21
ڪنعاني بادشاهہ تي فتح
1 #
ڳا 33:40
عراد شهر جو ڪنعاني بادشاهہ جيڪو ڪنعان جي ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل اٿاريم واري رستي اچي رهيا آهن، تڏهن هن مٿن حملو ڪيو ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪري وٺي ويو. 2تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ هڪ باس باسي تہ ”جيڪڏهن تون سچ پچ هنن ماڻهن تي اسان کي فتح ڏيندين تہ اسين هنن جي شهرن جون پاڙون پٽي ڇڏينداسين.“ 3خداوند سندن دانهن ٻڌي ۽ کين انهن ڪنعانين تي فتح ڏنائين. سو بني اسرائيل انهن جون ۽ سندن شهرن جون پاڙون پٽي ڇڏيون. تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو #21:3 حرماہ عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”تباهي.“حرماہ پئجي ويو.
پتل جو نانگ
4 #
شر 2:1
پوءِ بني اسرائيل هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا تہ جيئن ادوم ملڪ جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگھي وڃن. پر انهيءَ ڊگھي رستي جي ڪري هو بيصبر ٿي پيا. 5#1.ڪر 10:9 هو خدا ۽ موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي، جتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي؟ اسان جي دل کي هن ڪني کاڌي کان ڪراهت ٿي اچي.“ 6تڏهن خداوند انهن ماڻهن ۾ تمام زهريلا نانگ موڪليا. انهن نانگن کين ڏنگيو ۽ بني اسرائيل مان گھڻا ئي ماڻهو مري ويا. 7تڏهن ماڻهو موسيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان خداوند ۽ اوهان جي خلاف ڳالهائي گناهہ ڪيو آهي. هاڻي توهين خداوند کان دعا گھرو تہ هو نانگن کي اسان کان پري ڪري.“ سو موسيٰ انهن لاءِ دعا گھري. 8تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هڪڙو نانگ ٺاهہ ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏ. جيڪو بہ نانگ جو ڏنگيل انهيءَ کي ڏسندو سو مرڻ کان بچي ويندو.“ 9#2.با 18:4، يو 3:14 سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ ٺاهيو ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏيائين. پوءِ جڏهن بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي تڏهن ان پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو تہ مرڻ کان بچي ٿي ويو.
موآب جي ميدان ڏانهن سفر
10بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ اوبوت ۾ وڃي منزل ڪيائون. 11وري اتان منزل کڻي هليا ۽ عييعباريم ۾ اچي تنبو کوڙيائون، جيڪو #21:11 موآب اهو علائقو ڪنعان ملڪ جي اوڀر ۾ هو.موآب جي اوڀر طرف بيابان ۾ آهي. 12پوءِ اتان منزل کنيائون ۽ برساتي نهر زارد وٽ اچي تنبو کوڙيائون. 13وري اتان روانا ٿي ارنون نالي برساتي نهر جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، جيڪا امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي. برساتي نهر ارنون امورين ۽ موآبين جي وچ ۾ آهي ۽ موآب جي سرحد آهي. 14”خداوند لاءِ جنگيون“ نالي ڪتاب ۾ انهن هنڌن جو ذڪر شاعريءَ جي صورت ۾ هن ريت لکيل آهي تہ
”... واهيب شهر، جيڪو سوفاہ جي علائقي ۾ آهي،
برساتي نهر ارنون ۽ انهيءَ علائقي جون ٻيون برساتي نهرون،
15انهن برساتي نهرن جون لاهيون پڻ،
جيڪي عار شهر تائين آهن،
بلڪ موآب جي ملڪ واري سرحد تائين ٿيون پهچن.“
16وري هو اتان هلي انهيءَ هنڌ آيا جنهن کي بير يعني کوهہ چيو ويندو هو. اتي ئي خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”ماڻهن کي گڏ ڪر تہ آءٌ کين پاڻي ڏيان.“ 17تڏهن بني اسرائيل اتي هي گيت ڳايو تہ
”اي کوهہ! تون اُٿل کائي اسان کي پاڻي ڏي.
اي اوهين! سڀيئي گڏجي انهيءَ کوهہ جون تعريفون ڳايو.
18هي اهو کوهہ آهي جنهن کي سردارن کوٽيو آهي،
قوم جي اميرن پنهنجي شاهي لٺين سان اهو کوٽيو آهي.“
پوءِ هو بيابان مان روانا ٿي انهيءَ هنڌ پهتا جنهن کي متاناہ چون ٿا. 19اتان هو نحليايل ماٿريءَ ۾ آيا ۽ نحليايل کان بامات ۾ آيا. 20هو بامات مان روانا ٿيا ۽ موآب جي ميدان ۾ جيڪا ماٿري آهي تنهن ۾ پسگاہ جبل جي انهيءَ چوٽيءَ تي آيا، جتان هيٺ رڻپٽ ڏيکاربو آهي.
سيحون ۽ عوج بادشاهن جي شڪست
(شريعت جو دور 2:26–3:11)
21پوءِ بني اسرائيل امورين جي بادشاهہ سيحون ڏانهن ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو تہ 22”اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ ڏيو. اسين رستو ڇڏي ڪنهن بہ ٻنيءَ يا انگورن جي باغ ۾ نہ لڙنداسين. اسين اوهان جي کوهن جو پاڻي بہ نہ پيئنداسين. اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، جيستائين اسين اوهان جي حد مان لنگھي وڃون.“ 23پر سيحون بني اسرائيل کي پنهنجي حد مان لنگھڻ تہ نہ ڏنو، اٽلندو پنهنجي سڄي قوم گڏ ڪري بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ آيو. هن يهض شهر ۾ پهچي بني اسرائيل تي حملو ڪري وڌو. 24پر بني اسرائيل انهن امورين کي جنگ ۾ ماري ختم ڪري ڇڏيو ۽ برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق تائين يعني #21:24 بني عمون جي سرحد اهو علائقو ڪنعان ملڪ جي اوڀر ۾ هو.بني عمون جي سرحد تائين هنن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون. هو اڳتي وڌي نہ سگھيا ڇو تہ بني عمون جي سرحد مضبوط هئي. 25سو بني اسرائيل امورين جي سڀني شهرن تي قبضو ڪيو. پوءِ هو حشبون ۽ ان جي آسپاس وارن ٻين ڳوٺن سميت سمورن شهرن ۾ آباد ٿي ويا. 26حشبون شهر امورين جي بادشاهہ سيحون جو هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي برساتي نهر ارنون تائين هن جو سڄو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو. 27سيحون جي انهيءَ فتح جي ڪري امورين هيءَ شاعري ٺاهي هئي تہ
”سيحون بادشاهہ جي شهر حشبون ۾ اچو،
تانتہ اهو شاهي شهر اڏجي وڌيڪ مضبوط ٿئي.
28 #
ير 48:45-46
ڏسو، حشبون شهر مان
باهہ جي شعلي وانگر سيحون جي فوج نڪتي،
جنهن موآب واري عار شهر کي برباد ڪري ڇڏيو،
۽ برساتي نهر ارنون وارن جبلن جي
رهاڪو سردارن کي ڳهي ويئي.
29سو اي موآب وارؤ! اوهان سان ڪيڏو نہ ويل آهي!
اوهين جيڪي ڪموش ديوتا جا پوڄاري آهيو،
سي بلڪل تباهہ وَ برباد ٿي ويا آهيو.
اوهان جي معبود اوهان جي پٽن کي ڀاڄوڪڙ،
۽ اوهان جي ڌيئرن کي اسان جي بادشاهہ سيحون جون
بانديون بڻجڻ ڏنو آهي.
30بيشڪ اسان موآبين جي اولاد کي ناس ڪري ڇڏيو آهي،
هائو، حشبون کان ديبون تائين کين تباهہ ڪيو اٿئون.
اسان امورين سندن ملڪ کي
نفح تائين ويران ڪري ڇڏيو آهي.“
31پوءِ امورين تي فتح حاصل ڪرڻ بعد بني اسرائيل سندن ملڪ ۾ رهڻ لڳا. 32تڏهن موسيٰ يعزير شهر تي پڻ حملي ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪرائي ۽ اهو شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت بني اسرائيل جي قبضي ۾ آندو ويو. اهڙيءَ طرح جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون.
33تنهن کان پوءِ هو اتان ڦري بسن جو رستو وٺي هليا تہ بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجو لشڪر وٺي ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ ادرعيءَ واري هنڌ وٽ نڪري آيو. 34تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هن کان نہ ڊڄ. آءٌ تو کي هن تي، سندس سڀني ماڻهن تي ۽ سندس سڄي ملڪ تي فتح ڏيندس. تون هن سان بہ ائين ئي ڪجانءِ، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جنهن حشبون تي راڄ ٿي ڪيو.“ 35سو بني اسرائيل عوج بادشاهہ کي، سندس پٽن کي ۽ سندس سڄيءَ قوم کي ماري ڇڏيو، ايتري قدر جو ڪو هڪڙو ماڻهو بہ هنن جي هٿان زندہ نہ بچيو. پوءِ هنن سندس ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو.