لوقا 9

9
ٻارهن شاگردن کي موڪلڻ
(متي 10‏:5‏-15، مرقس 6‏:7‏-13)
1عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي سڏي کين هيءَ طاقت ۽ اختياري ڏني تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍن ۽ بيمارن کي شفا ڏين. 2پوءِ انهن کي موڪليائين تہ ”وڃي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪريو ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو.“ 3#لو 10‏:4‏-11 هن کين اهو تاڪيد بہ ڪيو تہ ”رستي لاءِ ڪجھہ بہ نہ کڻجو، نہ لٺ، نہ ٿيلهو، نہ ماني، نہ پئسا ۽ نہ وري ڪو وڌيڪ وڳو. 4جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهجو جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو. 5#رس 13‏:51 جنهن شهر جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ انهيءَ شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجن #9‏:5 پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو اها انهيءَ دور جي هڪ رسم هئي، جنهن مان مراد ڪنهن ڳالهہ کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ سڄي ذميواري سندن مٿان هجڻ جو اظهار ڪرڻ هو.پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“ 6تڏهن اهي شاگرد روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۽ هر هنڌ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳا.
هيروديس جو مونجھڪاري ۾ پوڻ
(متي 14‏:1‏-12، مرقس 6‏:14‏-29)
7 # مت 16‏:14، مر 8‏:28، لو 9‏:19 جڏهن عيسيٰ بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران #9‏:7 هيروديس هي بادشاهہ هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آهي،“ 8ڪن پئي چيو تہ ”الياس ظاهر ٿيو آهي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو وري جيئرو ٿيو آهي.“ 9تنهن تي هيروديس چيو تہ ”يحيٰ جي تہ مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هيءُ ڪير آهي جنهن بابت هن طرح جون ڳالهيون ٿا ٻڌون؟“ تڏهن هو عيسيٰ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
(متي 14‏:13‏-21، مرقس 6‏:30‏-44، يوحنا 6‏:1‏-14)
10اهي ٻارهن رسول جڏهن موٽي آيا، تڏهن عيسيٰ کي اهو سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي هنن ڪيو هو. پوءِ عيسيٰ انهن کي پاڻ سان گڏ نويڪلو وٺي بيت‌صيدا نالي شهر ڏانهن روانو ٿيو. 11پر جڏهن ماڻهن جي ميڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن اهي بہ عيسيٰ جي پٺيان اچي وٽس پهتا. هو انهن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاهيءَ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳو، جنهن کي ان جي ضرورت هئي.
12جڏهن سج لهڻ تي ٿيو تہ انهن ٻارهن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ اوسي‌پاسي وارن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهن ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ تہ اسين هِت ويران هنڌ تي آهيون.“ 13پر عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهين ئي کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنهن تي شاگردن وراڻيس تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي. باقي جيڪڏهن اوهين چئو تہ اسين هيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“ 14هنن اهو انهيءَ ڪري چيو تہ ميڙ ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا. تڏهن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”هنن کي پنجاهہ پنجاهہ جي ٽولين ۾ ڪري ويهاريو.“ 15پوءِ شاگردن عيسيٰ جي چوڻ موجب سڀني کي ويهاري ڇڏيو. 16تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانهن نهاري انهن ۾ برڪت گھري. پوءِ اهي ڀڃي هو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن. 17پوءِ تہ سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون.
پطرس جو عيسيٰ مسيح بابت اظهار
(متي 16‏:13‏-19، مرقس 8‏:27‏-29)
18هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رهيو هو ۽ سندس شاگرد ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ 19#مت 14‏:1‏-2، مر 6‏:14‏-15، لو 9‏:7‏-8 شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين الياس آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آهيو.“ 20#يو 6‏:68‏-69 هن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آهين.“ 21تڏهن کين تاڪيد ڪندي حڪم ڏنائين تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“
عيسيٰ مسيح جو پنهنجي تڪليفن ۽ موت بابت ٻڌائڻ
(متي 16‏:21‏-28، مرقس 8‏:31‏–9‏:1)
22عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاري.“ 23#مت 10‏:38، لو 14‏:27 پوءِ شاگردن سميت سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري سو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ هر روز پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي. 24#مت 10‏:39، لو 17‏:33، يو 12‏:25 ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ چاهيندو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو، سو انهيءَ کي بچائيندو. 25جيڪڏهن ماڻهو کڻي سڄي دنيا هٿ ڪري، پر پنهنجي جان وڃائي يا انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏي تہ ڪهڙو فائدو ٿيندس؟ 26ڏسو، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو، تنهن کان ابنِ آدم بہ شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي، پنهنجي ۽ پاڪ ملائڪن جي جلوي ۾ ايندو. 27آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين خدا جي بادشاهيءَ کي نہ ڏسندا.“
عيسيٰ مسيح جو نوراني صورت ۾ ظاهر ٿيڻ
(متي 17‏:1‏-8، مرقس 9‏:2‏-8)
28 # 2.پط 1‏:17‏-18 انهن ڳالهين جي اٽڪل اٺن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي هڪڙي جبل تي دعا گھرڻ لاءِ ويو. 29جيئن ئي هو دعا گھري رهيو هو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي. 30اتي جو اتي ٻہ شخص عيسيٰ سان ڳالهيون ڪندي نظر آيا. اهي موسيٰ ۽ الياس نبي هئا، 31جيڪي نوراني صورت ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. هنن عيسيٰ جي موت بابت پئي ڳالهايو جيڪو يروشلم ۾ ٿيڻو هو. 32ان وقت پطرس ۽ سندس ساٿي گَهري ننڊ ۾ هئا ۽ جڏهن جاڳيا، تڏهن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون. 33جڏهن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏهن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو اسين هتي آهيون. سو اسين ٽي تنبو کوڙيون، هڪڙو اوهان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس خبر ئي ڪانہ ٿي پئي تہ ڇا چئي رهيو آهي. 34اڃا هن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ جڏهن اهي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ شاگرد ڊڄي ويا. 35#يس 42‏:1، مت 3‏:17، 12‏:18، مر 1‏:11، لو 3‏:22 انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو فرزند ۽ منهنجو مخصوص ڪيل آهي، سو اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 36جڏهن اهو آواز آيو تڏهن عيسيٰ اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ شاگردن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون اتي ٿيندي ڏٺيون هئائون تن مان ڪابہ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان بہ نہ ڪيائون.
ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ
(متي 17‏:14‏-18، مرقس 9‏:14‏-27)
37ٻئي ڏينهن تي عيسيٰ پنهنجي ٽنهي شاگردن سان گڏ جبل تان لٿو تہ هڪ وڏو ميڙ اچي ساڻس مليو. 38‏-39تڏهن انهيءَ ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو تہ ”اي استاد! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو پٽ جنهن ۾ ڀوت آهي تنهن کي هلي ڏسو، ڇو تہ اهو منهنجو سڪيلڌو پٽ آهي. جڏهن اهو ڀوت اچي ٿو وٺيس، تہ هو اوچتو وٺيو رڙيون ٿو ڪري ۽ ڀوت اهڙو ٿو گھُٽيس جو گِگَ پئي وهيس ۽ ڏاڍا ايذاءَ ڏيندي مس مس ٿو منجھانئس نڪري. 40مون اوهان جي شاگردن کي بہ عرض ڪندي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو،‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“ 41تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بي‌يقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پيءُ کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“ 42جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين. 43سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا.
ٻيو دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
(متي 17‏:22‏-23، مرقس 9‏:30‏-32)
جڏهن سڀ ماڻهو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني شاگردن کي چيو تہ 44”هيءَ ڳالهہ پنهنجي هينئين سان هنڊايو تہ ابنِ آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.“ 45پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجھي. اها ڳالهہ کانئن ڳجھي رکي ويئي هئي تہ جيئن اهي سمجھي نہ سگھن. هو انهيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.
وڏو ڪير؟
(متي 18‏:1‏-5، مرقس 9‏:33‏-37)
46 # لو 22‏:24 هڪ دفعي شاگرد پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آهي؟“ 47عيسيٰ سندن دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو هڪڙو ننڍو ٻار کڻي پنهنجي ڀرسان بيهاريائين. 48#مت 10‏:40، لو 10‏:16، يو 13‏:20 پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن خدا کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“
مخالف ۽ طرفدار ڪير؟
(مرقس 9‏:38‏-40)
49پوءِ يوحنا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇو تہ هو اسان سان گڏ اوهان جي پيروي نہ ٿو ڪري.“ 50پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي خلاف نہ آهي سو اوهان جي پاسي آهي.“
سامرين جو عيسيٰ مسيح کي ڳوٺ ۾ اچڻ کان روڪڻ
51جڏهن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. 52هن پاڻ کان اڳ ۾ ڪن قاصدن کي روانو ڪيو. اهي وڃي سامرين جي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ رات گذارڻ جو انتظام ڪرائين. 53پر اتان جي ماڻهن عيسيٰ جو ڳوٺ ۾ اچڻ قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ #9‏:53 سندس رخ يروشلم ڏانهن هو ان دور ۾ جيڪي يهودي گليل علائقي کان يروشلم ڏانهن زيارت لاءِ سامرين جي علائقي وٽان لنگھندا هئا، تن کي سامري نفرت جي نگاهہ سان ڏسندا هئا. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”سامري.“ سندس رخ يروشلم ڏانهن هو. 54#2.با 1‏:9‏-16 تڏهن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آسمان مان باهہ اچي هنن کي ناس ڪري ڇڏي#9‏:54 ڪن مسودن ۾ هي بہ شامل آهي: ”جيئن الياس ڪيو.“.“ 55پر عيسيٰ ڦري هنن کي ڇينڀيو 56۽ #9‏:56 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: چيائين تہ ”اوهان کي خبر نہ آهي تہ اوهين ڪهڙي روح جا آهيو، ڇاڪاڻ تہ ابنِ آدم ماڻهن جي جان برباد ڪرڻ نہ بلڪ بچائڻ آيو آهي.“پوءِ هو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا.
عيسيٰ مسيح جا پوئلڳ ڪير؟
(متي 8‏:19‏-22)
57جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويا تہ هڪڙي ماڻهوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“ 58عيسيٰ هن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر ابنِ آدم کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“ 59عيسيٰ ٻئي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ پر هن جواب ڏنس تہ ”اي سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو جيستائين آءٌ پنهنجي پيءُ کي دفنائي اچان.“ 60تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻهن ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪر.“ 61#1.با 19‏:20 هڪڙي ٻئي بہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! آءٌ اوهان جي پٺيان هلندس، پر پهريائين اجازت ڏيو تہ گھر جي ماڻهن کان موڪلائي اچان.“ 62تنهن تي عيسيٰ هن کي چيو تہ ”جيڪو پنهنجو هٿ هر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نهاري، سو خدا جي بادشاهيءَ جي لائق نہ آهي.“

Tällä hetkellä valittuna:

لوقا 9: MSB

Korostus

Jaa

Kopioi

None

Haluatko, että korostuksesi tallennetaan kaikille laitteillesi? Rekisteröidy tai kirjaudu sisään