2
بيابان ۾ رلندو رهڻ
1 #
ڳا 21:4
”پوءِ اسين موٽياسين ۽ ڳاڙهي سمنڊ وارو رستو ڏيئي بيابان ۾ آياسين، جيئن خداوند مون کي فرمايو هو. ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسين ادوم جي جابلو علائقي ۾ ڀٽڪندا رهياسين.
2تڏهن خداوند مون کي چيو تہ 3’اوهين هن جابلو علائقي ۾ گھڻو ئي رليا آهيو. هاڻي اتر طرف وڃو.‘ 4#پيد 36:8 هن مون کي اوهان لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ’اوهان کي پنهنجن عزيزن بني عيسوءَ جي سرحد وٽان لنگھڻو آهي، جيڪي ادوم جي علائقي ۾ رهن ٿا. اهي اوهان کان ڊڄندا، تنهنڪري اوهين تمام احتياط ڪجو. 5اوهين انهن سان ڇيڙڇاڙ نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان اصل پير رکڻ جيتري بہ جاءِ ڪين ڏيندس، ڇو تہ ادوم جو جابلو علائقو مون عيسوءَ کي ميراث ڪري ڏنو آهي. 6اوهين کاڌو ۽ پاڻي بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو. 7مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘
8سو اسين ادوم ۾ رهندڙ پنهنجن عزيزن، يعني بني عيسوءَ کان پاسو ڪري بيابان واري رستي، ايلات ۽ عصيونجابر منجھان لنگھياسين. پوءِ اسين ڦري موآب واري ملڪ جي رستي هلڻ لڳاسين. 9#پيد 19:37 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ’موآبين يعني بني لوط کي نہ ستائجو، نڪي انهن سان ڇيڙڇاڙ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ميراث ڪانہ ڏيندس. هن ڪري جو عار جو شهر مون انهن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“
10عار جي شهر ۾ پهريائين ايميم رهندا هئا، جيڪي عناق جي اولاد وانگر طاقتور، گھڻا ۽ قداور هئا. 11عناق جي اولاد وانگر اهي بہ راڪاس ڪري ڄاتا ويندا هئا. پر موآبي انهن کي ايميم ڪري سڏيندا هئا. 12ادوم جي علائقي ۾ پهريائين حوري قوم جا ماڻهو رهندا هئا. پر بني عيسوءَ انهن کي ڀڄائي ڪڍيو. انهن کي برباد ڪري هو پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا، جيئن بني اسرائيل پنهنجي دشمنن سان بعد ۾ پنهنجي ورثي واري ملڪ ۾ ڪيو، جيڪو خداوند انهن کي عطا ڪيو.
13موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”خداوند فرمايو هو تہ ’هاڻي اُٿو ۽ برساتي نهر زارد جي پار وڃو.‘ سو اسين انهيءَ نهر جي پار وياسين. 14#ڳا 14:28-35 قادشبرنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، برساتي نهر زارد جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ سال لڳا. انهيءَ عرصي ۾ خيميگاهہ منجھان سڀ جنگي مرد مري کپي ويا، جيئن خداوند انهن جي باري ۾ قسم کڻي چيو هو. 15جيستائين هو مري کپي نابود نہ ٿي ويا، تيستائين خداوند جو هٿ کين خيميگاهہ مان فنا ڪرڻ لاءِ انهن جي خلاف ئي رهيو.
16سو جڏهن قوم جا سڀ جنگي مرد نابود ٿي ويا، 17تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ 18’اڄ اوهان عار شهر جي سامهون موآب جي سرحد وٽان لنگھي وڃو. 19#پيد 19:38 جڏهن اوهان #2:19 بني عمون ۽ موآبين انهن جا علائقا ڪنعان ملڪ جي اوڀر ۾ هئا.بني عمون جي سرحد کي ويجھو اچو، تڏهن انهن کي نہ ستائجو، نڪي انهن سان ڇيڙڇاڙ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي بني عمون جي ملڪ مان ڪابہ ميراث ڪانہ ڏيندس. هن ڪري جو مون اهو ملڪ بني لوط کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“
20اهو بہ رفائين جو ملڪ ڪري ڄاتو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ اڳي اتي رفائين ئي رهندا هئا، جن کي عموني ماڻهو زمزمين ڪري سڏيندا هئا. 21اهي ماڻهو بہ راڪاسن وانگر طاقتور، گھڻا ۽ قداور هئا. پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عمون پاڻ رهڻ لڳا. 22خداوند اهو ساڳيءَ طرح ئي ڪيو جيئن هن ادوم جي علائقي ۾ رهندڙ بني عيسوءَ جي اڳيان حورين کي برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عيسو پاڻ اڄ ڏينهن تائين رهندا پيا اچن. 23ساڳيءَ طرح ڪريت ٻيٽ مان آيل ڪريتي، ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري غزہ تائين پنهنجن ڳوٺن ۾ رهندڙ اَوين کي ماري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا.
24موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو. 25اڄ کان وٺي آءٌ ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن تي اوهان جو خوف ۽ ڊپ وجھڻ شروع ڪندس. هو اوهان جي هاڪ ٻڌي ڏڪي ويندا ۽ اوهان جي ڪري پريشان ٿيندا.‘“
سيحون تي فتح
(ڳاڻاٽو 21:21-30)
26”پوءِ مون قديمات جي بيابان مان حشبون جي بادشاهہ سيحون ڏانهن، ايلچين جي هٿان صلح جو پيغام موڪليو. کيس چوائي موڪليم تہ 27’اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ ڏيو. اسين واٽ وٺي سڌا هليا وينداسين ۽ ساڄي يا کاٻي پاسي ڪين مڙنداسين. 28اسين کائڻ لاءِ کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ توهان کان پئسا ڏيئي وٺنداسين. توهان اسان کي پنهنجي ملڪ مان رڳو لنگھي وڃڻ ڏيو، 29جيستائين اسين اردن درياءَ مان لنگھي انهيءَ ملڪ ۾ وڃون، جيڪو خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏيڻ وارو آهي. ادوم جي علائقي ۾ رهندڙ بني عيسو ۽ عار شهر ۾ رهندڙ موآبين بہ اسان کي ائين ئي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ ڏنو آهي.‘ 30پر حشبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ نہ ڏنو. خداوند اسان جي خدا هن جو مزاج تيز ۽ دل سخت ڪئي هئي، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ کي اوهان جي حوالي ڪري، جيڪو اڄ تائين اسان جي حوالي آهي.
31تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ’ڏسو، آءٌ سيحون بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي توهان جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان. توهين انهيءَ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو، تہ جيئن توهين هن ملڪ جا وارث ٿيو.‘ 32تڏهن سيحون پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري يهض شهر جي ويجھو آيو. 33پر خداوند اسان جي خدا کيس اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اسان هن کي، سندس پٽن کي ۽ سندس سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيو. 34انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا ۽ هر ڪنهن آباد شهر کي مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪري ڇڏيو. اسان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو. 35رڳو چوپايو مال ۽ هٿ ڪيل شهرن جي لُٽ جو مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو. 36برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا. 37پر اسين بني عمون جي ملڪ، برساتي نهر يبوق جي ڪنارن، جابلو علائقي جي شهرن ۽ ٻين انهن جاين تي جتي خداوند اسان جي خدا اسان کي وڃڻ کان منع ڪئي هئي، تن جي ويجھو بہ ڪونہ وياسين.“