لوقا 9
9
1۽ هن پنهنجن ٻارهن شاگردن کي سڏي کين طاقت بخشي تہ هو سڀني ڀوتن تي اختياري رکن ۽ بيمارن کي شفا ڏين. 2۽ کين موڪليائين تہ وڃي خدا جي بادشاهت جي منادي ڪريو، ۽ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪريو. 3۽ چيائين تہ واٽ لاءِ ڪي بہ نہ کڻجو؛ نہ لٺ، نہ جهولي، نہ ماني، نہ روڪڙ؛ نڪي ٻہ ٻہ ڪوٽ کڻجو. 4۽ جنهن گهر ۾ وڃو، اُتي ئي ٽڪي پئجو، ۽ اُتان ئي روانا ٿجو. 5۽ جيڪي بہ ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ اُنهي شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجي پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ مٿن شاهدي ٿئي. 6۽ اُهي روانا ٿيا، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خوشخبري ٻڌائيندا، ۽ سڀ ڪنهن هنڌ ماڻهن کي شفا ڏيندا رهيا.
7هاڻي اهو سڄو احوال چوٿينءَ پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي ڪَن پيو، ۽ هو ڏاڍو اچي مُنجهيو، جو ڪن پئي چيو تہ يوحنا مُئن مان جي اُٿيو آهي. 8۽ ڪن پئي چيو ايلياہ جاڳيو آهي، ۽ ٻين وري پي چيو تہ آڳاٽن نبين مان ڪو وري جي اُٿيو آهي. 9تنهن تي هيروديس چيو، تہ يوحنا جي تہ مون سسي لهرائي، پر هيءُ ڪير آهي جنهن جون ههڙيون ڳالهيون ٿيون ٻُڌجن، ۽ هن کيس ڏسڻ جي پئي ڪئي.
10پوءِ رسول جڏهن موٽي آيا، تڏهن جيڪي ڪيو هئائون، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايائونس ۽ هو اُنهن کي بيت صيدا نالي شهر ڏانهن خلاصو وٺي ويو. 11پر جڏهن ميڙاڪن کي انهيءَ ڳالهہ جي سُڌ پيئي، تڏهن اُهي بہ سندس پٺيان اُٿي هليا: ۽ هو ساڻن خوشيءَ سان گڏيو، ۽ کين خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو، ۽ جيڪي چڱي ڀلي ٿيڻ جا محتاج هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪيائين. 12۽ اڃا سج لهڻ تي هو، تہ اُنهن ٻارهن کيس اچي چيو تہ ماڻهن کي موڪل ڏي تہ اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۽ ٻنين ۾ وڃي ٽڪن، ۽ کائڻ پيئڻ جو ڪو بلو ڪن، ڇالاءِ جو اسين هت سُڃي هنڌ ۾ آهيون. 13پر هن چين تہ اوهين کائڻ لاءِ ڏيون. اُنهن چيو تہ اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين ڌاران ٻيو ڪي بہ ڪينهي، باقي چئين تہ اسين سڀني لاءِ وڃي کاڌو ڳنهي اچون. 14ڇوتہ اُهي پنج هزار کن مرد هئا. تڏهن شاگردن کي چيائين، تہ هنن کي پنجاهہ پنجاهہ جي قطار ڪري ويهاريو. 15۽ اُنهن ائين ئي ڪري سڀني کي ويهاريو. 16تڏهن پاڻ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانهن نهاري اُنهن تي برڪت گهُريائين، ۽ اُهي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو، تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن. 17پوءِ اُنهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، ۽ جيڪي ٽڪر ٽيرا بچيا، تن جون ٻارهن کاريون ڀري کنيائون.
18پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻ نويڪلائيءَ ۾ دعا پئي گهريائين، ۽ شاگرد ساڻس هئا: تڏهن اُنهن کان پڇيائين تہ ماڻهو منهنجي نالي ڇا ٿا چون، تہ هي ڪير آهي؟ 19هنن جواب ڏيئي چيو تہ، ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ۽ ڪي تہ ايلياہ آهي، ۽ ڪي چون ٿا تہ آڳاٽن نبين مان ڪو هڪڙو وري جي اُٿيو آهي. 20۽ اُنهن کي چيائين، تہ اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ تنهن تي پطرس ورندي ڏيئي چيس، تہ تون خدا جو مسيح آهين. 21پر هن کين تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ اها ڳالهہ ڪنهن سان نہ ڪجو؛ 22۽ چيائين تہ ابن آدم ضرور گهڻيون سختيون سهندو، ۽ بزرگ، ۽ سردار ڪاهن، ۽ فقيهہ کيس رد ڪري ۽ ماري وجهندا، ۽ هو ٽن ڏينهن کانپوءِ وري جي اُٿندو. 23۽ سڀني کي چيائين، تہ جيڪو منهنجي پٺيان اچڻ گهُري، سو پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ ڏهاڙي پنهنجو صليب کڻي، ۽ منهنجي پٺيان اچي. 24ڇوتہ جيڪو ڀانئين تہ پنهنجي جان بچايان سو اُها وڃائيندو، پر جيڪو منهنجي ڪاڻ پنهنجي جان وڃائيندو، سو ئي اُنهي کي بچائيندو. 25ڇوتہ جيڪڏهن ماڻهو سڄي دنيا کڻي هٿ ڪري، ۽ پنهنجي جان وڃائي يا اُنهي جو نقصان کڻي، تہ ڪهڙو فائدو ٿيندس؟ 26ڇالاءِ جو جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنهن کان جڏهن ابن آدم، پنهنجي جلال، ۽ پنهنجي پيءُ ۽ پاڪ ملائڪن جي جلال ۾ ايندو، تڏهن شرمائيندو. 27پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هت بيٺا آهن تن مان ڪي، جيستائين خدا جي بادشاهت کي نہ ڏسن، تيستائين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.
28۽ انهن ڳالهين کانپوءِ اٽڪل اٺ ڏينهن گذريا، تہ هيئن ٿيو جو پطرس ۽ يوحنا ۽ يعقوب کي پاڻ سان گڏ وٺي هڪڙي ٽڪر تي دعا گهرڻ لاءِ ويو. 29۽ دعا پئي گهُريائين، تہ سندس منهن جي شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ وڄ وانگر چمڪڻ لڳي. 30۽ ڏسو، ٻن ڄڻن پئي ساڻس ڳالهيون ڪيون، جي موسيٰ ۽ ايلياہ هئا؛ 31جن جلال ۾ ڏيکاري ڏني، ۽ سندس لاڏاڻي بابت ڳالهيون پئي ڪيائون، جو يروشلم ۾ ٿيڻو هو. 32هاڻي پطرس ۽ سندس سنگتي ننڊاکڙا هئا: ۽ جڏهن سجاڳ ٿيا، تڏهن سندس جلال ڏسڻ ۾ آين، ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس بيٺل ڏٺائون. 33۽ جڏهن اُهي وٽانئس ويا ٿي، تڏهن هيئن ٿيو، جو پطرس، يسوع کي چيو، تہ اي سائين، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي، تنهنڪري ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ: پر خبر ئي ڪانہ ٿي پيس تہ ڇا ٿو چوي. 34۽ اڃا هن ائين پئي چيو، تہ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ جڏهن هو ڪڪر ۾ گهڙڻ لڳا، تڏهن ڊڄي ويا. 35۽ ڪڪر مان آواز آيو، تہ هيءُ منهنجو فرزند آهي، منهنجو چونڊيل، اوهين سندس ٻُڌو. 36۽ جڏهن اُهو آواز آيو، تڏهن يسوع اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آيو. پوءِ هنن کڻي ماٺ ڪئي، ۽ جيڪي ڳالهيون ڏٺيون هئائون، تن مان ڪابہ اُنهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان نہ ڪيائون.
37۽ ٻئي ڏينهن جڏهن هو جبل تان لٿا، تڏهن هيئن ٿيو جو هڪ وڏو ميڙاڪو اچي گڏيس. 38۽ ڏسو، اُنهي ميڙاڪي مان هڪڙي ماڻهوءَ واڪو ڪري چيو، تہ اي اُستاد، آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي پٽ کي اچي ڏس، ڇوتہ هو منهنجو سڪيلڌو آهي. 39۽ ڏسو، هڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺيس، ۽ هو اوچتو رڙيون وٺيو ڪري، ۽ اهڙو ٿو ولوڙيس جو گجي پئي نڪريس؛ ۽ چچريو ڇڏيس، ۽ مس مس ٿو منجهانئس نڪري. 40مون تنهنجن شاگردن کي عرض ڪيو تہ اُن کي ڪڍو، پر اُهي ڪڍي ڪين سگهيس. 41تڏهن يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد ۽ ضدي قوم، آئون اوهان سان ڪيستائين هوندس، ۽ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ پنهنجي پٽ کي هتي وٺي اچ. 42۽ اڃا هو آيو پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو ولوڙيائينس. پر يسوع ڀوت کي جهڻڪيو، ۽ ڇوڪر کي چڱو ڀلو ڪري پڻس جي حوالي ڪيائين. 43۽ سڀيئي خدا جي وڏي قدرت ڏسي حيرانيءَ ۾ پئجي ويا.
