18
Hindu Sindhi Bible
ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“
Σύγκριση
Διαβάστε متي 18:20
2
متي 19:18
سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ پرارٿنا ڪندا تہ منهنجو آڪاش وارو پتا اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو،
Διαβάστε متي 18:19
3
متي 2:18-3
تنهن تي يسوع هڪ ٻار کي سڏي انهن جي سامهون بيهاري چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آڪاش جي راڄ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا.
Διαβάστε متي 18:2-3
4
متي 4:18
ڏسو، آڪاش جي راڄ ۾ سڀ کان وڏو اُهو آهي جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر نماڻو ۽ نهٺو ٿو ڪري
Διαβάστε متي 18:4
5
متي 5:18
۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“
Διαβάστε متي 18:5
6
متي 18:18
”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي منع ڪندا، تنهن جي آڪاش کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي آگيا ڏيندا، تنهن جي آڪاش کان بہ آگيا ڏني ويندي.
Διαβάστε متي 18:18
7
متي 35:18
پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آڪاش وارو پتا بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“
Διαβάστε متي 18:35
8
متي 6:18
يسوع وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي وشواس آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائيندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.
Διαβάστε متي 18:6
9
متي 12:18
ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪ وڃائجي وڃيس تہ ان جي لاءِ هو ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن هڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟
Διαβάστε متي 18:12
Αρχική
Αγία Γραφή
Σχέδια
Βίντεο