YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 1

1
اردن درياءَ جي اوڀر ۾ خطبن جي شروعات
1هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون بيان ڪيل آهن جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي ان وقت چيون، جڏهن اهي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اردن ماٿريءَ ۾ سوف جي سامهون هئا ۽ انهن جي هڪ پاسي فاران شهر هو تہ ٻئي پاسي طوفل، لابن، حصيرات ۽ ديذهب شهر هئا. 2سينا کان قادش‌برنيع تائين، #1‏:2 ادوم اهو علائقو ڪنعان ملڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ هو.ادوم جي جابلو علائقي واري رستي سان يارهن ڏينهن جو پنڌ آهي. 3مصر مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ تي موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون جيڪي خداوند انهن بابت موسيٰ کي فرمايون هيون. 4#ڳا 21‏:21‏-35 اهو ان وقت کان پوءِ ٿيو هو جڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون کي، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو شڪست ڏيئي ماريو هو ۽ ان کان پوءِ بسن جو بادشاهہ عوج، جيڪو عشتارات تي راڄ ڪندو هو تنهن کي پڻ ادرعيءَ ۾ شڪست ڏيئي ماريو هئائين. 5سو اردن درياءَ جي اوڀر پاسي موآب جي ميدان ۾ موسيٰ خدا جي شريعت ۽ تعليم بيان ڪرڻ شروع ڪئي.
موسيٰ چيو تہ 6”جڏهن اسين سينا جبل وٽ هئاسين، تڏهن خداوند اسان جي خدا اسان کي چيو هو تہ ’اوهين هن جبل تي گھڻو رهيا آهيو. 7تنهنڪري هاڻي اوهين تنبو پٽيو ۽ روانا ٿيو. اوهين امورين جي جابلو علائقي ۾ ۽ انهيءَ جي آس‌پاس وارن سڀني علائقن ۾ وڃو، يعني انهيءَ جابلو علائقي ۾، اردن ماٿريءَ ۾، هيٺاهين زمين ۾، ڏاکڻي علائقي ۾ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تائين. اوهين ڪنعانين جي ملڪ ۾ ۽ لبنان جي علائقي ۾ وڏي نديءَ فرات تائين پڻ وڃو. 8ياد رکو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. انهيءَ بابت مون خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندس. سو اوهين وڃي انهيءَ ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.‘“
موسيٰ جو ججَ مقرر ڪرڻ
(خروج 18‏:13‏-27)
9موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”جنهن وقت اسين اڃا سينا جبل وٽ هئاسين، تنهن وقت مون اوهان کي چيو هو تہ ’آءٌ اڪيلو اوهان جو بار کڻي نہ ٿو سگھان. 10خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ايترو وڌايو آهي جو اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي‌شمار آهيو. 11شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي انهيءَ کان بہ هزار ڀيرا وڌائي ۽ جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي تيئن اوهان کي برڪت ڏئي. 12پر آءٌ اڪيلو اوهان جو بار، اوهان جو جنجال ۽ اوهان جا جھيڙا جھڳڙا ڪهڙيءَ طرح کڻي سگھندس؟ 13تنهنڪري اوهين پنهنجن قبيلن منجھان ڪي اهڙا ماڻهو چونڊي ڪڍو جيڪي ڏاها، سمجھو ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ هجن، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ انهن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪريان.‘ 14تڏهن اوهان مون کي انهيءَ جي ورندي ڏيئي چيو هو تہ ’جيڪا ڳالهہ توهان ڪئي آهي سا چڱي آهي، اسين انهيءَ تي عمل ڪنداسين.‘ 15پوءِ مون اوهان جي قبيلن جي سردارن مان جيڪي ڏاها ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪيو. اهي مون اوهان جي قبيلن مطابق ڪي هزارن هزارن جا، ڪي سَون سَون جا، ڪي پنجاهہ پنجاهہ جا ۽ ڪي ڏهن ڏهن جا اڳواڻ ۽ ٻيا عملدار بہ مقرر ڪيا.
16انهيءَ وقت ئي مون اوهان جي ججن کي تاڪيد ڪندي چيو هو تہ ’اوهين پنهنجيءَ قوم جا مقدما ٻڌجو، پوءِ قوم واري جو معاملو پنهنجيءَ قوم واري سان هجي توڙي ڪنهن ڌارئي سان، پر اوهين انهن جو فيصلو انصاف سان ڪجو. 17اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کان نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي عدالت ۾ خدا جو قانون رائج آهي. جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي، سو مون وٽ آڻجو تہ آءٌ اهو ٻڌندس.‘ 18انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي انهن سڀني ڳالهين بابت هدايتون ڏنيون هيون جيڪي اوهان کي ڪرڻيون هيون.“
ڪنعان جو حال معلوم ڪرڻ
(ڳاڻاٽو 13‏:1‏-33)
19”پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب سينا جبل کان روانا ٿياسين ۽ انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگھياسين، جيڪو اوهان امورين جي جابلو علائقي ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو. پوءِ اسين قادش‌برنيع ۾ اچي پهتاسين. 20اُتي مون اوهان کي چيو تہ ’اسين امورين جي انهيءَ جابلو علائقي ۾ آيا آهيون، جيڪو خداوند اسان جو خدا اسان کي عطا ڪرڻ وارو آهي. 21ڏسو، خداوند اوهان جي خدا هي سڄو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. سو وڃو، جيئن خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي فرمايو آهي تيئن اوهين وڃي انهيءَ تي قبضو ڪريو، نڪي ڊڄو ۽ نہ دل لاهيو.‘
22تڏهن اوهين سڀيئي مون وٽ اچي چوڻ لڳا تہ ’اسين پنهنجي وڃڻ کان اڳ ۾ اوڏانهن ڪي ماڻهو موڪليون جيڪي اسان جي لاءِ انهيءَ ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ موٽي اچي اسان کي ٻڌائين تہ اسين ڪهڙي رستي کان اوڏانهن وڃون ۽ ڪهڙا ڪهڙا شهر اسان کي واٽ ۾ ايندا.‘ 23اها ڳالهہ مون کي ڏاڍي وڻي، تنهنڪري مون اوهان جي هر هڪ قبيلي مان هڪڙو هڪڙو ڪري ٻارهن ماڻهو چونڊيا. 24پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ جابلو علائقو چڙهي وڃي اِشڪال جي برساتي نهر تائين پهتا ۽ انهيءَ ملڪ جو حال معلوم ڪيائون. 25هنن انهيءَ ملڪ جي ميون مان ڪجھہ کڻي اسان وٽ آندا ۽ موٽي اچي اسان کي خبر ڏنائون تہ جيڪو ملڪ خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏيڻ وارو آهي، سو چڱو آهي.“
خداوند سان بغاوت
26 # شر 9‏:23، عبر 3‏:16 ”انهيءَ هوندي بہ اوهين اوڏانهن وڃڻ تي راضي نہ ٿيا، بلڪ اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي خلاف بغاوت ڪئي. 27اوهين پنهنجن تنبن ۾ ويهي ڪرڪڻ لڳا تہ ’خداوند اسان کان نفرت ٿو ڪري، تنهنڪري ئي هو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، تان‌تہ اسان کي امورين جي هٿان گرفتار ڪرائي ۽ اهي اسان کي ماري ڇڏين. 28هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘
29تڏهن مون اوهان کي چيو تہ ’اوهين انهن ماڻهن کان نہ ڊڄو. 30خداوند اوهان جو خدا، جيڪو اوهان جي رهنمائي ٿو ڪري سو پاڻ اوهان جي پاران ائين ئي جنگ ڪندو جيئن هن اوهان جي اکين اڳيان مصر ۾ ڪئي هئي. 31#رس 13‏:18 بيابان ۾ بہ اوهان ائين ئي ڏٺو، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي ننڍڙي ٻار کي کڻي هلندو آهي تيئن خداوند اوهان جو خدا، هن هنڌ تي پهچڻ تائين اوهان کي سڄي رستي سان سنڀالي کڻي آيو.‘ 32#عبر 3‏:19 پر انهيءَ ڳالهہ جي باوجود بہ اوهان خداوند پنهنجي خدا تي يقين نہ ڪيو، 33جيتوڻيڪ هن اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي، تان‌تہ اوهان کي خيمن کوڙڻ لاءِ جاءِ لهي ڏئي. هن رات جو باهہ سان ۽ ڏينهن جو ڪڪر سان اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي تہ جيئن اوهان کي رستو ڏيکاري.“
خداوند جو بني اسرائيل کي سزا ڏيڻ
(ڳاڻاٽو 14‏:20‏-45)
34 # عبر 3‏:18 موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند اوهان جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ 35’هن خراب پيڙهيءَ جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ چڱي ملڪ کي هرگز ڪين ڏسندو، جنهن جي عطا ڪرڻ لاءِ مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. 36رڳو يفنہ جو پٽ ڪالب اهو ملڪ ڏسندو. جنهن زمين جو هو حال معلوم ڪري آيو آهي سا آءٌ انهيءَ کي ۽ سندس اولاد کي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي پوريءَ طرح فرمانبرداري ڪئي آهي.‘ 37اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو ۽ چيائين تہ ’موسيٰ! تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين. 38پر نون جو پٽ يشوع جيڪو تنهنجو خادم آهي، سو انهيءَ ۾ داخل ٿيندو. تون انهيءَ کي همتاءِ، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ جو وارث بڻائيندو.‘
39پوءِ خداوند اسان سڀني کي چيو تہ ’اوهان جا اهي ٻار جيڪي اڃا ننڍڙا آهن، جن کي اڄ تائين چڱي ۽ مَٺي جي خبر ڪانهي ۽ جن بابت اوهين چئو ٿا تہ اهي گرفتار ٿي ويندا، سي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيندا. آءٌ هنن کي اهو ملڪ ڏيندس ۽ هو انهيءَ جا وارث ٿيندا. 40پر اوهين موٽو ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو رستو وٺي بيابان ڏانهن روانا ٿيو.‘
41تڏهن اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ’اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي جيڪي خداوند اسان جي خدا اسان کي حڪم ڏنو آهي تنهن موجب اڳتي وينداسين ۽ جنگ ڪنداسين.‘ پوءِ اوهان مان هر ڪو ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي جابلو علائقي تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. 42پر خداوند مون کي چيو تہ ’هنن کي منع ڪر تہ اهي جنگ لاءِ چڙهائي نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هنن سان گڏ نہ هوندس، تنهنڪري متان هي پنهنجن دشمنن هٿان شڪست کائين.‘
43مون اوهان کي ائين ئي چيو، پر اوهان منهنجي ڪانہ ٻڌي. اٽلندو اوهان خداوند جي حڪم جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ گستاخي ڪري جابلو علائقي تي چڙهائي ڪئي. 44تڏهن اموري جيڪي انهيءَ جابلو علائقي ۾ رهندا هئا، سي اوهان سان وڙهڻ لاءِ نڪري آيا ۽ ائين اوهان جي پٺيان پيا جيئن ماکيءَ جون مکيون پونديون آهن. هنن ماريندي ماريندي اوهان کي سعير جي جابلو علائقي ۾ حرماہ تائين ڀڄائي ڪڍيو. 45پوءِ اوهين موٽي آيا ۽ خداوند جي حضور ۾ روئڻ لڳا. پر خداوند اوهان جي دانهن نہ ٻڌي، نڪي اوهان ڏانهن ڌيان ڏنائين. 46سو اوهين ڪيترن ئي ڏينهن تائين قادش ۾ رهيا، ايتري قدر جو ڪافي عرصو گذري ويو.“

Currently Selected:

شريعت جو دور 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in