تعارف
”شريعت جو دور“ نالي هي مقدس ڪتاب حضرت موسيٰ جي ڏنل خطبن جي هڪ سلسلي تي مشتمل آهي. اهي خطبا هن اردن درياءَ جي اوڀر پاسي موآب جي ميدان ۾ بني اسرائيل جي نئين پيڙهيءَ کي ڏنا، جتي هو بيابان واري ڊگھي مسافريءَ جي خاتمي تي ترسيا هئا ۽ ڪنعان ۾ داخل ٿيڻ تي هئا. هن مقدس ڪتاب کي ”شريعت جو دور“ نالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو جو حضرت موسيٰ ڪنعان ۾ داخل ٿيندڙن لاءِ سندس معرفت مليل شريعت کي دهرائي ٿو.
هن ڪتاب ۾ لکيل ڪي اهم ڳالهيون هي آهن: 1. حضرت موسيٰ انهن کي اهي وڏا واقعا ياد ڏياري ٿو، جيڪي گذريل چاليهن سالن ۾ ٿي گذريا. هو قوم کي ياد ٿو ڏياري تہ ڪيئن نہ خدا انهيءَ عرصي دوران بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪئي. خداوند جي ساڻن اهڙي ڀلائي سندن آڏو رکندي هو کين اهو بہ تاڪيد ٿو ڪري تہ اهي خدا جا فرمانبردار ۽ وفادار ٿي رهن. 2. حضرت موسيٰ ڏهن حڪمن کي دهرائيندي پهرئين حڪم جي مفهوم تي وڌيڪ زور ٿو ڏئي تہ رڳو خداوند جي ئي عبادت ڪريو. تنهن کان پوءِ هو گھڻن ئي قاعدن قانونن کي دهرائي ٿو جيڪي ڪنعان ۾ هنن جي زندگيءَ سان لاڳو ٿيڻا هئا. 3. حضرت موسيٰ قوم کي ساڻن خدا جي عهد جو مقصد ياد ڏياري ٿو ۽ کانئن گھر ٿو ڪري تہ هو پنهنجين ذميوارين متعلق ٻڌل عهد جي تجديد ڪن. 4. يشوع کي بني اسرائيل جو اڳواڻ ثاني طور مقرر ڪيو ٿو وڃي. 5. آخر ۾ خداوند جي تعريف ۾ گيت ڳائڻ، خدا جي وفا جي خوشي ملهائڻ ۽ بني اسرائيل کي خير وَ برڪت جي دعا ڏيڻ کان پوءِ اردن درياءَ جي اوڀر ۾ موآب جي ميدان ۾ حضرت موسيٰ وفات ڪري ٿو وڃي.
هن ڪتاب جو اهم موضوع اهو آهي تہ خدا بني اسرائيل کي بچايو ۽ کين برڪت عطا ڪئي، جنهن لاءِ کين اها بہ هدايت ڪئي ويئي آهي تہ هو اها ڳالهہ هميشہ ياد رکن. ان کان علاوہ هو خدا سان پيار ڪن ۽ سندس فرمانبرداري ڪن، تہ جيئن زندگي ۽ مسلسل برڪتون حاصل ڪندا رهن.
6 باب جون 4 کان 6 آيتون هن ڪتاب جون خاص آيتون آهن. انهن مان هڪ آيت هي آهي تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪريو.“ انهيءَ کي عيسيٰ مسيح خدا جو سڀ کان وڏو حڪم سڏيو آهي (ڏسو متي 22:37).
سِٽاءُ
حضرت موسيٰ جو پهريون خطبو 1:1–4:49
حضرت موسيٰ جو ٻيو خطبو 5:1–26:19
1. ڏهہ حڪم 5:1–10:22
2. قاعدا قانون ۽ تنبيهون 11:1–26:19
ڪنعان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هدايتون 27:1–28:68
عهد جي تجديد 29:1–30:20
حضرت موسيٰ جا آخري لفظ 31:1–33:29
حضرت موسيٰ جي وفات 34:1-12