Λογότυπο YouVersion
Εικονίδιο αναζήτησης

لوقا 21

21
وڌوا جو دان ڏيڻ
(مرقس 12‏:41‏-44)
1 يسوع جڏهن نهاريو، تڏهن ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي دان واري پيتيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا دان وجھي رهيا آهن. 2هن هڪ غريب وڌوا کي بہ ان پيتيءَ ۾ ٻہ ننڍڙا سڪا وجھندي ڏٺو. 3تنهن تي هن چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن غريب وڌوا سڀني کان وڌيڪ دان ڏنو آهي. 4جڏهن تہ ٻين، جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان ڏنو آهي، پر هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ ڏنائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“
هيڪل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي
(متي 24‏:1‏-2، مرقس 13‏:1‏-2)
5ڪي چيلا هيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”هي ڪيڏن نہ سهڻن پٿرن ۽ دان وارين سوکڙين سان سينگاريل آهي.“ تنهن تي يسوع چيو تہ 6”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“
تڪليفون ۽ تباهيون
(متي 24‏:3‏-14، مرقس 13‏:3‏-13)
7پوءِ انهن پڇيس تہ ”اي گرو! اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ اها ڪهڙي نشاني هوندي جنهن مان سڌ پوي تہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي پهتو آهي؟“ 8يسوع چين تہ ”هوشيار رهو، متان ڀَٽڪي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ. 9بلڪ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏهن گھٻرائجو نہ، ڇو تہ اهي ڳالهيون پهريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.“
10يسوع انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙهندي، راڄ، راڄ تي چڙهائي ڪندو، 11وڏا وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي هنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. ان کان علاوہ آڪاش ۾ هيبتناڪ ڳالهيون ۽ وڏيون نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون.
12پر هنن ڳالهين ٿيڻ کان اڳي ئي منهنجي نالي جي ڪري اوهين سوگھا ڪيا ويندا، اوهان کي ستايو ويندو، ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويندو، جيلن ۾ وڌو ويندو ۽ راجائن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو. 13انهيءَ مان اوهان کي ايشور جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائڻ جو موقعو ملي ويندو. 14#لو 12‏:11‏-12 تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ پڪو ارادو ڪريو تہ اوهين پنهنجي بچاءَ ۾ جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا، 15ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو. 16اوهان جا ماتا پتا، ڀائر ڀينر، مٽ مائٽ ۽ سنگتي ساٿي بہ اوهان کي پڪڙائيندا ۽ اوهان مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو. 17هائو، منهنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا. 18پر اوهين بلڪل محفوظ آهيو. 19سو انهن ڳالهين تي ثابت قدم رهي پنهنجي جان بچايو.“
يروشلم جي تباهيءَ بابت ٻڌائڻ
(متي 24‏:15‏-21، مرقس 13‏:14‏-19)
20”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. 21پوءِ جيڪي هن شهر ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گھڙن، بلڪ يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. 22#هوس 9‏:7 اهي ايشور جي ڏمر جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيئن پوِتر شاستر جون سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿين. 23افسوس آهي انهن نارين تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي ڏمر پرگھٽ ٿيندو. 24انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“
منش‌پتر جو موٽي اچڻ
(متي 24‏:29‏-31، مرقس 13‏:24‏-27)
25 # يس 13‏:10، حز 32‏:7، يوا 2‏:31، آڪ 6‏:12‏-13 ”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو. 26جيئن تہ آڪاشي طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي پرگھٽ ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون. 27#دان 7‏:13، آڪ 1‏:7 تڏهن هو منش‌پتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان هڪڙي ڪڪر تي ايندي ڏسندا. 28جڏهن اهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن تہ اٿي کڙا ٿجو ۽ مٿي نهارجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو ڇڏائجڻ اوهان جي ويجھو هوندو.“
وقت کي سڃاڻڻ
(متي 24‏:32‏-35، مرقس 13‏:28‏-31)
29يسوع چيلن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”انجير جي وڻ بلڪ سڀني وڻن تي غور ڪريو. 30جيئن ئي انهن ۾ پن اچن ٿا تہ اوهين پاڻ ئي ڄاڻي ٿا وٺو تہ اونهارو آيو ڪي آيو. 31ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھي وٺجو تہ ايشور جو راڄ اچڻ وارو آهي.
32آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ #21‏:32 هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون هيڪل جي برباديءَ بابت يسوع مسيح جي ڪيل اڳڪٿي، جيڪا متي 24‏:2 ۾ بيان ٿيل آهي، سا رومي حڪومت جي هٿان 70 عيسويءَ ۾ پوري ٿيهن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون. 33ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“
پاڻ کي سنڀاليو
34”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن جيون جي چنتائن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو منش‌پتر جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي. 35هائو، اهو ڦندي وانگر سڄي ڌرتيءَ جي رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو. 36انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منش‌پتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“
37 # لو 19‏:47 يسوع ڏينهن جو روزانو هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هو ۽ رات جو شهر کان ٻاهر وڃي زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو هو. 38صبح جو سوير هر ڪو ماڻهو سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ وٽس هيڪل ۾ ايندو هو.

Επιλέχθηκαν προς το παρόν:

لوقا 21: HSB

Επισημάνσεις

Κοινοποίηση

Αντιγραφή

None

Θέλετε να αποθηκεύονται οι επισημάνσεις σας σε όλες τις συσκευές σας; Εγγραφείτε ή συνδεθείτε