1
پيدائش 28:32
Sindhi Bible FB
SB
هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“
เปรียบเทียบ
สำรวจ پيدائش 32:28
2
پيدائش 26:32
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ ”هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ڦٽي ويئي آهي.“ تنهن تي يعقوب وراڻيس تہ ”آءٌ تيستائين تو کي وڃڻ نہ ڏيندس جيستائين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.“
สำรวจ پيدائش 32:26
3
پيدائش 24:32
يعقوب پاڻ اڪيلو پوئتي رهي پيو. تڏهن وٽس هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو پرهہ ڦٽڻ تائين ساڻس ملهہ وڙهندو رهيو.
สำรวจ پيدائش 32:24
4
پيدائش 30:32
سو يعقوب انهيءَ جاءِ جو نالو هي چوندي فنيايل رکيو تہ ”مون خدا کي آمهون سامهون ڏٺو تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.“
สำรวจ پيدائش 32:30
5
پيدائش 25:32
جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڏٺو تہ هو کانئس کٽي نہ ٿو سگھي، تڏهن جيئن هو يعقوب سان ملهہ ٿي وڙهيو تہ سندس ران کي مروٽو ڏيئي جوڙ وٽان ڪڍي وڌائينس.
สำรวจ پيدائش 32:25
6
پيدائش 27:32
تڏهن انهيءَ شخص پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”يعقوب.“
สำรวจ پيدائش 32:27
7
پيدائش 29:32
تڏهن يعقوب کيس چيو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“ هن چيس تہ ”تون مون کان منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟“ پوءِ هن اتي يعقوب کي برڪت ڏني.
สำรวจ پيدائش 32:29
8
پيدائش 10:32
تو جيڪا هيڏي ساري وفا ۽ شفقت پنهنجي ٻانهي تي ڪئي آهي، آءٌ تہ انهيءَ جي ذري جو بہ لائق نہ آهيان، ڇو تہ جڏهن آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ويو هئس تہ مون وٽ رڳو منهنجي لٺ هئي، پر هاڻ تہ مون وٽ ٻہ ٽولا ٿي ويا آهن.
สำรวจ پيدائش 32:10
9
پيدائش 32:32
اهو ئي سبب آهي جو بني اسرائيل اڄ ڏينهن تائين ران جي اندرين پاسي واري رڳ نہ کائيندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ شخص يعقوب جي ران کي ڌڪ هنيو هو ۽ هن جي ران ڪڍي وڌي هئائين.
สำรวจ پيدائش 32:32
10
پيدائش 9:32
پوءِ يعقوب دعا گھرندي چيو تہ ”اي منهنجي پيءُ ابراهيم جا خدا ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا! اي خداوند! تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ آءٌ تو کي وڌائيندس.
สำรวจ پيدائش 32:9
11
پيدائش 11:32
آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي چنبن کان بچاءِ، ڇو تہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو اچي اسان سڀني کي ٻارن ۽ سندن مائرن سميت ماري وجھي.
สำรวจ پيدائش 32:11