YouVersion Logo
Search Icon

عاموس 9

9
خداوند جو اسرائيل وارن خلاف فيصلو
1پوءِ مون پروردگار کي قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ
”عبادت‌گاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي
ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن،
۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان
ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي.
پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا،
تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس.
اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.
2جيڪڏهن هو هيٺ پاتال ۾ بہ لهي ويندا
تڏهن بہ منهنجو هٿ کين اتان ڪڍي وٺندو.
جيڪڏهن هو مٿي آسمان تي بہ چڙهي ويندا
تڏهن بہ آءٌ کين اتان هيٺ لاهي آڻيندس.
3جيڪڏهن هو پاڻ کي
ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا،
تڏهن بہ آءٌ اتان کين ڳولي ڪڍندس.
جيڪڏهن هو سمنڊ جي تري ۾ بہ وڃي پاڻ کي لڪائيندا،
تڏهن بہ آءٌ اتان جي سامونڊيءَ بلا کي حڪم ڏيندس تہ
هوءَ کين ڏنگي وجھي.
4جيڪڏهن سندن دشمن کين جلاوطن ڪري وٺي وڃن،
تڏهن بہ اُتي آءٌ کين قتل ڪرائي ڇڏيندس.
مون انهن جي مدد ڪرڻ جو نہ،
بلڪ کين برباد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.“
5 خداوند ئي قادرِمطلق خدا آهي،
جنهن جي ڇُهڻ سان ڌرتي پگھرجي پاڻي ٿي وڃي ٿي،
۽ سڀني ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي وڃي ٿو.
ڌرتي نيل نديءَ وانگر اُٿل کائي مٿي چڙهي ٿي،
۽ پوءِ وري هيٺ لهي اچي ٿي.
6اهو ئي آهي جنهن جو محلات عرش عظيم ۾ آهي.
هن ئي ڌرتيءَ جي مٿان آسمان کي گنبذ بڻايو آهي.
هو ئي سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو.
انهيءَ جو نالو خداوند ئي آهي.
7 خداوند ٿو فرمائي تہ
”اي اسرائيل وارؤ! اوهين #9‏:7 سوڊاني عبرانيءَ ۾ ”ڪُوشي“ لکيل آهي، انهن ڏينهن ۾ هنن ماڻهن جو علائقو موجودہ ايٿوپيا ۽ سوڊان ملڪن جي ڳچ حصي تي مشتمل هو.سوڊانين کي ڪمذات سمجھو ٿا،
پر منهنجي نظر ۾ اوهين ڪو انهن کان مٿي آهيو ڇا؟
جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو،
تيئن ئي مون فلستين کي ڪريت مان،
۽ ارامين کي قير مان نہ ڪڍي آندو آهي ڇا؟
8ڏسو، مون خداوند خدا جون اکيون
اوهان جي گنهگار بادشاهت تي آهن.
آءٌ انهيءَ کي روءِزمين تان مِٽائي ڇڏيندس.
انهيءَ هوندي بہ آءٌ يعقوب جي اولاد کي
بلڪل ئي نابود نہ ڪندس.
9آءٌ اسرائيل ملڪ وارن کي سيکت واري ڇاڻيءَ مان
ڇاڻي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.
پوءِ ڪو هڪڙو بہ بدڪار بچي نہ سگھندو.
10منهنجي قوم جا گنهگار جيڪي ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ
’ڪابہ آفت اسان تائين نہ پهچندي،
۽ نہ اسان کي ڪو نقصان رسائيندي،‘
سي سڀيئي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا.“
بني اسرائيل قوم جي بحالي
11 # رس 15‏:16‏-18 خداوند ٿو فرمائي تہ
”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت
جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي،
تنهن کي وري کڙو ڪندس،
انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس،
۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس.
آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.
12انهيءَ لاءِ تہ اڳ جيان بني اسرائيل
ادوم جي باقي بچي ويلن کي بلڪ انهن قومن کي
جيڪي منهنجي نالي سان سڏيا ويندا هئا،
تن سڀني کي وري پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آڻين.
آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس.
13ڏسو، اُهي ڏينهن اچي رهيا آهن،
جڏهن هَرُ ڪاهڻ وارو ٻج ڇٽي اڃا پورو ئي نہ ڪندو تہ
فصل هڪدم لاباري لاءِ تيار ٿي ويندو.
انگورن کي پيڙڻ وارو اڃا اهي پيڙيندو ئي هوندو تہ
ٻيا جھجھا انگور راس ٿي پيڙجڻ لاءِ تيار هوندا.
ايتري تہ برڪت اچي پوندي جو ڄڻ تہ جبلن تان
مٺي مئي پئي ٽمي ۽ سڀني ٽڪرين تان اها وهندي نظر ايندي.
14آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس.
اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا.
هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا.
اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا.
15مطلب تہ آءٌ انهن کي وري سندن ملڪ ۾ آباد ڪندس،
۽ جيڪو ملڪ مون کين ڏنو آهي،
تنهن مان هو اڳتي ڪڏهن بہ ڪڍيا نہ ويندا.“
خداوند اسان جي خدا جو اهو ئي فرمان آهي.

Currently Selected:

عاموس 9: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in