1
شريعت جو دور 1:28
Sindhi Bible FB
SB
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان کي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو.
Compare
Explore شريعت جو دور 28:1
2
شريعت جو دور 2:28
جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا تہ هي سڀ برڪتون اوهان تي نازل ٿينديون ۽ اوهان کي ملنديون رهنديون.
Explore شريعت جو دور 28:2
3
شريعت جو دور 13:28
خداوند اوهان کي قومن جو اڳواڻ بڻائيندو، پوئلڳ نہ. اوهين هميشہ مٿاهان رهندا، هيٺاهان نہ، بشرطيڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي مڃيندا ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪندا.
Explore شريعت جو دور 28:13
4
شريعت جو دور 12:28
خداوند اوهان جي لاءِ پنهنجين چڱين شين جي خزاني يعني آسمان کي کولي اوهان جي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ اوهان کي برڪت ڏيندو. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ ڪنهن کان بہ قرض نہ کڻندا.
Explore شريعت جو دور 28:12
5
شريعت جو دور 7:28
اوهان جا دشمن جيڪي اوهان تي اچي حملو ڪندا، تن کي خداوند اوهان جي اڳيان شڪست ڏيندو. اهي هڪڙي رستي کان اوهان تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان اوهان جي اڳيان وٺي ڀڄندا.
Explore شريعت جو دور 28:7
6
شريعت جو دور 8:28
خداوند جي حڪم سان اوهان جي گودامن ۾ ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ برڪت پوندي. جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ هو اوهان کي برڪت عطا ڪندو.
Explore شريعت جو دور 28:8
7
شريعت جو دور 6:28
اوهين پنهنجي هر ڪم ۾ برڪت وارا ٿيندا.
Explore شريعت جو دور 28:6
8
شريعت جو دور 3:28
اوهين شهر ۾ بہ برڪت وارا ٿيندا ۽ ٻهراڙيءَ ۾ بہ.
Explore شريعت جو دور 28:3
9
شريعت جو دور 4:28
اوهان جي اولاد ۾، ٻنيءَ جي پيداوار ۾ ۽ چوپائي مال ۾ برڪت پوندي.
Explore شريعت جو دور 28:4
10
شريعت جو دور 9:28
جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ سندس واٽ تي هلندا تہ خداوند اوهان کي پنهنجي ئي قوم طور قائم رکندو، جيئن هن اوهان سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي.
Explore شريعت جو دور 28:9
11
شريعت جو دور 5:28
اوهان جي گڏ ڪيل اناج ۽ انهيءَ مان اوهان جي تيار ڪيل کاڌي ۾ برڪت پوندي.
Explore شريعت جو دور 28:5
12
شريعت جو دور 11:28
جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ هو اوهان جي اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو.
Explore شريعت جو دور 28:11
13
شريعت جو دور 10:28
پوءِ دنيا جون سڀيئي قومون اهو ڏسي اوهان کان ڊڄي وينديون تہ اوهين خداوند جي نالي ٿا سڏجو.
Explore شريعت جو دور 28:10
14
شريعت جو دور 14:28
ان کان سواءِ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي يا کاٻي طرف ڦري اوهين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا نہ ڪندا.“
Explore شريعت جو دور 28:14
15
شريعت جو دور 15:28
”پر جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪندا ۽ سندس جيڪي قانون ۽ حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا تہ هي سڀ لعنتون اوهان تي نازل ٿينديون ۽ اوهان کي لڳل رهنديون.
Explore شريعت جو دور 28:15