YouVersion Logo
Search Icon

عاموس 8

8
پڪل ميون جي ٽوڪريءَ واري رويا
1ساڳيءَ طرح خداوند خدا مون کي هڪڙي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ڏٺي. 2خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ
اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان
پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي.
هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“
3”ان ڏينهن محلاتن ۾ ڳائڻ واريون عورتون روئنديون رڙنديون،
هر هنڌ لاشن جا ڍير لڳي ويندا جيڪي ٻاهر اڇلايا ويندا.
پوءِ هر هنڌ بلڪل خاموشي ڇانئجي ويندي.“
اسرائيل ملڪ جو حشر
4اي اوهين! جيڪي محتاجن کي لتاڙيو ٿا،
۽ ملڪ جي غريبن کي ناس ٿا ڪريو، سي ٻڌو.
5اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين،
تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“
يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي،
تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي
ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“
6اوهين چاهيو ٿا تہ ”ڪڻڪ کي گندگار سميت وڪڻون،
۽ غريب کي چانديءَ جي چند سڪن تي،
۽ مسڪين کي جتيءَ جي جوڙي تي خريد ڪريون.“
7سو خداوند، بني اسرائيل جو خدا قسم کڻي ٿو فرمائي تہ
”آءٌ سندن بدڪارين مان ڪا هڪڙي بہ ڪين وساريندس.
8پوءِ انهيءَ سبب زمين نہ ڏڪندي ڇا؟
۽ انهيءَ تي رهندڙ سڀيئي ماتم نہ ڪندا ڇا؟
هائو، اها زمين مصر جي نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر
هيٺ مٿي ٿيندي.
9آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو جو
آءٌ سج کي منجھند جو ئي لاهي ڇڏيندس،
۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.
10آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم،
۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس.
آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس،
۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس.
آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس،
جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي،
اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.
11آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ڏس، اهو وقت اچي رهيو آهي،
جڏهن آءٌ هن ملڪ ۾ اهڙو ڏڪار آڻيندس،
جيڪو مانيءَ يا پاڻيءَ جو نہ،
پر مون خداوند جي فرمان ٻڌڻ جو ڏڪار هوندو.
12تڏهن اهي کاري سمنڊ کان ڀونوچ سمنڊ تائين،
بلڪ اتر کان ڏکڻ تائين،
مون خداوند جي فرمان جي ڳولا ۾
هيڏي هوڏي ڊوڙندا وتندا پر کانئن ڪين لڀندو.
13انهيءَ ڏينهن حسين ڇوڪريون توڙي نوجوان ڇوڪرا
خداوند جي فرمان جي اڃ جي ڪري ماندا ٿيندا.
14ان کان علاوہ اُهي
جيڪي سامريہ جي ڪراهت جهڙن بتن جو قسم کڻي چون ٿا تہ
’اي دان شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘
يا وري ’اي بيرسبع شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘
سي سڀيئي ڪري پوندا ۽ وري ڪڏهن نہ اٿندا.“

Currently Selected:

عاموس 8: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in