يوحنا 5
5
1هنن ڳالهين کانپوءِ يهودين جي هڪڙي عيد ٿي؛ ۽ يسوع يروشلم ۾ ويو. 2اتي يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبرانيءَ ۾ بيت حسدا ڪري ٿا سڏين، اُنهي کي پنج ڏيڍيون آهن. 3تن ۾ ڪيترائي بيمار، ۽ انڌا، ۽ منڊا، ۽ سڙيل سُڪل پيا هوندا هئا. (اهي پاڻيءَ ۾ گوڙ ٿيڻ جا منتظر هوندا هئا، 4ڇالاءِ جو ڪنهن ڪنهن مهل هڪڙو ملائڪ انهي تلاءَ ۾ لهي اچي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو هو، ۽ پاڻيءَ جي اُڇل کانپوءِ جيڪو انهي تلاءَ ۾ پهرين گهڙندو هو، تنهن کي جيڪا بہ بيماري هوندي هئي، تنهن کان ڇُٽي پوندو هو.) 5۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو، جو اٺٽيهن ورهين کان بيمار پيو هو. 6۽ جڏهن يسوع هن کي اُتي پيل ڏٺو، ۽ خبر پيس تہ هو ڳچ وقت کان اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ تنهنجي مرضي آهي تہ چڱو ڀلو ٿين؟ 7مريض جواب ڏنس، تہ سائين، جنهن مهل پاڻي اُڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ لڀيم جو کڻي تلاءَ ۾ وجهيم: پر آئون جيستائين اچان ئي اچان، تيستائين ٻيو مون کان اڳي گهڙيو پوي. 8يسوع چيس تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر. 9۽ هڪدم اهو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پيو، ۽ کٽولو کڻي گهُمڻ ڦرڻ لڳو. اهو سبت جو ڏينهن هو.
10تڏهن جيڪو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي چوڻ لڳا تہ اڄ سبت آهي، سو توکي کٽولو کڻڻ روا نہ آهي. 11پر هن کين جواب ڏنو تہ جنهن مون کي ڇُٽايو آهي، تنهن ئي مون کي چيو تہ پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر. 12انهن پڇيس تہ اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن توکي چيو، تہ کٽولو کڻي گهُم ڦر؟ 13پر جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي خبر ڪانہ هئي تہ اُهو ڪير هو، ڇالاءِ تہ اتي گوڙ هئڻ سبب يسوع اُتان نڪري هليو ويو هو. 14ٿوري وقت کانپوءِ يسوع هن کي هيڪل ۾ گڏيو، ۽ چيائينس تہ ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿيو آهين: وري گناهہ نہ ڪج، متان هن کان بہ وڏي خرابي ٿئي ئي. 15پوءِ انهي ماڻهوءَ وڃي يهودين کي ٻُڌايو تہ اُهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي. 16۽ انهي سبب ڪري يهودي، يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن سبت جي ڏينهن اهڙا ڪم ٿي ڪيا. 17پر يسوع کين جواب ڏنو، تہ منهنجو پيءُ اڄ تائين ڪم پيو ڪري، ۽ آئون بہ پيو ڪم ڪريان. 18انهي سبب ڪري يهودي هيڪاري کيس مارڻ لاءِ وجهہ ڳولڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن نہ رڳو سبت ٿي ڀڳو، پر خدا کي خاص پنهنجو پيءُ سڏي، پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.
19تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري. 20ڇوتہ پيءُ پٽ کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪي بہ ڪم پاڻ ٿو ڪري، سي سڀ هن کي ٿو ڏيکاري؛ بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڏيکاريندس، تہ اوهان کي عجب لڳي. 21ڇالاءِ جو جيئن پيءُ مُردن کي اُٿاري ٿو ۽ جيارين ٿو، تيئن پٽ بہ جن کي وڻيس، تن کي جياري ٿو. 22ڇالاءِ تہ پيءُ ڪنهن جي بہ عدالت نٿو ڪري، پر سموري عدالت پٽ جي حوالي ڪئي اٿس؛ 23تہ سڀيئي پٽ جي عزت ڪن، جهڙيءَ طرح ڪ پيءُ جي عزت ٿا ڪن. جيڪو پٽ جي عزت نٿو ڪري، سو پيءُ جي عزت نٿو ڪري، جنهن هن کي موڪليو آهي. 24آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي. 25آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هاڻي اچي سهڙي آهي، جنهن ۾ مُردا خدا جي فرزند جو آواز ٻُڌندا؛ ۽ جيڪي ٻُڌندا سي جيئندا. 26ڇالاءِ تہ جيئن پيءُ کي خود پاڻ ۾ زندگي آهي، تيئن هن پٽ کي بہ بخشيو آهي تہ منجهس زندگي هجي: 27۽ هن کي عدالت ڪرڻ جي پڻ اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ تہ هو ابن آدم آهي. 28انهيءَ ڳالهہ تي عجب نہ کائو، ڇالاءِ تہ اُها گهڙي اچي ٿي، جڏهن سڀ جيڪي قبرن ۾ آهن، سي هن جو آواز ٻُڌندا، 29۽ نڪري ايندا؛ جن نيڪي ڪئي آهي، سي زندگيءَ جي قيامت لاءِ ۽ جن بدي ڪئي آهي، سي عدالت جي قيامت لاءِ. 30آئون پنهنجي سر ڪجهہ ڪري نٿو سگهان: جيئن ٻُڌان ٿو، تيئن ئي عدالت ٿو ڪريان، ۽ منهنجي عدالت سچي آهي، ڇوتہ آئون پنهنجي مرضي نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُران. 31جي آئون پاڻ پنهنجي شاهدي ڀريان تہ منهنجي شاهدي سچي نہ آهي. 32اُهو ٻيو آهي جو منهنجي بابت شاهدي ٿو ڀري، ۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو منهنجي بابت ڀري ٿو سا سچي آهي. 33اوهان يوحنا ڏانهن چوائي موڪليو، ۽ هن سچ جي شاهدي ڀري. 34پر مون کي انسان جي شاهدي قبول ڪانهي: تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون جي ڪيون اٿم، سي هن لاءِ تہ اوهان کي نجات ملي. 35هو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئو هو: ۽ اوهان گهڙي ساعت هن جي سوجهري ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو. 36پر مون وٽ جا شاهدي آهي، سا يوحنا جي شاهدي کان بہ مٿي آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اُهي ساڳيا ڪم جي آئون پيو ڪريان، سي منهنجي بابت شاهدي ٿا ڀرين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي. 37۽ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن ئي منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي. اوهان نہ ڪڏهن هن جو آواز ٻُڌو آهي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ. 38۽ اوهين هن جي ڪلام کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نٿا ڏيو: ڇوتہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن کي قبول نٿا ڪريو. 39اوهين پاڪ لکيتون ڳوليو ڦوليو ٿا، ڇالاءِ جو ڀانئيو ٿا تہ انهن ۾ اسان لاءِ هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اهي ئي آهن جي منهنجي بابت شاهدي ٿيون ڀرين؛ 40تہ بہ اوهين مون وٽ اچڻ جي نٿا ڪريو تہ زندگي مليوَ. 41مون کي ماڻهن کان وڏائي ڪانہ گهرجي. 42پر مون کي اوهان جي خبر آهي تہ اوهان ۾ خدا جي محبت ڪانهي. 43آئون پنهنجي پيءُ جي نالي آيو آهيان، ۽ اوهين مون کي نٿا قبوليو، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي نالي تي ايندو، تہ اُنهي کي قبوليندا. 44اوهين جي هڪ ٻئي کان وڏائي ٿا گهُرو، پر اها وڏائي جا هڪڙي ئي خدا کان ٿي ملي تنهن جي ڳولا نٿا ڪريو، سي ڀلا ڪيئن ايمان آڻي سگهندا؟ 45اوهين ائين نہ سمجهو تہ ڪو آئون پيءُ وٽ اوهان تي دانهن ڏيندس: اوهان تي دانهن ڏيڻ وارو تہ آهي، يعني موسيٰ، جنهن تي اوهين ڀاڙي ويٺا آهيو. 46ڇالاءِ تہ جي موسيٰ کي مڃو ها، تہ هوند مون کي بہ مڃو ها، ڪيئن جو هن منهنجي بابت لکيو آهي. 47پر هن جي لکيتن کي ئي نٿا مڃو تہ منهنجون ڳالهيون ڪيئن مڃيندا؟
Đang chọn:
يوحنا 5: SB62
Tô màu
Chia sẻ
Sao chép
Bạn muốn lưu những tô màu trên tất cả các thiết bị của mình? Đăng ký hoặc đăng nhập
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: