YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 28

28
فرمانبرداريءَ لاءِ برڪت
(لاوي سرشتو 26‏:3‏-13، شريعت جو دور 7‏:12‏-24)
1 # شر 11‏:13‏-17 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان کي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو. 2جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا تہ هي سڀ برڪتون اوهان تي نازل ٿينديون ۽ اوهان کي ملنديون رهنديون. 3اوهين شهر ۾ بہ برڪت وارا ٿيندا ۽ ٻهراڙيءَ ۾ بہ. 4اوهان جي اولاد ۾، ٻنيءَ جي پيداوار ۾ ۽ چوپائي مال ۾ برڪت پوندي. 5اوهان جي گڏ ڪيل اناج ۽ انهيءَ مان اوهان جي تيار ڪيل کاڌي ۾ برڪت پوندي. 6اوهين پنهنجي هر ڪم ۾ برڪت وارا ٿيندا. 7اوهان جا دشمن جيڪي اوهان تي اچي حملو ڪندا، تن کي خداوند اوهان جي اڳيان شڪست ڏيندو. اهي هڪڙي رستي کان اوهان تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان اوهان جي اڳيان وٺي ڀڄندا. 8خداوند جي حڪم سان اوهان جي گودامن ۾ ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ برڪت پوندي. جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ هو اوهان کي برڪت عطا ڪندو. 9جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ سندس واٽ تي هلندا تہ خداوند اوهان کي پنهنجي ئي قوم طور قائم رکندو، جيئن هن اوهان سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. 10پوءِ دنيا جون سڀيئي قومون اهو ڏسي اوهان کان ڊڄي وينديون تہ اوهين خداوند جي نالي ٿا سڏجو. 11جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ هو اوهان جي اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو. 12خداوند اوهان جي لاءِ پنهنجين چڱين شين جي خزاني يعني آسمان کي کولي اوهان جي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ اوهان کي برڪت ڏيندو. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ ڪنهن کان بہ قرض نہ کڻندا. 13خداوند اوهان کي قومن جو اڳواڻ بڻائيندو، پوئلڳ نہ. اوهين هميشہ مٿاهان رهندا، هيٺاهان نہ، بشرطيڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي مڃيندا ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪندا. 14ان کان سواءِ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي يا کاٻي طرف ڦري اوهين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا نہ ڪندا.“
نافرمانيءَ لاءِ لعنت
(لاوي سرشتو 26‏:14‏-46)
15”پر جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪندا ۽ سندس جيڪي قانون ۽ حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا تہ هي سڀ لعنتون اوهان تي نازل ٿينديون ۽ اوهان کي لڳل رهنديون. 16اوهين شهر ۾ بہ لعنتي ٿيندا ۽ ٻهراڙيءَ ۾ بہ. 17اوهان جي گڏ ڪيل اناج ۽ انهيءَ مان اوهان جي تيار ڪيل کاڌي تي لعنت پوندي. 18اوهان جي اولاد تي، ٻنيءَ جي پيداوار تي ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن تي لعنت پوندي. 19اوهين پنهنجي هر ڪم ۾ لعنتي ٿيندا.
20جن جن ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ خداوند اوهان تي لعنت، گھمسان ۽ ملامت موڪليندو، ايستائين جو اوهين جلدي بلڪل تباهہ ۽ برباد نہ ٿي وڃو. اهو سڀ اوهان جي خراب ڪمن جي ڪري ٿيندو، جڏهن اوهين خداوند کي ڇڏي ڏيندا. 21خداوند تيستائين اوهان تي وبا موڪليندو رهندو، جيستائين اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ فنا نہ ڪري ڇڏيندو، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا. 22خداوند اوهان کي سلهہ، بخار ۽ سوزش سان، اوهان جي زمين کي ساڙيندڙ جھولي ۽ خشڪ‌ساليءَ سان ۽ اوهان جي گھرن کي رتيءَ ۽ سينور جي مرض سان سٽي وجھندو. جيستائين اوهين تباهہ نہ ٿي ويندا، تيستائين اهي مرض اوهان جي پٺيان هوندا. 23اوهان جي مٿان جيڪو آسمان آهي سو پتل جهڙو ٿي ويندو ۽ اوهان جي هيٺان جيڪا زمين آهي سا لوهہ جهڙي ٿي ويندي. 24خداوند اوهان جي زمين تي تيستائين مينهن جي بدران ڌوڙ ۽ مٽي وسائيندو رهندو، جيستائين اوهين برباد ٿي نہ وڃو.
25 خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي. 26اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگ جي جانورن جو کاڄ ٿيندا ۽ ڪوبہ انهن کي هڪلڻ وارو ڪونہ هوندو. 27خداوند اوهان کي مصرين جيان ڦرڙين سان ۽ بواسير، ڏڍ ۽ خارش سان سٽي وجھندو. اوهين انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگھندا. 28خداوند اوهان کي چريائيءَ، انڌاپي ۽ دماغي پريشانيءَ سان سٽي وجھندو. 29اوهين ڏينهن جو منجھند جي وقت ائين هٿوراڙيون هڻندا، جيئن انڌو هٿوراڙيون هڻندو آهي. اوهين پنهنجن ڪمن ۾ ڪامياب نہ ٿيندا. اوهان تي سدائين ظلم ۽ ڦُر‌مار پيئي ٿيندي ۽ ڪوبہ اوهان کي بچائڻ وارو ڪونہ هوندو.
30اوهين جنهن ڇوڪريءَ سان مڱڻو ڪندا، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو. اوهين گھر جوڙيندا پر انهيءَ ۾ رهندا ڪين. اوهين انگورن جو باغ لڳائيندا پر انهيءَ جي ميوي جو مزو نہ چکندا. 31اوهان جو ڏاند اوهان جي اکين اڳيان ڪٺو ويندو، پر اوهين انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کائيندا. اوهان جو گڏهہ اوهان کان زوريءَ کسيو ويندو ۽ اوهان کي موٽي نہ ملندو. اوهان جون رڍون اوهان جي دشمنن کي ڏنيون وينديون ۽ ڪوبہ اوهان جي مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هوندو. 32اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئر ٻيءَ قوم جي حوالي ڪيون وينديون. اوهانجيون اکيون سڄو ڏينهن انهن جي واٽ نهاريندي ٿڪجي پونديون ۽ اوهان جو ڪوبہ وس ڪونہ پڄندو. 33اوهان جي زمين جي پيداوار ۽ اوهان جي محنت جي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي، جنهن کي اوهين سڃاڻيندا بہ ڪونہ هوندا. اوهين سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندا، 34ايتري قدر جو اوهين پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريا ٿي پوندا. 35خداوند اوهان جي گوڏن ۽ ٽنگن ۾ بيحد خوفناڪ ڦرڙيون ڪڍندو، بلڪ اوهين پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين انهن مان ڇٽي ڪين سگھندا.
36 خداوند اوهان کي ۽ جيڪو بادشاهہ اوهين پنهنجي مٿان مقرر ڪندا، تنهن کي هڪڙي اهڙيءَ قوم ۾ وڃي پهچائيندو، جنهن کي اوهين يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو. اتي اوهين ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا. 37جن جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ اوهين عبرت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سبب بڻبا.
38اوهين ٻنيءَ ۾ گھڻو ٻج وجھندا پر فصل ٿورو ميڙيندا، ڇاڪاڻ تہ ماڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندي. 39اوهين انگورن جا باغ لڳائيندا، پر نڪي انگور گڏ ڪندا ۽ نہ وري انهن جو رس پيئندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ڪينئان کائي ويندا. 40اوهان جي سڄي ملڪ ۾ زيتونن جا وڻ هوندا، پر اوهين انهن جو تيل ڪين مکيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي انهن زيتونن جو ڦر ڇڻي پوندو. 41اوهين پٽ ۽ ڌيئر ڄڻيندا، پر اهي اوهان جا ڪين ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي باندي ٿي ويندا. 42اوهان جا سڀ وڻ ۽ اوهان جي زمين جي سموري پيداوار ماڪڙ جو لشڪر کائي ويندو.
43جيڪو ڌاريو ماڻهو اوهان جي وچ ۾ هوندو سو اوهان کان وڌندو ويندو ۽ اوهين گھٽبا ويندا. 44هو اوهان کي قرض ڏيندو، پر اوهين هن کي قرض ڪين ڏيندا. هو اوهان جو اڳواڻ ٿيندو ۽ اوهين هن جا پوئلڳ.
45اهي سڀ لعنتون اوهان تي اينديون ۽ اوهان جي پٺيان پئي تيستائين اوهان سان چُهٽيل رهنديون، جيستائين اوهين برباد نہ ٿي وڃو. ان جو سبب اهو آهي جو اوهان خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي ۽ جيڪي قانون ۽ حڪم هن اوهان کي ڏنا تن تي اوهان عمل نہ ڪيو. 46اهي اوهان ۾ ۽ اوهان جي پيڙهيءَ ۾ هميشہ هڪ نشان ۽ عبرت ثابت ٿينديون. 47جيئن تہ هر شيءِ جي گھڻائيءَ هوندي بہ اوهان خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي تابعداري نہ ڪئي، 48تڏهن هاڻي بک، اُڃ، اوگھڙ ۽ هر شيءِ جي محتاجيءَ ۾ اوهان انهن دشمنن جي تابعداري ڪندا، جيڪي خداوند اوهان تي موڪليندو. خداوند اوهان جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھي ڇڏيندو، جيستائين اوهان کي برباد نہ ڪري ڇڏي. 49خداوند پري کان يعني ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙيءَ قوم کي، عقاب وانگر اوهان مٿان چاڙهي آڻيندو، جنهن جي اوهين ٻولي بہ ڪين سمجھندا. 50اها اهڙي تہ خوفناڪ چهري واري قوم هوندي، جيڪا نہ پوڙهي جو لحاظ ڪندي ۽ نہ جوان سان مروت. 51اها اوهان جو چوپايو مال ۽ زمين جي پيدائش ڳڙڪائيندي ويندي. هائو، اها اناج، تازي مئي، زيتون جي تيل يا ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڦرن مان هڪڙو بہ اوهان جي لاءِ ڪين ڇڏيندي، ايتري قدر جو اوهين تباهہ وَ برباد ٿي ويندا. 52جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن منجھہ ئي اوهان جي سڀني شهرن ۾ اها قوم اوهان جو گھيرو ڪندي، جيستائين اوهانجيون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون جن تي اوهان جو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون.
53انهيءَ گھيري ۾ اوهان جا دشمن اوهان کي اهڙو تہ ڦاسائيندا، جو اوهين تنگ اچي پاڻ پنهنجي اولاد يعني پٽ ۽ ڌيئر جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنيون آهن، تن جو ماس کائيندا. 54جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پياري زال ۽ پنهنجي باقي بچيل ٻارن ڏانهن نيت خراب هوندي، 55جو جڏهن هو پنهنجي ڪنهن ٻار جو ماس کائيندو هوندو، تڏهن ان منجھان ذرو بہ انهن کي ڪين ڏيندو، ڇو تہ وٽس ٻيو ڪجھہ باقي بچندو ئي ڪونہ. اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان جي سڀني شهرن ۾ اوهان کي گھيرو ڪري ڦاسائيندا ۽ اوهين ايترو تنگ اچي ويندا. 56جيڪا عورت اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندي، جا نرميءَ ۽ نزاڪت جي ڪري پنهنجي پير جي تري بہ پٽ تي رکڻ جي همت نہ ڪندي هوندي، تنهن جي بہ پنهنجي پياري مڙس، پٽ ۽ ڌيءَ ڏانهن نيت خراب ٿيندي، 57#2.با 6‏:28‏-29، زار 4‏:10 جو ڪابہ شيءِ نہ هئڻ ڪري هوءَ پنهنجي ئي تازي ڄڻيل ٻار ۽ سندس اَورَ کي انهن کان لڪائي کائي ويندي. اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان جي سڀني شهرن ۾ اوهان کي گھيرو ڪري ڦاسائيندا ۽ اوهين ايترو تنگ اچي ويندا.
58جيڪڏهن اوهان هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا ۽ انهيءَ جلالي ۽ هيبتناڪ نالي يعني خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندا نہ رهندا، 59تہ پوءِ خداوند اوهان تي عجيب آفتون نازل ڪندو ۽ اوهان جي اولاد جي آفتن کي وڌائي وڏيون ۽ گھڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون ۽ گنديون ۽ ڊگھيون بيماريون ڪري ڇڏيندو. 60هو اوهان تي مصر واريون سموريون وبائون موڪليندو جن کان اوهين ڊڄندا هئا. اهي اوهان کي چهٽي پونديون. 61ان کان سواءِ اهي سڀ بيماريون ۽ آفتون، جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي بہ خداوند اوهان تي موڪليندو، جيستائين اوهين برباد نہ ٿي وڃو. 62جيتوڻيڪ اوهين آسمان جي تارن جيترا آهيو، تڏهن بہ اوهين گھڻو گھٽجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي هوندي. 63جهڙيءَ طرح خداوند اوهان سان ڀلائي ڪرڻ ۽ اوهان کي وڌائڻ ۾ خوش ٿيندو هو، تهڙيءَ طرح هو اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ بہ خوش ٿيندو. پوءِ اوهين انهيءَ ملڪ مان ڪڍيا ويندا، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا.
64 خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو. 65انهن قومن منجھہ اوهان کي سک نصيب نہ ٿيندو، نڪي اوهان جي پيرن جي ترين کي آرام ملندو، بلڪ خداوند اوهان کي اُتي ڳڻتي، نااميدي ۽ جان جو جھورو ڏيئي ڇڏيندو. 66اوهان جي زندگي هميشہ خطري ۾ هوندي، رات ڏينهن اوهين ڊپ ۾ گذاريندا ۽ اوهان کي پنهنجي حياتيءَ جي پڪ ڪانہ هوندي. 67اوهين پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي، پنهنجيءَ دل ۾ اهڙو تہ ڊڄي ويندا، جو صبح جو چوندا تہ ’خدا ڪري شل سانجھي ٿئي‘ ۽ سانجھيءَ جو چوندا تہ ’خدا ڪري شل صبح ٿئي.‘ 68خداوند اوهان کي ٻيڙين ۾ چاڙهي انهيءَ رستي کان مصر ۾ موٽائي آڻيندو، جنهن رستي بابت مون اوهان کي چيو هو تہ اهو وري نہ ڏسجو. اُتي اوهين پنهنجن دشمنن وٽ پاڻ کي غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in