Biểu trưng YouVersion
Biểu tượng Tìm kiếm

لوقا 15

15
1هاڻي سڀ محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار هن جون ڳالهيون ٻُڌڻ لاءِ وٽس پئي آيا. 2۽ فريسي توڙي فقيهہ سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هيءُ ماڻهو گنهگارن کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ گڏ کائڻ ٿو ڏئي.
3تنهن تي هي مثال ڏيئي چيائين تہ 4اوهان مان اُهو ڪير آهي، جنهن کي هڪ سؤ رڍون هجن، ۽ اُنهن مان هڪڙي گم ٿي وڃيس، تہ نوانوي جهنگ ۾ ڇڏي اُنهيءَ وڃايل جي پٺيان نہ رُلي، جيسين ڪ اُها لڀيس؟ 5پوءِ جڏهن لڀيس ٿي، تڏهن خوشيءَ وچان کنيو ڪلهن تي چاڙهيس، 6۽ گهر اچڻ سان پنهنجا دوست ۽ پاڙيسري سڏي ٿو چوين تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ جو رڍ جا گم ٿي ويئي هيم سا لڌي آهي. 7آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح نوانوي سچار ماڻهو، جن کي توبهہ درڪار نہ آهي، تنهن کان هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ آسمان ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي.
8يا اُها ڪهڙي زال آهي، جنهن کي ڏهہ روپيا هجن، ۽ جي هڪڙو وڃيس هليو، تہ ڏيئو ٻاري ۽ گهر ٻُهاري، اُنهي کي چڱيءَ طرح نہ ڳولي، جيسين ڪ لڀيس؟ 9۽ جڏهن لڀيس ٿو، تڏهن پنهنجين ساهيڙين ۽ پاڙي وارين کي ڪوٺي ٿي چوي، تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ تہ رپيو جو گم ٿي ويو هوم سو لڌو اٿم. 10ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.
11۽ هن هي بہ چيو، تہ هڪڙي شخص کي ٻہ پٽ هئا: 12جن مان ننڍو پيءُ کي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، ملڪيت جو حصو جو منهنجو ٿو ٿئي، سو مون کي ڏي. ۽ هن ملڪيت ورهائي ڏنين. 13۽ اڃا گهڻا ڏينهن گذريا ئي ڪين، تہ ننڍو پٽ سڀ ڪجهہ ميڙي چونڊي ڏورانهين ملڪ جي مسافريءَ تي نڪتو، ۽ اُتي بدچالي ڪري پنهنجي ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين. 14۽ جڏهن سڀ کائي کپائي چڪو، تڏهن اُنهي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو؛ ۽ هو محتاج ٿيڻ لڳو. 15سو وڃي انهي ملڪ جي هڪڙي ماڻهوءَ کي لڳو، جنهن پنهنجين ٻنين ۾ سوئرن چارڻ لاءِ موڪليس. 16۽ جيڪي ڇَلون سوئرن پئي چَريون، سي هوند خوشيءَ سان کائي پيٽ ڀري ها، پر ڪنهن بہ ڪين ٿي ڏنس. 17پر جڏهن هن پاڻ سنڀاليو، تڏهن چيائين تہ منهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪيترن نوڪرن کي ججهي ماني پيئي ملي، ۽ آئون هتي بک پيو مران! 18آئون اُٿي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس، ۽ چوندوسانس تہ اي بابا، مون آسمان جو ۽ تنهنجو گناهہ ڪيو آهي: 19هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو تنهنجو پٽ چوايان، مون کي پنهنجن نوڪرن مان هڪڙو ڪري بيهار. 20۽ هو اُٿي پيءُ وٽ آيو، پر اڃا پري ئي هو تہ پڻس ڏٺس، ۽ مٿس ڪهل اچي ويس، ۽ ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چُميائينس. 21تڏهن پٽس چيس، تہ اي بابا، مون آسمان جو ۽ تنهنجو گناهہ ڪيو آهي: هاڻ انهيءَ لائق نہ آهيان جو تنهنجو پٽ چوايان. 22پر پڻس نوڪرن کي چيو، تہ جلدي اُچي ۾ اُچو وڳو کڻي آڻي پهرايوس؛ ۽ هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جُتي پارايوس: 23۽ متارو وهڙو آڻي ڪُهو ۽ اچو تہ کائون پيئون ۽ خوشي ڪريون، 24ڇالاءِ جو هيءُ منهنجو پٽ، جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي. ۽ اُهي خوشيون ڪرڻ لڳا. 25هاڻي سندس وڏو پٽ جو ٻنيءَ تي هو، سو جڏهن اُتان موٽيو، ۽ گهر جي ويجهو آيو، تڏهن ڳائڻ وڄائڻ ۽ نچڻ جو پڙلاءُ ڪَن تي پيس. 26تڏهن هڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائين تہ هي ڇا پيو ٿئي؟ 27هن چيس تہ تنهنجو ڀاءُ آيو آهي، ۽ تنهنجي پيءُ متارو وهڙو ڪُٺو آهي، ڇالاءِ جو هو صحيح سلامت وٽس آيو آهي. 28پر هو اچي ڪاوڙيو، ۽ اندر ئي نہ وڃي. تنهن تي پڻس ٻاهر آيو، ۽ اچي سمجهايائينس. 29پر هن جواب ڏيئي پيءُ کي چيو، تہ ڏس، هيترا سال آئون تنهنجي خدمت ۾ رهيو آهيان، ۽ ڪڏهن تنهنجي چئي کان ٻاهر نہ ويو آهيان: تہ بہ تو مون کي هڪڙو ڇيلو بہ نہ ڏنو، تہ آئون پنهنجن سنگتين سان وڃي خوشي ڪريان: 30پر جڏهن هي تنهنجو پٽ آيو آهي، جنهن تنهنجي ملڪيت ڪڃرين ۾ برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اُنهي لاءِ متارو وهڙو ڪُٺو اٿيئي. 31تنهن تي هن چيس، تہ پٽ، تون تہ هميشہ مون ساڻ آهين، ۽ جيڪي منهنجو آهي، سو سڀوئي تنهنجو آهي. 32پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي.

Đang chọn:

لوقا 15: SB62

Tô màu

Chia sẻ

Sao chép

None

Bạn muốn lưu những tô màu trên tất cả các thiết bị của mình? Đăng ký hoặc đăng nhập