يوحنا 4

4
عيسيٰ مسيح ۽ هڪ سامري عورت
1 عيسيٰ کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي. 2جڏهن تہ حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رهيا هئا. 3انهيءَ ڳالهہ جي ڪري عيسيٰ يهوديہ کي ڇڏي موٽي گليل علائقي ڏانهن روانو ٿيو.
4رستي ۾ کيس سامريہ جي علائقي وٽان لنگھڻو هو. 5#پيد 33‏:19، يش 24‏:32 اتي هو سامريہ جي سوخار نالي هڪڙي شهر جي ويجھو اچي پهتو، جيڪو انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ هو جيڪا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي. 6انهيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوهہ هو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، سو کوهہ جي ڀرسان ويهي رهيو. اهو اٽڪل منجھند جو وقت هو.
7‏-8ايتري ۾ اتي هڪ سامري عورت پاڻي ڀرڻ آئي. جيئن تہ عيسيٰ جا شاگرد شهر مان کاڌو وٺڻ ويا هئا، سو عيسيٰ انهيءَ کي چيو تہ ”مون کي پاڻي پيئار.“ 9#عز 4‏:1‏-5، نحم 4‏:1‏-2 تنهن تي انهيءَ عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يهودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ هن ائين انهيءَ لاءِ چيو جو يهودي ماڻهو اهي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا هئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا هئا. 10عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.“ 11عورت کيس چيو تہ ”سائين! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ 12ڇا اوهين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آهيو، جنهن هي کوهہ اسان کي ڏنو هو؟ هِن مان هو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا هئا.“ 13عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو هي پاڻي پيئي ٿو تنهن کي وري اڃ لڳي ٿي. 14پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“ 15تنهن تي انهيءَ عورت چيو تہ ”اي سائين! پوءِ مون کي اهو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري هيترو پنڌ ڪري هتي پاڻي ڀرڻ اچان.“ 16تڏهن عيسيٰ چيس تہ ”وڃ ۽ پنهنجي مڙس کي وٺي اچ.“ 17پر عورت وراڻيس تہ ”مون کي تہ مڙس آهي ئي ڪونہ.“ عيسيٰ چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي مڙس ڪونهي، 18ڇاڪاڻ تہ تون پنج مڙس ڪري چڪي آهين ۽ هاڻي جنهن شخص وٽ تون رهين ٿي، سو تنهنجو مڙس نہ آهي.“ 19تنهن تي عورت کيس چيو تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوهين ڪي نبي آهيو. 20اسان جا وڏا تہ #4‏:20 هن سامهون واري جبل تي هي جبل يعقوب جي کوهہ جي سامهون هو، جنهن جو نالو گرزيم آهي.هن سامهون واري جبل تي عبادت ڪندا هئا، پر اوهين يهودي چئو ٿا تہ ’جنهن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آهي.‘“ 21عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن اوهين پيءُ جي عبادت نہ هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾ ڪندا. 22اوهين سامري انهيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آهي. 23پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي پيءُ جي عبادت ڪندا. هائو، پيءُ بہ چاهي ٿو تہ اهڙا عبادت ڪندڙ هجن. 24خدا روح آهي، سو اهو ضروري آهي تہ عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس عبادت ڪن.“
25پوءِ عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي. سو جڏهن اهو ايندو تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو.“ 26تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان.“
27ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ هو عورت ذات سان ويٺو ڳالهائي. پر انهن مان ڪنهن بہ انهيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کان پڇيائون تہ ”اوهين هن سان ڇو ٿا ڳالهايو؟“
28پوءِ اها عورت پنهنجو دلو اتي ڇڏي شهر ڏانهن موٽي ويئي ۽ ماڻهن کي چيائين تہ 29”هلو ۽ هڪ شخص تہ ڏسو، جنهن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آهي. ڇا اهو مسيح تہ نہ آهي؟“ 30تنهن تي اهي شهر مان نڪري عيسيٰ وٽ آيا.
31هوڏانهن عيسيٰ جي شاگردن کيس عرض ڪيو تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“ 32پر هن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اهڙو کاڌو آهي، جنهن جي اوهان کي ڪابہ خبر نہ آهي.“ 33تنهن تي سندس شاگرد هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن لاءِ ڪنهن کاڌو آندو آهي؟“ 34عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان.
35ڇا اوهان ۾ چوڻي نہ آهي تہ ’فصل اڃا ناهي تيار، لاباري ۾ لڳندا مهينا چار‘؟ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانهن نهاريو جو اهي لاباري لاءِ هاڻي بلڪل تيار آهن. 36ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين. 37ان تي هيءَ چوڻي ٺهڪي اچي ٿي تہ ’پوکي هڪڙو ٿو ۽ لڻي ٻيو ٿو.‘ 38مون اوهان کي موڪليو تہ ان فصل جو لابارو ڪندا رهو جيڪو اوهان نہ پر ٻين محنت ڪري پوکيو آهي ۽ اوهين انهن جي ڪم مان فائدو وٺو ٿا.“
39انهيءَ شهر جي گھڻن ئي سامرين ان عورت جي شاهديءَ جي ڪري عيسيٰ تي ايمان آندو، جنهن ۾ هن چيو پئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو سڀ هن مون کي ٻڌايو آهي.“ 40سو اهي سامري عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس عرض ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن عيسيٰ ٻہ ڏينهن اتي رهيو.
41سندس ڳالهين جي ڪري ٻين بہ گھڻن ئي مٿس ايمان آندو. 42پوءِ اهي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اسين رڳو تنهنجي چوڻ تي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آهي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ هيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ آهي.“
عملدار جي پٽ کي شفا ڏيڻ
43انهن ٻن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل علائقي ڏانهن هليو ويو. 44#مت 13‏:57، مر 6‏:4، لو 4‏:24 ياد رهي تہ عيسيٰ پاڻ اڳي چيو هو تہ ”ڪنهن بہ نبيءَ کي پنهنجي ديس ۾ عزت نہ ٿي ملي.“ 45#يو 2‏:23 هاڻ جڏهن هو گليل ۾ پهتو تہ اتي جي ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو. پر اهو انهيءَ ڪري جو هنن اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو هو جيڪو عيسيٰ يروشلم ۾ عيد فصح جي موقعي تي ڪيو هو، جڏهن هو بہ عيد ملهائڻ ويا هئا.
46 # يو 2‏:1‏-11 عيسيٰ وري گليل جي ڳوٺ قانا ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ کي مئي بڻايو هو. ڪفرناحوم شهر ۾ هڪ عملدار هو جنهن جو پٽ بيمار هو. 47هن جڏهن ٻڌو تہ عيسيٰ يهوديہ کان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مهرباني ڪري هلي منهنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو مرڻ تي آهي.“ 48تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“ 49عملدار وراڻيس تہ ”سائين! مون سان هلو، متان منهنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“ 50عيسيٰ کيس چيو تہ ”وڃ، تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن عيسيٰ چيس تيئن هن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانهن روانو ٿيو. 51عملدار اڃا گھر ڏانهن وڃي رهيو هو تہ سندس نوڪر کيس رستي تي گڏيا ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنهنجو پٽ خوش ٿي ويو آهي.“ 52تنهن تي هن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اها ڪهڙي مهل هئي جڏهن منهنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو؟“ انهن وراڻيس تہ ”ڪالهہ منجھند جو هڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“ 53تنهن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اهو ئي وقت هو جڏهن عيسيٰ کيس چيو هو تہ ”تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انهيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين عيسيٰ تي ايمان آندو.
54هي ٻيو معجزو هو، جيڪو عيسيٰ ٻيهر يهوديہ کان گليل اچي ڏيکاريو هو.

Tällä hetkellä valittuna:

يوحنا 4: MSB

Korostus

Jaa

Kopioi

None

Haluatko, että korostuksesi tallennetaan kaikille laitteillesi? Rekisteröidy tai kirjaudu sisään