پر جڏهن سڀني ماڻهن هن جي ڪمن تي عجب پي کاڌو، تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ 44هي ڳالهيون پنهنجين دلين ۾ ڄمائي ڇڏيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو. 45پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجهي، ۽ اُها کانئن ڳجهي رهي، انهي لاءِ تہ اُها نہ سمجهن: ۽ اُنهي بابت کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.
46۽ اُهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا، تہ اسان ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟ 47پر يسوع سندن دل جو اِهو خيال سهي ڪري هڪڙو ننڍو ٻار وٺي پنهنجي ڀر ۾ بيهاريو، 48۽ هنن کي چيائين، تہ جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي نالي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو مون کي قبول ڪندو، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان سڀني ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو ٿيندو.
49تڏهن يوحنا وراڻي ڏيئي چيس تہ اي سائين، اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي تنهنجي نالي ڀوت ڪڍندو ڏٺو؛ ۽ منع ڪئي سونس، ڇوتہ هو اسان سان گڏ نٿو هلي. 50پر يسوع چين تہ منع نہ ڪريوس؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان جي برخلاف نہ آهي سو اوهان جي پاسي آهي.
51۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سندس مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجها آيا، تڏهن پڪو ارادو ڪري يروشلم ڏانهن رخ رکيائين تہ اوڏانهن وڃان. 52۽ پاڻ کان اڳي قاصد موڪليائين: ۽ اُهي روانا ٿيا، ۽ سندس واسطي تياري ڪرڻ لاءِ سامرين جي هڪڙي ڳوٺ ۾ ويا. 53پر اُنهن کيس نہ قبوليو، ڇالاءِ جو سندس رخ يروشلم ڏانهن هو. 54تڏهن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو، تہ اي خداوند، تنهنجي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آسمان مان باهہ اچي اُنهن کي برباد ڪري ڇڏي؟ 55پر هن ڦري جهڻڪين. (۽ چيائين تہ اوهين نٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي روح جا آهيو. 56ڇالاءِ جو ابن آدم ماڻهن جي جان برباد ڪرڻ لاءِ نہ، پر بچائڻ لاءِ آيو آهي.) پوءِ اُهي ٻئي ڳوٺ ڏانهن هليا ويا.
57۽ اُهي واٽ وٺيو پئي ويا، تہ هڪڙي ماڻهوءَ چيس، تہ جيڏانهن تون ويندين، اوڏانهن آئون بہ تنهنجي پٺيان هلندس. 58يسوع چيس، تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ هوا جي پکين کي آکيرا آهن، پر ابن آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي. 59۽ ٻئي کي چيائين، تہ تون منهنجي پٺيان اچ. پر هن چيس تہ اي خداوند، مون کي موڪل ڏي تہ پهريائين وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان. 60پر هن چيس، تہ ڇڏ تہ مڙدا پنهنجن مڙدن کي دفن ڪن، پر تون وڃي خدا جي بادشاهت جي خبر ماڻهن کي ٻڌاءِ. 61۽ ٻئي هڪڙي چيو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجي پٺيان هلندس، پر پهريائين ڇڏينم تہ پنهنجي گهر جي ماڻهن کان موڪلائي اچان. 62پر يسوع چيس تہ جيڪو پنهنجو هٿ هر تي رکي وري پٺتي ٿو نهاري، سو خدا جي بادشاهت جي لائق نہ آهي.
Đang chọn:
لوقا 9: SB62
Tô màu
Chia sẻ
Sao chép
Bạn muốn lưu những tô màu trên tất cả các thiết bị của mình? Đăng ký hoặc đăng nhập
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: