ڳاڻاٽو 35

35
لاوين جي لاءِ شهر
1 # يش 21‏:1‏-42 اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون خداوند بني اسرائيل بابت موسيٰ کي هي حڪم ڏنو تہ 2”اوهان کي جيڪو ورثو ملي تنهن مان ڪي شهر لاوين کي رهڻ لاءِ ڏجو ۽ شهرن جي آس‌پاس وارا چراگاهہ پڻ کين ڏجو. 3اهي شهر انهن جي رهڻ لاءِ هوندا ۽ چراگاهہ سندن چوپائي مال ۽ ٻين پالتو جانورن لاءِ هوندا. 4شهرن جي آس‌پاس وارا چراگاهہ جيڪي اوهين لاوين کي ڏيو، سي شهر جي ڪوٽ کان چئن ئي طرفن ڏانهن ساڍا چار سؤ ميٽر هئڻ گھرجن. 5اوهين شهر جي ٻاهران چئن ئي طرفن ڏانهن نوَ نوَ سؤ ميٽر ماپجو تہ شهر وچ ۾ ٿي پوندو. اهو علائقو انهن لاءِ چراگاهہ طور هوندو. 6اوهين لاوين کي ڇهہ شهر پناهہ جي لاءِ ڏجو، تہ جيئن جنهن ماڻهوءَ جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي. انهن کان سواءِ اوهين کين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ ڏجو. 7اوهين جملي اٺيتاليهہ شهر چراگاهن سميت لاوين کي ڏجو. 8جڏهن اوهين بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان لاوين کي اهي شهر ڏيو، تڏهن جن قبيلن کي گھڻا شهر مليل هجن تن کان گھڻا وٺجو ۽ جن کي ٿورا مليل هجن تن کان ٿورا وٺجو. مطلب تہ هر قبيلو پنهنجي مليل ميراث مطابق لاوين کي شهر ڏئي.“
پناهہ جا شهر
(شريعت جو دور 19‏:1‏-13، يشوع 20‏:1‏-9)
9 خداوند بني اسرائيل بابت موسيٰ کي هي فرمايو تہ 10”جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، 11تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي پناهہ جا شهر چونڊجو، تہ جيئن جنهن جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اُهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي. 12‏-13اهي شهر اوهان جي لاءِ وير وٺڻ واري کان پناهہ‌گاهہ هوندا. اهو انهيءَ لاءِ تہ خوني جيستائين قوم جي اڳيان فيصلي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيستائين اُهو ماريو نہ وڃي. اوهين ڇهہ پناهہ جا شهر ڏجو، 14ٽي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ۽ ٽي ڪنعان جي ملڪ ۾. 15اهي ڇهہ شهر بني اسرائيل جي لاءِ، ڌارئي جي لاءِ ۽ مسافر جي لاءِ پناهہ‌گاهہ هوندا، تہ جيئن جنهن جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي سو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي.
16هاڻي جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي لوهہ جي شيءِ سان اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ ڌڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي. 17يا جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي پٿر اڇلائي هڻي ۽ هو مري پوي، تہ پوءِ پٿر اڇلائي هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي. 18يا جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي ڪاٺيءَ جي شيءِ سان اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ ڌڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي. 19مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي. 20جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي نفرت وچان ڌڪو ڏئي يا لڪي وجھہ وٺي ڪا شيءِ مٿس اڇلائي وجھي ۽ هو مري پوي 21يا دشمنيءَ وچان کيس اهڙي مُڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ مُڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي. مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.
22پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي دشمنيءَ کان سواءِ اتفاقاً ڌڪو ڏئي يا غير ارادي طور ڪا شيءِ مٿس اڇلائي، 23يا کيس ڏسڻ کان سواءِ ڪو پٿر اڇلائي هڻي ۽ هو مري پوي، تہ پوءِ اهو ثابت ٿيڻ تي تہ هو هن جو دشمن نہ هو ۽ نہ ئي وري ڄاڻي‌واڻي کيس نقصان پهچايائين، 24قوم انهيءَ ڌڪ هڻندڙ ۽ مقتول جي ڪنهن وير وٺڻ واري عزيز جي وچ ۾ هن طرح فيصلو ڪري. 25انهيءَ خونيءَ کي مقتول جي وير وٺڻ واري عزيز جي چنبي کان ڇڏايو وڃي ۽ کيس انهيءَ پناهہ جي شهر ۾ موٽائي موڪليو وڃي جتي هو خون ڪري پناهہ لاءِ ڀڄي ويو هو. پوءِ جيستائين انهن ڏينهن ۾ مخصوص ٿيل سردار ڪاهن فوت نہ ٿي وڃي تيستائين هو اتي ئي رهي. 26پر جيڪڏهن اهو خوني جنهن پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي ويو هجي، تنهن جي حد کان ڪنهن بہ وقت ٻاهر نڪري 27۽ مقتول جو وير وٺڻ وارو عزيز شهر کان ٻاهر گڏجي وڃيس ۽ ماري وجھيس، تہ ان ماريندڙ تي خون جو ڏوهہ نہ ايندو. 28خونيءَ کي گھرجي تہ هو سردار ڪاهن جي مرڻ تائين انهيءَ پناهہ جي شهر ۾ رهي، انهيءَ کان پوءِ ڀلي پنهنجي گھر موٽي وڃي. 29اهي ئي قانون اوهان ۽ اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ آهن، پوءِ کڻي جتي بہ اوهين رهو.
30 # شر 17‏:6، 19‏:15 جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي قتل ڪري تہ پوءِ انهيءَ قاتل کي شاهدن جي شاهديءَ تي ئي ماريو وڃي، پر انهيءَ لاءِ رڳو هڪڙي ئي شاهد جي شاهدي ڪافي ناهي. 31انهيءَ قاتل کي ضرور ماريو وڃي، جيڪو واجب‌القتل هجي. اوهين کانئس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي کيس ڇڏي نہ ڏجو. 32جيڪڏهن ڪو قاتل پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي وڃي، تہ انهيءَ کان سردار ڪاهن جي مرڻ کان اڳي سندس جان جي عيوضي جا پئسا وٺي کيس گھر موٽي وڃڻ نہ ڏجو. 33اوهين ائين ڪري انهيءَ ملڪ کي ناپاڪ نہ ڪجو جنهن ۾ پاڻ رهو ٿا. خون ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري ۽ جنهن ملڪ ۾ خون وهائجي ٿو تنهن جو ڪفارو قاتل جي خون کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ٿي نہ ٿي سگھي. 34سو جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا ۽ منجھس آءٌ بہ ٿو رهان تنهن کي ناپاڪ نہ ڪجو، ڇو تہ آءٌ خداوند بني اسرائيل جي وچ ۾ ٿو رهان.“

Seçili Olanlar:

ڳاڻاٽو 35: SB

Vurgu

Kopyala

Karşılaştır

Paylaş

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın