30
توبهہتائب ٿيندڙ لاءِ رحم جو واعدو
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جڏهن اِهي سڀ ڳالهيون يعني برڪتون ۽ لعنتون جيڪي مون اوهان جي اڳيان رکيون آهن، سي اوهان تي اچي پون، تڏهن اوهين انهن سڀني قومن منجھہ انهن کي ياد ڪندا، جن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. 2جيڪڏهن اوهين ۽ اوهان جو اولاد خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہتائب ٿيندا ۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن سڀني موجب پوري دل وَ جان سان سندس فرمانبرداري ڪندا، 3تہ پوءِ خداوند اوهان جو خدا اوهان جي خوشحالي بحال ڪندو. هو اوهان تي رحم ڪندو ۽ جن جن قومن ۾ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان اوهان کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو. 4توڙي جو اوهين دنيا جي بلڪل پڇڙيءَ تائين جلاوطن ڪيا ويا هوندا، تہ اتان بہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي گڏ ڪري موٽائي آڻيندو. 5خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ئي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي اوهان جي ابن ڏاڏن جو قبضو هو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ان تي قبضو ڪريو. پوءِ هو اوهان سان ڀلائي ڪندو ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کان بہ اوهان کي گھڻو وڌائيندو. 6خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو. 7خداوند اوهان جو خدا اهي سڀ لعنتون اوهان جي دشمنن تي وجھندو، جن اوهان کان نفرت ڪئي ۽ اوهان کي تڪليف ڏني. 8اوهين ڦري خداوند جي فرمانبرداري ڪندا ۽ سندس انهن سڀني حڪمن تي عمل ڪندا، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو. 9خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سموري ڪاروبار، اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو. خداوند جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن تي راضي هو، تيئن هو اوهان تي وري راضي ٿيندو ۽ اوهان سان ڀلائي ڪندو. 10پر انهيءَ لاءِ شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن تي عمل ڪندا، بلڪ پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جا طالبو رهندا.“
زندگي يا موت جي آڇ
11”تنهنڪري هي حڪم جيڪو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ڏيان ٿو، سو اوهان جي لاءِ گھڻو ڏکيو ناهي، نڪي اهو اوهان جي وس کان ٻاهر آهي. 12#رو 10:6-8 اهو مٿي آسمان ۾ تہ ڪونهي، جو اوهين چئو تہ ’ڪير اسان جي لاءِ آسمان تي چڙهي ويندو ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو تہ اسين انهيءَ تي عمل ڪريون؟‘ 13نڪي اهو سمنڊ جي پرينءَ ڀر آهي جو اوهين چئو تہ ’ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو تہ اسين انهيءَ تي عمل ڪريون؟‘ 14پر اهو ڪلام اوهان کي تمام ويجھو آهي. اهو اوهان جي زبان تي ۽ اوهان جي دل وَ دماغ ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مٿس عمل ڪريو.
15ڏسو، اڄوڪي ڏينهن مون اوهان جي اڳيان زندگي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي ٻئي رکيا آهن. 16آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس واٽن تي هلو، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهو، پوءِ اوهين جيئرا رهندا، وڌندا ويندا ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو. 17پر جيڪڏهن اوهان جي دل ڦري ويئي ۽ اوهان فرمانبرداري نہ ڪئي، بلڪ ٻئي پاسي ڇڪجي وڃي غير معبودن کي سجدو ڪري سندن پوڄا ڪرڻ لڳا، 18تہ پوءِ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهين ضرور تباهہ ٿي ويندا. اوهين جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اردن درياءَ جي پار وڃي رهيا آهيو، تنهن ۾ اوهين گھڻو عرصو ڪين رهندا. 19آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان تہ مون زندگي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن. تنهنڪري اوهين زندگيءَ جي چونڊ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ۽ اوهان جو اولاد جيئرو رهي، 20#پيد 12:7، 26:3، 28:13 انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس فرمانبرداري ڪريو ۽ ساڻس چُهٽيل رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اوهان جي زندگي ۽ ان ملڪ ۾ اوهان جي عمر جي درازي آهي، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو.“