متي 17

17
يسوع مسيح جو جوتي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ
(مرقس 9‏:2‏-13، لوقا 9‏:28‏-36)
1 # 2.پط 1‏:17‏-18 ڇهن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو. 2اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي ويو. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي. 3تڏهن ڇا ڏسن تہ يسوع سان موسيٰ ۽ ايلياہ سنت ڳالهيون ڪري رهيا آهن. 4تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ هتي ٽي تنبو کوڙيان، هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“ 5#پيد 22‏:2، شر 18‏:15، زب 2‏:7، يس 42‏:1، مت 3‏:17، 12‏:18، مر 1‏:11، لو 3‏:22 اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 6اهو آواز ٻڌي چيلا ايترو تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منهن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون. 7تڏهن يسوع وٽن اچي کين هٿ لائي چيو تہ ”اُٿو، ڊڄو نہ.“ 8جڏهن هنن اکيون کڻي نهاريو تہ يسوع کان سواءِ اتي ٻيو ڪنهن کي بہ نہ ڏٺائون.
9پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ يسوع کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“ 10#ملا 4‏:5 تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”نيم شاستري ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟“ 11هن وراڻيو تہ ”برابر، ايلياہ پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. 12#مت 11‏:14 پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“ 13تڏهن ئي چيلن سمجھيو تہ هو ساڻن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالهائي رهيو هو.
مرگھيءَ واري ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ
(مرقس 9‏:14‏-29، لوقا 9‏:37‏-43)
14جڏهن يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ ٻين چيلن ۽ خلق ڏانهن موٽيو تہ هڪڙو ماڻهو وٽس اچي گوڏا کوڙي 15چوڻ لڳس تہ ”سوامي! منهنجي پٽ تي ديا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هن کي مرگھيءَ جو اهڙو ڏکوئيندڙ مرض آهي جو اڪثر ڪري باهہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري. 16آءٌ کيس اوهان جي چيلن وٽ وٺي آيو هئس، پر اُهي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“ 17تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اي بي‌وشواس ۽ ڀَٽڪيل قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان وٽ هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ آندو وڃي.“ 18پوءِ يسوع ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.
19پوءِ نويڪلائيءَ ۾ چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“ 20‏-21#مت 21‏:21، مر 11‏:23، 1.ڪر 13‏:2 يسوع وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو وشواس ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ‌ٿيڻي نہ آهي.“#17‏:20‏-21 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”پر پرارٿنا ۽ وِرتن کان سواءِ اهڙن ڀوتن کي ڪڍي نہ سگھبو آهي“ (ڏسو مرقس 9‏:29).
يسوع مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻيو دفعو ٻڌائڻ
(مرقس 9‏:30‏-32، لوقا 9‏:43‏-45)
22پوءِ جڏهن سڀيئي چيلا گليل علائقي ۾ اچي گڏ ٿيا تہ يسوع انهن کي ٻڌايو تہ ”منش‌پتر جلد ئي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو. 23اهي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ تنهن تي چيلا ڏاڍا غمگين ٿي پيا.
هيڪل جي ٽيڪس جي ادائگي
24 # خر 30‏:13، 38‏:26 جڏهن يسوع ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم ۾ اچي پهتا تہ #17‏:24 هيڪل جو ٽيڪس اُڳاڙڻ وارا هي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ رومي مهاراجا جي طرفان ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کان مختلف هئا. جڏهن تہ رومي مهاراجا جي طرفان ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي بريءَ نظر سان ڏٺو ويندو هو.هيڪل جو ٽيڪس اُڳاڙڻ وارا پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنهنجو گرو هيڪل جو ٽيڪس نہ ڏيندو آهي؟“ 25تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي يسوع پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا راجا ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“ 26تنهن تي پطرس جواب ڏنو تہ #17‏:26 ”ڌارين کان“ انهيءَ دور ۾ راجا اڪثر ڪري پنهنجن رهاڪن کان نہ پر انهن کان ٽيڪس اُڳاڙيندا هئا، جن جي علائقن تي انهن جو قبضو هوندو هو.”ڌارين کان.“ يسوع چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رهاڪو ٽيڪس ڏيڻ کان آجا آهن. 27پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“

Nu markerat:

متي 17: HSB

Märk

Dela

Kopiera

None

Vill du ha dina höjdpunkter sparade på alla dina enheter? Registrera dig eller logga in