YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 3

3
عوج تي فتح
(ڳاڻاٽو 21‏:31‏-35)
1”تنهن کان پوءِ اسين ڦري بسن وارو رستو ڏيئي اڳتي وڌياسين. بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ادرعي شهر جي ويجھو آيو. 2تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ’هن کان نہ ڊڄو. مون هن کي، سندس سڀني ماڻهن کي ۽ سندس سڄي ملڪ کي توهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. توهين هن سان بہ ائين ئي ڪجو جيئن توهان امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو.‘
3اهڙيءَ طرح خداوند اسان جي خدا، بسن جي بادشاهہ عوج کي بہ سندس سڀني ماڻهن سميت اسان جي هٿ ۾ ڏنو. اسان انهن جا ايترا ماڻهو ماريا جو سندن هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو. 4انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا، ڪوبہ اهڙو شهر باقي نہ بچيو جيڪو اسان هٿ نہ ڪيو. اهڙيءَ طرح ارجُوب جو سڄو علائقو، جيڪو بسن ۾ عوج جي بادشاهت ۾ شامل هو ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا سو اسان جي قبضي ۾ آيو. 5اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا. انهن کي اوچيون ڀتيون ۽ دروازا هئا، جيڪي گزن سان مضبوط ٿيل هئا. انهن کان سواءِ اسان ڪيترائي اهڙا ڳوٺ بہ هٿ ڪيا جن کي ڪوٽ ڏنل نہ هئا. 6جيئن اسان حشبون جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، تيئن ئي اسان هنن سڀني آباد شهرن کي مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪري ڇڏيو. 7پر سڀ چوپايو مال ۽ شهرن مان لٽيل مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو.
8انهيءَ وقت ئي اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان اهو سڄو ملڪ کسي ورتو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي حرمون جبل تائين آهي. 9‏-10انهيءَ کان سواءِ مٿاهين ميدان جا سڀ شهر، سڄو جِلعاد ۽ سڄو بسن ملڪ، سلڪاہ ۽ ادرعي شهر تائين، جيڪي بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا شهر هئا سي اسان هٿ ڪيا.“
صيداني ماڻهو حرمون جبل کي سريون ۽ اموري ماڻهو ان کي سنير ڪري سڏيندا آهن. 11#3‏:11 رفائين هو راڪاسن جهڙا ماڻهو هئا.رفائين جي نسل منجھان رڳو بسن جو بادشاهہ عوج وڃي رهيو هو. هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگھہ چار ميٽر ۽ ويڪر پوڻا ٻہ ميٽر هئي. اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ اڃا بہ موجود آهي.
اردن جي اوڀر واري علائقي جي ورهاست
(ڳاڻاٽو 32‏:1‏-42)
12موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو انهيءَ وقت ئي اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. پوءِ عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي، جابلو علائقي جِلعاد جو ڏاکڻو اڌ حصو ۽ انهيءَ جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا. 13جِلعاد جو باقي حصو ۽ سڄو بسن، جيڪو عوج جي بادشاهت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو.“
بسن ۾ ارجُوب جي سڄي علائقي کي رفائين جو ملڪ بہ سڏيندا هئا. 14منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.
15موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”مون جِلعاد جو علائقو منسيءَ جي گھراڻي مڪير کي ڏنو. 16بني روبن ۽ بني جد جي قبيلن کي مون جِلعاد کان وٺي برساتي نهر ارنون تائين علائقو ڏنو. برساتي نهر ارنون جي وچ واري حصي کي سندن ڏاکڻي حد مقرر ڪري، برساتي نهر يبوق تائين سڄو علائقو کين ڏنم، جيڪا نهر اتر طرف عمونين جي سرحد آهي. 17انهن ٻنهي علائقن جي اولهہ طرف سرحد اردن درياءُ آهي، يعني گليل ڍنڍ کان وٺي کاري سمنڊ تائين، جتي سمنڊ جي اوڀر ۾ پسگاہ جبل جون لاهيون پکڙيل آهن، سو سڀ پڻ مون انهن کي ڏنو.
18 # يش 1‏:12‏-15 انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو تہ ’خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ميراث ڪري ڏنو آهي. سو اوهين سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي اڳيان درياءَ پار هلو. 19پر اوهان جون عورتون، ٻار ۽ چوپايو مال، جيڪو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان وٽ گھڻو ئي آهي، اهي سڀ اوهان جي انهن شهرن ۾ ئي رهن جيڪي مون اوهان کي ڏنا آهن. 20جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘ 21انهيءَ وقت مون يشوع کي حڪم ڏيئي چيو تہ ’اوهان پنهنجين اکين سان اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو جيڪو خداوند اوهان جي خدا هنن ٻن بادشاهن سان ڪيو. ساڳيءَ طرح خداوند پرينءَ ڀر بہ سڀني بادشاهتن سان ائين ئي ڪندو، جتي اوهين وڃو ٿا. 22سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.‘“
موسيٰ جي ڪنعان وڃڻ تي پابندي
23 # ڳا 27‏:12‏-14، شر 32‏:48‏-52 ”مون انهيءَ وقت خداوند کي عاجزي ڪندي چيو تہ 24’اي خداوند خدا! تو پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي عظمت ۽ قدرت ڏيکارڻ جي تہ رڳو شروعات ڪئي آهي. سو آسمان يا زمين تي ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جيڪو تو جهڙا ڪم ڪري ۽ قدرتون ڏيکاري سگھي. 25آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي پار وڃڻ ڏي تہ آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر وارو چڱو ملڪ، سهڻو جابلو علائقو ۽ لبنان وڃي ڏسان.‘
26پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيل هو، تنهنڪري منهنجي نہ ٻڌائين. اٽلندو مون کي چيائين تہ ’تنهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي، سو انهيءَ ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ. 27تون پسگاہ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ ۽ چئني طرفن ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس، ڇاڪاڻ تہ تون انهيءَ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندين. 28پر يشوع کي حڪم ڏي، کيس مضبوط ۽ همت وارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ هو هن قوم کي پار وٺي ويندو ۽ هو ئي انهيءَ ملڪ جو کين وارث بڻائيندو جيڪو تون ڏسندين.‘ 29تنهنڪري اسين بيت‌فعور نالي جاءِ جي سامهون ماٿريءَ ۾ ئي رهي پياسين.“

Currently Selected:

شريعت جو دور 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in