Logo de YouVersion
Icono de búsqueda

پيدائش 6

6
انسان جي بڇڙائي
1 # ايو 1‏:6، 2‏:1 جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ ماڻهو پکڙجي ويا ۽ انهن مان ڌيئرون پيدا ٿيون، 2تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي. 3تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“ 4#ڳا 13‏:33 تن ڏينهن ۾ ۽ پوءِ بہ، زمين تي راڪاس هئا، جيڪي آسماني مخلوق ۽ انهن عورتن جو اولاد هئا. اهي ئي پراڻي زماني جا نالي وارا پهلوان هئا.
5 # مت 24‏:37، لو 17‏:26، 1.پط 3‏:20 پوءِ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هر ماڻهو بڇڙائي ڪرڻ ۾ وڌي ويو آهي ۽ انهن جي دل جا خيال هر وقت بڇڙائيءَ جي ڳالهين سان ڀريل آهن، 6تڏهن خداوند کي ڌرتيءَ تي انسان جي پيدا ڪرڻ جو افسوس ٿيو ۽ دل ۾ ڏک ٿيس. 7سو خداوند چيو تہ ”جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندس، جانورن، سرندڙ جيتن توڙي پکين سميت، ڇاڪاڻ تہ کين پيدا ڪرڻ کان مون کي ڏک ٿيو آهي.“ 8پر نوح خداوند جي نظر ۾ مقبول ٿيو.
نوح جو هڪ ٻيڙو ٺاهڻ
9‏-10 # 2.پط 2‏:5 نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو. 11پر ٻيو هر ڪو خدا جي نظر ۾ بگڙيل هو ۽ هر هنڌ ظلم ئي ظلم هو. 12خدا دنيا تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ اها خراب ٿي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن جي هلت چلت بڇڙي ٿي ويئي هئي.
13پوءِ خدا نوح کي چيو تہ ”مون انسانذات کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. آءٌ انهن کي بلڪل تباهہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ دنيا انهن جي ظلم سان ڀرجي ويئي آهي. 14تون ديال جي ڪاٺ مان پنهنجي لاءِ هڪ ٻيڙو ٺاهج، انهيءَ ٻيڙي ۾ ڪوٺيون ٺاهج ۽ ٻيڙي کي اندران ۽ ٻاهران رال لڳائج. 15ٻيڙو اهڙيءَ طرح ٺاهج جو ان جي ڊيگھہ هڪ سؤ چوٽيهہ ميٽر هجي، ويڪر ٻاويهہ ميٽر ۽ اوچائي تيرهن ميٽر هجي. 16ٻيڙي جي ڇت کان اڌ ميٽر هيٺ تائين روشندان وانگر چوڌاري کُليل جاءِ رکج. ٻيڙي ۾ ٽي طبقا ٺاهج ۽ پاسي ۾ هڪ در رکج. 17آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو. 18#پيد 9‏:10پر تو سان آءٌ پنهنجو عهد ڪندس. تون پنهنجيءَ زال، پنهنجي پٽن ۽ انهن جي زالن سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهج. 19‏-20هر قسم جي جانورن، هر قسم جي پکين ۽ هر قسم جي سرندڙ جيتن مان ٻہ ٻہ، يعني نر ۽ مادي تو وٽ ايندا، جن کي تون پاڻ سان ٻيڙي ۾ کڻج تہ جيئن اهي جيئرا رهن. 21پنهنجي ۽ هنن جي لاءِ هر قسم جو کاڌو بہ کڻ.“ 22#عبر 11‏:7 سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خدا کيس فرمايو هو.

Actualmente seleccionado:

پيدائش 6: MSB

Destacar

Compartir

Copiar

None

¿Quieres tener guardados todos tus destacados en todos tus dispositivos? Regístrate o inicia sesión