خداوند اوهان جو خدا، جيڪو اوهان جي رهنمائي ٿو ڪري سو پاڻ اوهان جي پاران ائين ئي جنگ ڪندو جيئن هن اوهان جي اکين اڳيان مصر ۾ ڪئي هئي. بيابان ۾ بہ اوهان ائين ئي ڏٺو، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي ننڍڙي ٻار کي کڻي هلندو آهي تيئن خداوند اوهان جو خدا، هن هنڌ تي پهچڻ تائين اوهان کي سڄي رستي سان سنڀالي کڻي آيو.‘