Λογότυπο YouVersion
Εικονίδιο αναζήτησης

لوقا 16

16
بي‌ايمان منشيءَ جي هوشياري
1پوءِ يسوع چيلن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘ 2تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘ 3تڏهن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ آءٌ ڇا ڪندس؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجو مالڪ تہ مون کي مُنشيگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر هڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانهي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي. 4سو هاڻي اهڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏهن منهنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻهو مون کي پنهنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘ 5پوءِ ڇا ڪيائين جو شاهوڪار جي هڪڙي هڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پهرئين کان پڇيائين تہ ’منهنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘ 6هن کيس وراڻيو تہ ’زيتون جي تيل جا چاليهن ليٽرن وارا هڪ سؤ مٽ.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويهي پنهنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاهہ مٽ لکي ڏي.‘ 7پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘ هن ورندي ڏني تہ ’هڪ هزار ٻوريون ڪڻڪ.‘ انهيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنهنجي رسيد کڻي اٺ سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘ 8اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي ساراهہ ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ ايشور جي راڄ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“
9يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنساري دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن امر گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي. 10جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رهندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي‌ايمان آهي سو گھڻي ۾ بہ بي‌ايمان ٿيندو. 11سو جيڪڏهن اوهين هن سنساري دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟ 12جيڪڏهن اوهين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان جي ملڪيت اوهان جي حوالي ڪندو؟
13 # مت 6‏:24 ڪوبہ غلام هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.“
يسوع مسيح جو فريسين کي ڇينڀڻ
(متي 11‏:12‏-13، 5‏:31‏-32، مرقس 10‏:11‏-12)
14فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي يسوع جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. 15تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر ايشور اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو ايشور جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“
16 # مت 11‏:12‏-13 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جو نيم شاستر توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جا شاستر يوحنا جي وقت تائين لاڳو رهيا. تنهن کان پوءِ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ٿيڻ لڳو ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي. 17#مت 5‏:18 تنهن هوندي بہ ڌرتيءَ ۽ آڪاش جو ٽري وڃڻ آسان آهي، پر نيم شاستر جو هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي. 18#مت 5‏:32، 1.ڪر 7‏:10‏-11 ڏسو، نيم موجب جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو زنا ٿو ڪري ۽ جيڪو پتيءَ جي طلاق ڏنل ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو بہ زنا ٿو ڪري.“
لعزر ۽ هڪ شاهوڪار جو مثال
19يسوع مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو. 20لعزر نالي ناسورن ورتل هڪ غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويهاريو ويندو هو. 21لعزر چاهيندو هو تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جي اوبر وارن ٽڪر ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، جڏهن تہ ڪتا بہ اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا هئا. 22پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ دوتن کڻي وڃي کيس سُرڳ ۾ ابرهام جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو. 23هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابرهام نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو. 24تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي پتا ابرهام! مون تي ديا ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘ 25پر ابرهام چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي جيون ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين. 26انهيءَ کان علاوہ اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاهہ آهي، تنهنڪري جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوهان وٽان ڪو اسان ڏانهن اچي سگھندو.‘ 27شاهوڪار چيو تہ ’چڱو ڀلا پتا! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ لعزر کي منهنجي پتا جي گھر ڀائرن ڏانهن موڪليو. 28جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘ 29تنهن تي ابرهام وراڻيس تہ ’انهن وٽ موسيٰ جو نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جون لکتون تہ موجود آهن، هو اهي ٻڌي سگھن ٿا.‘ 30پر شاهوڪار چيس تہ ’نہ، پتا ابرهام! جيڪڏهن ڪو مئلن مان انهن وٽ ويندو، تہ اهي توبهہ ڪندا.‘ 31ابرهام چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين سنتن جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيوت ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“

Επιλέχθηκαν προς το παρόν:

لوقا 16: HSB

Επισημάνσεις

Κοινοποίηση

Αντιγραφή

None

Θέλετε να αποθηκεύονται οι επισημάνσεις σας σε όλες τις συσκευές σας; Εγγραφείτε ή συνδεθείτε