Лого на YouVersion
Иконка за търсене

لوقا 22

22
يسوع مسيح خلاف سازش سِٽڻ
(متي 26‏:1‏-5، مرقس 14‏:1‏-2، يوحنا 11‏:45‏-53)
1 # خر 12‏:1‏-27 هاڻي بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار، جنهن کي #22‏:1 فصح جو تهوار ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“فصح جو تهوار بہ چيو ويندو آهي سو ويجھو آيو. 2جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ يسوع کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي.
3تڏهن ٻارهن چيلن مان يهوداہ نالي هڪڙي چيلي، جنهن کي اسڪريوتي بہ چوندا هئا، تنهن جي دل ۾ اچي شيطان سمايو. 4سو هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪهڙيءَ ريت هو يسوع کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري. 5تنهن تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن جي آڇ ڪيائون. 6هن اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ جڏهن ميڙ نہ هجي تہ هو يسوع کي پڪڙائي.
فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري
(متي 26‏:17‏-25، مرقس 14‏:12‏-21، يوحنا 13‏:21‏-30)
7بي‌خميري روٽيءَ واري تهوار جو پهريون ڏينهن آيو جنهن تي فصح جي تهوار جو ٻليدان ڏيڻ ضروري هو. 8تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي يروشلم شهر اندر موڪليو تہ ”وڃو ۽ اتي اسان لاءِ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪريو تہ اسين اچي کائون.“ 9هنن کانئس پڇيو تہ ”اوهين ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ 10تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”ٻڌو، شهر ۾ گھڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو ملندو جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو، تنهن جي پٺيان وڃجو. جنهن گھر ۾ اهو وڃي تہ اوهين بہ پٺيان وڃجوس. 11اوهين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’گرو چوي ٿو تہ اوطاق ڪٿي آهي جتي هو پنهنجي چيلن سان گڏ فصح جي تهوار واري رسوئي کائي؟‘ 12هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين تياري ڪجو.“ 13پوءِ هو روانا ٿي ويا ۽ جيئن يسوع چيو هئن ائين ئي هر شيءِ ڏٺائون ۽ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪيائون.
آخري دفعو چيلن سان گڏ کائڻ
(متي 26‏:26‏-30، مرقس 14‏:22‏-26، 1.ڪرنٿين 11‏:23‏-25)
14 جڏهن اها گھڙي اچي پهتي تہ يسوع چونڊيل سنتن سان گڏجي رسوئي کائڻ لاءِ ويٺو. 15انهن کي چيائين تہ ”منهنجي دل ڏاڍو ٿي چاهيو تہ آءٌ تڪليفن سهڻ کان اڳ ۾ هن فصح جي تهوار واري رسوئي اوهان سان گڏجي کاوان. 16آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اها نہ کائيندس جيستائين ايشور جي راڄ ۾ انهيءَ جو مطلب پورو نہ ٿئي.“ 17پوءِ يسوع مئي جو پيالو کڻي ايشور جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، هي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورهايو. 18آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين ايشور جو راڄ نہ ايندو.“ 19پوءِ روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ هنن کي ڏيندي چيائين تہ ”هيءُ منهنجو شرير آهي، جيڪو اوهان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوهين بہ منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“ 20#ير 31‏:31‏-34 ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو ايشور جو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.
21 # زب 41‏:9 پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو آهي. 22منش‌پتر لاءِ جيئن پوِتر شاستر ۾ آهي تيئن ئي هو هن سنسار مان وڃي ٿو، پر مصيبت آهي انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جي هٿان هو پڪڙائجي ٿو.“ 23تنهن تي چيلا هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اهو ڪير آهي جيڪو اهڙو ڪم ڪندو؟“
وڏائپ تي بحث
24 # مت 18‏:1، مر 9‏:34، لو 9‏:46 چيلن ۾ اهو بہ بحث پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“ 25#مت 20‏:25‏-27، مر 10‏:42‏-44 تنهن تي يسوع چين تہ ”قومن جا راجا مٿن حڪم ٿا هلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آهي، سي ماڻهن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا. 26#مت 23‏:11، مر 9‏:35 پر اوهان ۾ ائين نہ هئڻ گھرجي. اوهان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي غلام وانگر ٿيڻ کپي. 27#يو 13‏:12‏-15 ڀلا، وڏو ڪير آهي؟ ڇا اهو جيڪو کائڻ ٿو ويهي يا اهو جيڪو سندس سيوا ٿو ڪري؟ ڇا اهو نہ آهي جيڪو کائڻ ٿو ويهي؟ پر آءٌ اوهان منجھہ ائين آهيان جيئن ڪو سيواداري.
28اوهين اهي آهيو جيڪي منهنجي سڀني تڪليفن ۾ مون سان گڏ رهيا آهيو 29۽ جيئن منهنجي پتا مون لاءِ راڄ مقرر ڪيو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان لاءِ راڄ مقرر ٿو ڪريان. 30#مت 19‏:28 اوهين منهنجي راڄ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“
پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
(متي 26‏:31‏-35، مرقس 14‏:27‏-31، يوحنا 13‏:36‏-38)
31”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي آگيا ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري. 32پر مون تو لاءِ پرارٿنا ڪئي آهي تہ شل تنهنجي وشواس ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“ 33پطرس وراڻيو تہ ”اي پرڀو! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“ 34تنهن تي يسوع چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ رات ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“
ڳوٿري، ٿيلهو ۽ تلوار
35 # مت 10‏:9‏-10، مر 6‏:8‏-9، لو 9‏:3، 10‏:4 يسوع هنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏهن مون اوهان کي ڳوٿريءَ، ٿيلهي يا وڌيڪ جتيءَ کان سواءِ موڪليو هو، تہ ڇا اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ٿي هئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ.“ 36تڏهن يسوع چين تہ ”هاڻي جنهن کي بہ ڳوٿري هجي تہ اها کڻي، جنهن کي بہ ٿيلهو هجي تہ اهو کڻي ۽ جنهن کي بہ تلوار نہ هجي تہ اهو پنهنجو ڪوٽ وڪڻي بہ اها خريد ڪري. 37#يس 53‏:12 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پوِتر شاستر ۾ جيڪو لکيل آهي تہ ’هو ڏوهارين ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آهي. بيشڪ جيڪو منهنجي بنسبت لکيل آهي سو پورو ٿيڻ وارو آهي.“ 38تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي پرڀو! ڏسو، هي ٻہ تلوارون آهن.“ هن چين تہ ”بس، بس.“
زيتون جي ٽڪر تي پرارٿنا ڪرڻ
(متي 26‏:36‏-46، مرقس 14‏:32‏-42)
39 پوءِ هو يروشلم کان ٻاهر نڪري پنهنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانو ٿيو ۽ چيلا بہ ساڻس گڏ هليا. 40جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي پهتو تہ انهن کي چيائين تہ ”پرارٿنا ڪريو تہ شل اوهين آزمائش ۾ نہ پئو.“ 41پوءِ هو پاڻ انهن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ 42”اي پتا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ 43ايتري ۾ آڪاش مان هڪڙو دوت پرگھٽ ٿيو، جنهن کيس دلداري ڏني. 44جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان پرارٿنا ڪرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.
45جڏهن هو پرارٿنا ڪري اٿيو ۽ چيلن ڏانهن موٽي آيو تڏهن ڏٺائين تہ هو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آهن. 46هن انهن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ستا پيا آهيو؟ اُٿو ۽ پرارٿنا ڪريو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو.“
يسوع مسيح جي گرفتاري
(متي 26‏:47‏-56، مرقس 14‏:43‏-50، يوحنا 18‏:3‏-11)
47يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ ماڻهن جو هڪڙو ٽولو اچي پهتو، جنهن جي اڳيان سندس ٻارهن چيلن مان اهو هو جنهن کي يهوداہ ڪري سڏيندا هئا. هن ويجھو اچي يسوع کي چمي ڏني. 48پر يسوع چيس تہ ”اي يهوداہ! تون چمي ڏيئي منش‌پتر کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“ 49يسوع سان گڏ جيڪي چيلا هئا تن جڏهن هي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي پرڀو! اسين تلوار هلايون ڇا؟“ 50انهن مان هڪڙي تہ ڌڪ هڻي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو. 51تنهن تي يسوع چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ هن انهيءَ جي ڪن کي هٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.
52هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان. 53#لو 19‏:47، 21‏:37 آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“
پطرس جو يسوع مسيح بابت انڪار ڪرڻ
(متي 26‏:57‏-58‏،69‏-75، مرقس 14‏:53‏-54‏،66‏-72، يوحنا 18‏:12‏-18‏،25‏-27)
54انهن يسوع کي پڪڙي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو. 55جڏهن تہ ڪي ماڻهو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا هئا، سو پطرس بہ اچي انهن سان گڏجي ويٺو. 56ايتري ۾ هڪڙي نوڪرياڻيءَ هن کي باهہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ يسوع سان گڏ هو.“ 57پر پطرس ڦري ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“ 58گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انهن مان آهين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اهو آءٌ نہ آهيان.“ 59ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪڙي ٻئي شخص يقين سان چيو تہ ”بيشڪ هي ماڻهو بہ تہ يسوع سان هو، ڇو تہ هي بہ گليلي آهي.“ 60پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوهين ڇا ٿا چئو.“ هو اڃا ڳالهائي ئي پيو تہ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 61#لو 22‏:34 تڏهن پرڀوءَ ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي پرڀوءَ جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ 62تڏهن پطرس ٻاهر نڪري ويو ۽ وڃي زاروزار روئڻ لڳو.
يسوع مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ مار ڏيڻ
(متي 26‏:67‏-68، مرقس 14‏:65)
63جن ماڻهن يسوع تي پهرو پئي ڏنو، تن مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي هنيائونس. 64سندس اکيون ٻڌي منهن تي چماٽون هڻي پڇنس پيا تہ ”پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ 65انهن ٻيون بہ ڪيتريون ئي گاريون ڏيئي کيس گھٽ وڌ پئي ڳالهايو.
يسوع مسيح يهودي پئنچائت اڳيان
(متي 26‏:59‏-66، مرقس 14‏:55‏-64، يوحنا 18‏:19‏-24)
66جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي انهن جي پئنچائت اڳيان پيش ڪيو ويو. 67انهن کانئس پڇيو تہ ”ٻڌاءِ، ڇا تون مسيح آهين؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”جيڪڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ اوهين اعتبار ئي نہ ڪندا 68۽ جيڪڏهن آءٌ اوهان کان سوال پڇان تہ اوهين جواب ئي نہ ڏيندا. 69پر هن کان پوءِ منش‌پتر سروِشڪتيوان ايشور جي ساڄي پاسي ويهندو.“ 70انهن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون ايشور جو پٽ آهين ڇا؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”اوهين پاڻ ئي چئو ٿا تہ آءٌ آهيان.“ 71تنهن تي انهن چيو تہ ”هاڻي اسان کي وڌيڪ ڪنهن بہ شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان پاڻ سندس واتان ٻڌو آهي.“

Избрани в момента:

لوقا 22: HSB

Маркирай стих

Споделяне

Копиране

None

Искате ли вашите акценти да бъдат запазени на всички ваши устройства? Регистрирайте се или влезте