لوقا 13

13
توبهہ ڪر يا مر
1ان مهل ڪن ماڻهن عيسيٰ کي انهن گليلين بابت ٻڌايو، جيڪي قرباني ڪري رهيا هئا تہ گورنر پلاطس کين مارائي ڇڏيو هو. 2تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڌيڪ گنهگار هئا، تنهنڪري هنن سان اهڙو ظلم ٿيو؟ 3آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آهي، پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا. 4يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ گنهگار هئا؟ 5آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نہ. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.“
انجير جي بي‌ڦل وڻ جو مثال
6عيسيٰ ماڻهن کي هي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي انگورن جو باغ هو جنهن ۾ انجير جو وڻ پوکيل هو. هڪ ڏينهن هو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر هن هڪ بہ نہ لڌو. 7تڏهن هن مالهيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انهيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رهيو آهيان پر هڪ بہ نہ مليو اٿم. تنهنڪري هن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو هروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آهي.‘ 8مالهيءَ جواب ڏنس تہ ’سائين! هن وڻ کي هڪ سال ٻيو بہ ڇڏيو تہ آءٌ هن جي چوڌاري چلهو کوٽيان ۽ ڀاڻ ڏيانس. 9پوءِ جيڪڏهن ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، نہ تہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“
سبت جي ڏينهن ڪُٻي عورت کي شفا ڏيڻ
10هڪڙي دفعي سبت جي ڏينهن تي عيسيٰ عبادت‌خاني ۾ ويٺي تعليم ڏني. 11اتي هڪڙي عورت هئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ڪُٻي ٿي ويئي هئي. هوءَ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي هئي. 12عيسيٰ جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“ 13تڏهن عيسيٰ مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي. 14#خر 20‏:9‏-10، شر 5‏:13‏-14 اهو ڏسي عبادت‌خاني جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ سبت جي ڏينهن بيمار کي شفا بخشي هئي. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ شفا پايو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“ 15خداوند وراڻي ڏيندي چيو تہ ”اي رياڪارؤ! سبت جي ڏينهن هر ڪو پنهنجي ڏاند يا گڏهہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آهي ڇا؟ 16تڏهن هيءَ عورت جيڪا ابراهيم جي اولاد مان آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن انهيءَ قيد مان ڇڏائڻ جائز نہ هو ڇا؟“ 17عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.
سرنهن جي داڻي ۽ خمير جا مثال
(متي 13‏:31‏-33، مرقس 4‏:30‏-32)
18پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”خدا جي بادشاهي ڇا جي مثل آهي. ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان. 19اها سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“
20عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”خدا جي بادشاهيءَ کي آءٌ ٻيو ڇا سان ڀيٽيان. 21اها خمير جي مثل آهي، جيڪو ڪنهن عورت کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
سوڙهو دروازو
(متي 7‏:13‏-14‏،21‏-23)
22جيئن عيسيٰ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ تعليم ڏيندو يروشلم ڏانهن پئي ويو، 23تہ ڪنهن ماڻهوءَ پڇيس تہ ”اي سائين! ڪن ٿورن کي ڇوٽڪارو ملندو ڇا؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ 24”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.
25جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘ 26تنهن تي اوهين کيس چوندا تہ ’اسان اوهان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوهين اسان جي چونڪن ۾ تعليم ڏيندا هئا.‘ 27#زب 6‏:8 پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘ 28#مت 22‏:13، 25‏:30 #مت 8‏:11‏-12 پوءِ اوهين افسوس وچان روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ جڏهن پاڻ کي ٻاهر ڌِڪيل ۽ ابراهيم، اسحاق، يعقوب ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ شامل ڏسندءُ. 29ان کان علاوہ اوڀر ۽ اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ کان غير قومن وارا ايندا ۽ اچي خدا جي بادشاهيءَ واري دعوت ۾ شريڪ ٿيندا. 30#مت 19‏:30، 20‏:16، مر 10‏:31 ڏسو، تڏهن ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن، سي اڳيان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن، سي پويان ٿيندا.“
عيسيٰ مسيح جو يروشلم لاءِ افسوس ڪرڻ
(متي 23‏:37‏-39)
31ايتري ۾ ڪن فريسين عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”هتان نڪري هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ #13‏:31 هيروديس حڪمران هي بادشاهہ هيروديس اعظم جو پٽ هو جيڪو گليل صوبي تي حڪمراني ڪندو هو.هيروديس حڪمران اوهان جي مارائڻ جي پويان آهي.“ 32عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”انهيءَ لومڙ کي وڃي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينهن پنهنجو ڪم رسائي پورو ڪندس. 33پر تڏهن بہ مون لاءِ ضروري آهي تہ آءٌ اڄ، سڀاڻ ۽ پرينهن پنهنجو سفر جاري رکان، ڇاڪاڻ تہ ائين ٿي ئي نہ ٿو سگھي جو ڪو نبي يروشلم کان ٻاهر قتل ڪيو وڃي.
34 يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو. 35#زب 118‏:26، ير 22‏:5 هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي. آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون مون کي تيستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ
’سڀاڳو آهي اهو،
جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“

Tällä hetkellä valittuna:

لوقا 13: MSB

Korostus

Jaa

Kopioi

None

Haluatko, että korostuksesi tallennetaan kaikille laitteillesi? Rekisteröidy tai kirjaudu sisään