Biểu trưng YouVersion
Biểu tượng Tìm kiếm

يوحنا 1

1
1شروعات ۾ ڪلام هو، ۽ ڪلام خدا سان هو، ۽ ڪلام خدا هو. 2اُهو ئي شروعات ۾ خدا سان هو. 3۽ سڀ ڪجهہ اُنهي جي وسيلي پيدا ٿيو، ۽ ڪابہ شيءِ جا ٿي آهي، سا هن بنا نہ ٿي آهي. 4هن ۾ زندگي هئي؛ ۽ اُها زندگي ماڻهن جو نُور هئي. 5۽ نُور اونداهيءَ ۾ چمڪي ٿو، ۽ اونداهيءَ هن کي قبول نہ ڪيو. 6يوحنا نالي هڪڙو شخص آيو، جو خدا وٽان موڪليو ويو هو. 7اُهو شاهديءَ لاءِ آيو، تہ نُور بابت شاهدي ڀري، تہ سڀيئي هن جي ڪري ايمان آڻين. 8هو پاڻ تہ نُور نہ هو، پر هو نُور بابت شاهدي ڏيڻ لاءِ آيو هو. 9سچو نُور جو هرهڪ انسان کي روشن ٿو ڪري، سو جهان ۾ اچڻو هو. 10اُهو دنيا ۾ هو، ۽ دنيا هن کان ئي پيدا ٿي، ۽ دنيا کيس نہ سڃاتو. 11هو پنهنجن وٽ آيو، ۽ پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو. 12پر جن جن کيس قبول ڪيو، تن کي اِهو حق ڏنائين تہ خدا جا ٻار ٿين، بلڪ اُنهن کي جي سندس نالي تي ايمان ٿا آڻين: 13جي نہ رت مان، نہ جسم جي خواهش مان، نہ انسان جي ارادي مان، پر خدا مان پيدا ٿيا. 14۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال). 15يوحنا هن بابت شاهدي ڀري پڪاري چيو، تہ هي اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو. 16۽ هن جي ڀرپورائيءَ مان اسان سڀني کي مليو آهي، يعني فضل تي فضل. 17ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا. 18ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.
19۽ يوحنا جي شاهدي هيءَ آهي، تہ جڏهن يهودين يروشلم مان ڪاهن ۽ لاوي وٽس موڪليا، تہ پڇي اچوس تہ تون ڪير آهين: 20تڏهن هن قبول ڪيو ۽ انڪار ڪونہ ڪيائين، پر اقرار ڪيائين تہ آئون مسيح نہ آهيان. 21هنن پڇيس تہ تڏهن ڪير آهين؟ ڇا تون ايلياہ آهين؟ هن چيو تہ آئون اُهو نہ آهيان. ڇا تون اُهو نبي آهين؟ هن جواب ڏنو تہ نہ. 22تنهن تي هنن چيس تہ تڏهن تون ڪير آهين؟ تہ جن اسان کي موڪليو آهي، تن کي وڃي جواب ڏيون. تون پنهنجي بابت ڇا ٿو چوين؟ 23هن چيو تہ آئون انهي جو آواز آهيان جو رڻ پٽ ۾ منادي ڪري ٿو چوي، تہ ”خداوند جي واٽ سنئين ڪريو،“ جهڙيءَ طرح يسعياہ نبيءَ چيو آهي. 24۽ اُنهن کي فريسين موڪليو هو. 25۽ اُنهن کانئس پڇيو ۽ چيائونس، تہ جي تون نہ مسيح آهين، نہ ايلياہ، ۽ نہ اُهو نبي، تڏهن بپتسما ڇو ٿو ڏين؟ 26يوحنا جواب ڏيئي چين، تہ آئون پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اوهان جي وچ ۾ هڪڙو بيٺو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو، 27اُهو ئي آهي جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان. 28اهي ڳالهيون يردن جي پرئين ڀر بيت عنياہ ۾ ٿيون، جتي يوحنا بپتسما ٿي ڏني.
29ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي! 30هيءُ اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو، تہ مون کان پوءِ هڪڙو شخص ٿو اچي، جو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو. 31۽ مون هن کي نٿي سُڃاتو؛ پر انهي لاءِ تہ هو اسرائيل اڳيان ظاهر ٿئي، آئون پاڻيءَ سان بپتسما ڏيندو آيس. 32يوحنا شاهدي ڀري چيو، تہ مون روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لهندو ۽ مٿس ويهندو ڏٺو آهي. 33۽ مون هن کي نٿي سُڃاتو: پر جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو، تنهن ئي مون کي چيو تہ جنهن تي روح کي لهندو ۽ مٿس ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جو پاڪ روح سان بپتسما ٿو ڏئي. 34۽ مون ڏٺو آهي، ۽ شاهدي ڀري اٿم تہ هيءُ خدا جو فرزند آهي.
35وري ٻئي ڏينهن يوحنا ۽ سندس شاگردن مان ٻہ ڄڻا بيٺا هئا؛ 36تڏهن يسوع کي گهُمندو ڏسي، ڏانهنس نهاري چيائين، اِجهو خدا جو گهيٽو! 37۽ هنن ٻن شاگردن هن کي ائين چوندو ٻُڌو، ۽ يسوع جي پٺيان ويا. 38يسوع ڦري هنن کي ايندو ڏسي، کين چيو تہ اوهين ڇا ٿا ڳوليو؟ هنن چيس تہ اي ربي (يعني استاد) تون ڪٿي ٿو رهين؟ 39هن چيو تہ هلي ڏسو. پوءِ هو آيا ۽ جتي هو رهندو هو، اُهو هنڌ اچي ڏٺائون؛ ۽ اُهو ڏينهن وٽس ٽڪيا: اُهو اٽڪل ڏهين بجي جو وقت هو. 40جن ٻن ڄڻن يوحنا جي ڳالهہ ٻُڌي هئي، ۽ سندس پٺيان آيا هئا، تن مان هڪڙو اندرياس، شمعون پطرس جو ڀاءُ هو. 41هن پهريائين پنهنجي سڳي ڀاءُ شمعون کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ اسان مسيح کي لڌو آهي (يعني ڪرستس کي). 42هو کيس يسوع وٽ وٺي آيو. يسوع هن ڏانهن نهاري چيو تہ تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا، يعني پطرس ڪري سڏبين.
43ٻئي ڏينهن يسوع گليل ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، ۽ فلپس کي وڃي گڏيو، ۽ چيائينس تہ منهنجي پٺيان اچ. 44اُهو فلپس بيت صيدا جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا. 45فلپس نتن ايل کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ جنهن جو ذڪر موسيٰ توريت ۾، ۽ نبين پڻ ڪيو آهي، سو اسان لڌو آهي، يعني يوسف جو پٽ يسوع ناصري. 46نتن ايل هن کي چيو تہ ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگهندي؟ فلپس چيس تہ ڀلا هلي ڏس. 47يسوع نتن ايل کي پاڻ وٽ ايندو ڏسي سندس نالي چيو تہ ڏسو، سچو اسرائيلي، جنهن ۾ ڪابہ ڏائي ڏنگي ڪانهي! 48نتن ايل کيس چيو تہ تون مون کي ڪيئن ٿو سڃاڻين؟ يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو تہ جڏهن تون انجير جي وڻ هيٺان هُئين ۽ فلپس توکي ڪوٺيو، تنهن کان اڳي مون توکي ڏٺو. 49نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين. 50يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو، تہ مون جو توکي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي ڇا؟ تون انهي کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين. 51وري هن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کي کُليل ۽ خدا جي ملائڪن کي ابن آدم تي مٿي چڙهندو ۽ لهندو ڏسندا.

Đang chọn:

يوحنا 1: SB62

Tô màu

Chia sẻ

Sao chép

None

Bạn muốn lưu những tô màu trên tất cả các thiết bị của mình? Đăng ký hoặc đăng nhập