ڳاڻاٽو 28

28
دستوري قربانيون
(خروج 29‏:38‏-46)
1 خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل بابت هي حڪم فرمايو تہ 2”منهنجو نذرانو يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جيڪا ساڙبي آهي سا اوهين ياد ڪري مقرر وقت تي قوم جي طرفان منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو. 3جيڪي ساڙيون ويندڙ قربانيون اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي هن ريت هجن. اوهين هر روز ٻہ هڪسالا بي‌عيب گھيٽا ساڙڻ واري قربانيءَ طور، 4هڪڙو گھيٽو صبح جو ۽ ٻيو شام جو قربان ڪجو. 5‏-8هڪ ڪلوگرام ميدو هڪ ليٽر زيتون جي تيل سان گڏي اناج جي قربانيءَ طور ۽ هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ طور هر هڪ گھيٽي سان گڏ پيش ڪجو. اوتڻ واري قرباني مون خداوند جي حضور ۾ مخصوص جاءِ ۾ پئٽجو. اها دستوري ساڙڻ واري قرباني آهي جيڪا سينا جبل وٽ مقرر ڪئي ويئي هئي، انهيءَ لاءِ تہ مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ واسطي ساڙي ويندڙ قرباني ٿئي.“
سبت جي قرباني
9سبت جي ڏينهن ٻہ هڪسالا بي‌عيب گھيٽا، ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ گڏيل اناج جي قربانيءَ طور ۽ انهن پٺيان اوتڻ واري قرباني پڻ پيش ڪجو. 10روزمرہ جي ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ ساڙڻ واري قرباني هر ڪنهن سبت تي پيش ڪرڻي آهي.“
ماهوار قرباني
11”اوهين هر مهيني جي پهرين تاريخ تي مون خداوند جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن. 12اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام 13۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. اها ساڙڻ واري قرباني مون خداوند واسطي وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي. 14اوتڻ واري قربانيءَ طور مئي پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان ٻہ ٻہ ليٽر، گھٽي سان ڏيڍ ليٽر ۽ هر هڪ گھيٽي سان هڪ هڪ ليٽر مئي هجي. اها ئي ماهوار ساڙڻ واري قرباني آهي، جيڪا هر مهيني جي پهرين تاريخ تي پيش ڪئي وڃي. 15دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ انهيءَ سان گڏ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي.“
عيد فصح تي قربانيون
(لاوي سرشتو 23‏:5‏-14)
16 # خر 12‏:1‏-13، شر 16‏:1‏-2 ”پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ تي مون خداوند جي عيد فصح ملهائي وڃي. 17#خر 12‏:14‏-20، 23‏:15، 34‏:18، شر 16‏:3‏-8 ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ کان عيد جي تقريب شروع ٿي ست ڏينهن جاري رهندي. انهيءَ دوران جيڪا ماني کاڌي وڃي تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي. 18تقريب جي پهرئين ڏينهن تي مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. 19اوهين مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن. 20اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام 21۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. 22اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو. 23صبح واري دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ کان سواءِ اوهين اهي قربانيون پيش ڪجو. 24اهڙيءَ طرح اوهين ست ڏينهن لاڳيتا هر روز مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا ساڙبي آهي سا پيش ڪندا رهجو. اها قرباني دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ انهيءَ سان گڏ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ پيش ڪئي وڃي. 25ستين ڏينهن اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.“
لاباري جي عيد
(لاوي سرشتو 23‏:15‏-22)
26 # خر 23‏:16، 34‏:22، شر 16‏:9‏-12 #28‏:26 لاباري جي عيد هيءَ اها ئي عيد آهي جنهن کي نئين عهدنامي ۾ ”عيد پنتيڪُست“ چون ٿا (ڏسو رسولن جا ڪم 2‏:1، 20‏:16، 1.ڪرنٿين 16‏:8).لاباري جي عيد جي دوران پهرين پيداوار جي ڏينهن تي جڏهن اوهين مون خداوند جي حضور ۾ نئين فصل جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. 27اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن. 28اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام 29۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. 30اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو. 31دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ ان سان گڏ اناج جي قربانيءَ کان سواءِ اوهين اهي سڀ قربانيون پنهنجي اوتڻ وارين قربانين سان گڏ پيش ڪجو.“

Seçili Olanlar:

ڳاڻاٽو 28: SB

Vurgu

Kopyala

Karşılaştır

Paylaş

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın