YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 29

29
موآب جي ميدان ۾ خداوند جي عهد جي تجديد
1هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي خداوند موآب جي ميدان ۾ بني اسرائيل سان عهد ٻڌڻ لاءِ موسيٰ کي فرمايون. هي عهد انهيءَ عهد جو وڌيڪ حصو آهي، جيڪو هن سينا جبل وٽ بني اسرائيل سان ٻڌو هو.
2 موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گھرائي کين چيو تہ ”خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهان جي اکين اڳيان فرعون، سندس سڀني عملدارن ۽ سندس سڄي ملڪ سان جيڪي ڪجھہ ڪيو سو اوهان پاڻ ڏٺو. 3اهي وڏيون آزمائشون، هيبتناڪ ڪم ۽ وڏا معجزا اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا. 4پر خداوند اوهان کي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجھي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن. 5آءٌ چاليهہ سال بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪندو رهيس، نہ اوهان جي بدن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پيرن جون جتيون پراڻيون ٿيون. 6جيتوڻيڪ اوهان وٽ کائڻ لاءِ نڪا ماني هئي، نڪي مئي يا ڪو ٻيو نشو پيئڻ لاءِ هو، تہ بہ خداوند اوهان جي هر ضرورت پوري ڪئي، تان‌تہ اوهين ڄاڻو تہ هو ئي خداوند اوهان جو خدا آهي.
7 # ڳا 21‏:21‏-35 پوءِ جڏهن اوهين هن جاءِ تي آيا، تڏهن حشبون جو بادشاهہ سيحون ۽ بسن جو بادشاهہ عوج اسان جي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا، پر اسان انهن کي شڪست ڏني. 8#ڳا 32‏:33 اسان انهن جو ملڪ هٿ ڪري، اهو بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنو. 9تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين کي مڃي، انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيڪي ڪريو تنهن ۾ ڪامياب ٿيو.
10‏-11اڄوڪي ڏينهن اوهين، اوهان جا سردار، اوهان جا اڳواڻ، اوهان جا بزرگ، اوهان جا عملدار، اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون ۽ اوهان جي خيمي‌گاهہ ۾ رهندڙ ڌاريا، مطلب تہ اوهان جي ڪاٺيرن ۽ پخالين تائين بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا آهيو. 12اوهين هتي انهيءَ لاءِ بيٺا آهيو تہ جيئن خداوند اوهان جو خدا اڄوڪي ڏينهن اوهان سان جيڪو عهد ڪري ٿو ۽ قسم کڻي ٿو، تنهن ۾ اوهين شامل ٿيو 13۽ انهيءَ لاءِ بہ تہ هو اڄوڪي ڏينهن اوهان جو سندس قوم هئڻ جي تصديق ڪري ۽ اوهان جو خدا ٿئي، جيئن هن اوهان کي چيو هو ۽ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هئائين.
14خداوند رڳو اوهان سان ئي هي عهد نہ ٿو ٻڌي ۽ هي قسم نہ ٿو کڻي، جيڪي اڄ هتي سندس حضور ۾ بيٺا آهيو، 15بلڪ هو ايندڙ نسل، جيڪو اڄ هتي اسان سان گڏ موجود ناهي، تنهن کي بہ هن عهد ۾ شامل ٿو ڪري.
16اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ ڪيئن ٿي رهياسين ۽ جن قومن جي وچ مان اسان کي لنگھڻو پيو تن مان ڪيئن نڪري آياسين. 17اوهان انهن جون ڪراهت جهڙيون شيون يعني ڪاٺيءَ، پٿر، چانديءَ ۽ سون جا بت بہ ڏٺا. 18#عبر 12‏:15 سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، عورت، خاندان يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي پوڄا ڪري. متان اوهان منجھہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جيڪا ٽُوهہ ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ۽ زهريلو ڦل ڏئي. 19شايد هتي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو خداوند جي هن کنيل قسم جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجھي ۽ چوي تہ ’جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو هوندس تڏهن بہ سلامت رهندس.‘ تہ پوءِ اها ڳالهہ سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندي، 20ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو. 21عهد جون سڀ لعنتون جيڪي شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن موجب سزا ڏيڻ لاءِ خداوند انهيءَ کي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ڪڍي ڌار ڪندو.
22ايندڙ پيڙهين ۾ اوهان کان پوءِ جيڪو اوهان جو نسل پيدا ٿيندو ۽ اهي ڌاريا ماڻهو جيڪي ڏورانهن ملڪن کان ايندا، سي انهيءَ ملڪ جون آفتون ۽ خداوند جون انهيءَ ملڪ ۾ موڪليل بيماريون ڏسندا. 23#پيد 19‏:24‏-25 اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو. 24تڏهن اهي سڀ قومون پڇنديون تہ ’خداوند هن ملڪ سان ائين ڇو ڪيو آهي؟ هيڏي وڏي غضب جو سبب ڪهڙو آهي؟‘ 25تنهن تي ماڻهو وراڻيندا تہ ’انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عهد کي ڇڏي ڏنو هو، جيڪو هن کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ وقت ساڻن ٻڌو هو. 26هنن وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي ۽ انهن کي سجدو ڪيائون، جن کي هو نہ ڄاڻيندا هئا، نڪي وري خداوند کين اهي ڏنا هئا. 27تنهنڪري خداوند هن ملڪ تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ جيڪي لعنتون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي سڀ انهن تي موڪليائين. 28خداوند سخت غصي ۽ قهر ۾ ڀرجي سندن ئي ملڪ مان هنن جي پاڙ پٽي ڪڍي ۽ کين ڌارئي ملڪ ۾ اڇلايائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.‘“
29موسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا ئي آهي، پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان ۽ اسان جي اولاد جي لاءِ آهن، انهيءَ لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in