پيدائش 4
4
1پوءِ آدم پنهنجيءَ زال حوا وٽ ويو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ قائن ڄايس، تڏهن هن چيو تہ خداوند جي ٻاجهہ سان مون کي هڪڙو ماڻهو مليو آهي. 2پوءِ قائن جو ڀاءُ هابل ڄائو؛ هابل ريڍار هو ۽ قائن هاري هو. 3ٿورن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، جو قائن پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش مان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو، 4۽ هابل بہ پنهنجين رڍن ٻڪرين مان پهريان ڦر ۽ چرٻي آندي. ۽ خداوند هابل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو: 5پر قائن ۽ سندس نذراني کي قبول نہ ڪيائين. تنهن تي قائن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ سندس منهن لهي ويو. 6تڏهن خداوند قائن کي چيو تہ توکي ڪاوڙ ڇو لڳي آهي؟ ۽ منهن لٿل ڇو ٿيو آهين؟ 7جيڪڏهن تون چڱو ڪرين، تہ جيڪر قبول نہ پوين ڇا؟ پر جي تون چڱو نٿو ڪرين تہ گناهہ تنهنجي دروازي تي ڇپ هڻي ويٺو آهي: ۽ تنهنجي خواهش اٿس، پر تون مٿس غالب پئُہ. 8پوءِ قائن پنهنجي ڀاءُ هابل کي چيو تہ هل تہ ٻنيءَ ۾ هلون، ۽ جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هئا، تڏهن قائن پنهنجي ڀاءُ هابل تي حملو ڪيو ۽ ماري وڌائينس. 9تڏهن خداوند قائن کي چيو تہ تنهنجو ڀاءُ هابل ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ مون کي خبر ڪانهي، آءٌ پنهنجي ڀاءُ جو نگهبان آهيان ڇا؟ 10تنهن تي خداوند چيس تہ تو هي ڇا ڪيو؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان پيو پڪاري. 11سو هاڻي جنهن زمين تنهنجي هٿان تنهنجي ڀاءُ جو رت وٺڻ لاءِ پنهنجو وات پٽيو آهي، تنهن جي ئي طرفان تون لعنتي ٿيو آهين؛ 12جڏهن تون زمين تي پوک ڪندين، تڏهن انهيءَ مان توکي پيدائش ڪانہ ملندي، ۽ تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين. 13تڏهن قائن خداوند کي چيو تہ آءٌ هيءَ سزا سهي ڪين سگهندس. 14ڏس اڄ تو مون کي هتان ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ تنهنجي حضوريءَ کان پري ٿي ويندس؛ ۽ زمين تي رلندس ۽ ڌڪا کائيندس ۽ جيڪو مون کي ڏسندو، سو ماري وجهندم. 15تڏهن خداوند چيس تہ جيڪو قائن کي ماري وجهندو تنهن کي ستوڻي سزا ملندي. ۽ خداوند قائن جي لاءِ هڪڙي نشاني مقرر ڪئي، تہ جيڪو هن کي ڏسي سو ماري نہ وجهيس.
16سو قائن خداوند جي حضوريءَ مان نڪري ويو ۽ عدن جي اڀرندي پاسي نود جي ملڪ ۾ وڃي رهيو. 17۽ قائن پنهنجيءَ زال وٽ ويو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ حنوڪ نالي پٽ ڄايس؛ ۽ هن هڪڙو شهر ٻڌو ۽ انهيءَ شهر جو نالو پنهنجي پٽ جي نالي تان حنوڪ رکيائين. 18۽ حنوڪ مان عيراد پيدا ٿيو، ۽ عيراد مان محوياايل پيدا ٿيو، ۽ محوياايل مان مٿوساايل پيدا ٿيو، ۽ مٿوسوايل مان لمڪ پيدا ٿيو. 19لمڪ ٻہ زالون ڪيون: هڪڙيءَ جو نالو عدهہ ۽ ٻيءَ جو نالو ضلهہ هو. 20عدهہ کي يابل ڄائو، جو تنبن ۾ رهندڙن ۽ ڍورن پاليندڙن جو پيءُ هو. 21۽ هن جي ڀاءُ جو نالو يوبل هو، جو سڀني بين ۽ بانسري وڄائڻ وارن جو پيءُ هو. 22ضلهہ کي توبل قائن ڄائو، جو پتل ۽ لوهہ جا سڀ تيز هٿيار ٺاهيندڙ هو: ۽ توبل قائن جي ڀيڻ نعمہ هئي. 23۽ لمڪ پنهنجين زالن کي چيو تہ اي عدهہ ۽ ضلهہ منهنجي ڳالهہ ٻڌو؛ اي لمڪ جون زالون منهنجي چوڻ تي ڪن ڏيو: مون هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري وڌو، جنهن مون کي زخمي ڪيو هو، ۽ هڪڙي جوان کي قتل ڪيو، جنهن مون کي ايذاءُ رسايو هو: 24جيڪڏهن قائن جو بدلو ست ڀيرا ورتو ويندو، تہ لمڪ جو بدلو ستر ڀيرا ورتو ويندو.
25۽ آدم وري پنهنجيءَ زال وٽ ويو؛ ۽ هن کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو سيت رکيائين: ۽ هوءَ چوڻ لڳي تہ هابل جي بدران، جنهن کي قائن قتل ڪيو هو، خدا مون کي ٻيو پٽ ڏنو آهي. 26۽ سيت جي گهر بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو اُنوس رکيائين: انهي وقت کان وٺي ماڻهو خداوند جي نالي دعا گهرڻ لڳا.
Đang chọn:
پيدائش 4: SB62
Tô màu
Chia sẻ
Sao chép
Bạn muốn lưu những tô màu trên tất cả các thiết bị của mình? Đăng ký hoặc đăng nhập
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: