ڏسو، اُهي ڏينهن اچي رهيا آهن،
جڏهن هَرُ ڪاهڻ وارو ٻج ڇٽي اڃا پورو ئي نہ ڪندو تہ
فصل هڪدم لاباري لاءِ تيار ٿي ويندو.
انگورن کي پيڙڻ وارو اڃا اهي پيڙيندو ئي هوندو تہ
ٻيا جھجھا انگور راس ٿي پيڙجڻ لاءِ تيار هوندا.
ايتري تہ برڪت اچي پوندي جو ڄڻ تہ جبلن تان
مٺي مئي پئي ٽمي ۽ سڀني ٽڪرين تان اها وهندي نظر ايندي.
آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس.
اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا.
هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا.
اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا.