آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان تہ مون زندگي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن. تنهنڪري اوهين زندگيءَ جي چونڊ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ۽ اوهان جو اولاد جيئرو رهي، انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس فرمانبرداري ڪريو ۽ ساڻس چُهٽيل رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اوهان جي زندگي ۽ ان ملڪ ۾ اوهان جي عمر جي درازي آهي، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو.“