27
پٿرن تي شريعت لکڻ
1پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي اڳواڻن سان گڏجي ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن سڀني تي عمل ڪندا رهجو. 2-4جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ جنهن جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي، تڏهن عيبال جبل تي اوهين وڏا وڏا پٿر کوڙي انهن کي چوني سان ليپو ڏيئي ڇڏجو. انهن پٿرن تي اوهين هن شريعت جون سموريون ڳالهيون لکي ڇڏجو. 5#خر 20:25 اتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پٿرن جي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهجو. انهن پٿرن تي لوهہ جو ڪوبہ اوزار ڪم نہ آڻجو. 6اها قربانگاهہ اوهين اڻگھڙيل پٿرن سان ٺاهجو. پوءِ انهيءَ تي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ڪجو. 7اوهين سلامتيءَ جون قربانيون ڪري اهي اُتي ئي کائجو ۽ خداوند جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو. 8ياد رکو، اوهين انهن کوڙيل پٿرن تي هن شريعت جون سڀيئي ڳالهيون صاف ۽ چٽيءَ طرح لکجو.“
9پوءِ موسيٰ ۽ لاوي ڪاهنن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ماٺ ڪري ٻڌو. اڄوڪي ڏينهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي قوم بڻجي ويا آهيو. 10تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪجو ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪجو.“
نافرمان تي لعنت
11 موسيٰ انهيءَ ساڳئي ڏينهن ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ 12#شر 11:29، يش 8:33-35 ”جڏهن اوهين سڀ اردن درياءُ ٽپي پار وڃو، تڏهن برڪتن لاءِ اشاري طور هي قبيلا گرزيم جبل تي بيهن: شمعون، لاوي، يهوداہ، اِسڪار، يوسف ۽ بنيامين. 13جڏهن تہ لعنتن لاءِ اشاري طور باقي هي قبيلا عيبال جبل تي بيهن: روبن، جد، آشر، زبولون، دان ۽ نفتالي. 14پوءِ مذهبي اڳواڻ لاوي وڏي آواز سان بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي هيئن چون:
15 #
خر 20:4، 34:17، لاو 19:4، 26:1، شر 4:15-18، 5:8 ’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو تراشي يا پلٽي هٿرادو مورتي جوڙي ٿو، جنهن کان خدا کي نفرت آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ کي پوڄا لاءِ ڪنهن لڪل جاءِ تي ٿو رکي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون ’آمين.‘
16 #
خر 20:12، شر 5:16 ’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
17 #
شر 19:14
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جي نشان کي پوئتي هٽائي ٿو.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
18 #
لاو 19:14
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو انڌي کي رستي کان ڀٽڪائي ٿو.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
19 #
خر 22:21، 23:9، لاو 19:33-34، شر 24:17-18 ’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو يتيم، رنزال يا اسان وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
20 #
لاو 18:8، 20:11، شر 22:30 ’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهي، ڇوجو ائين هو پنهنجي پيءُ جو ننگ ٿو اگھاڙي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
21 #
خر 22:19، لاو 18:23، 20:15 ’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو ڪنهن بہ جانور سان بدفعلي ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
22 #
لاو 18:9، 20:17 ’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجيءَ ڀيڻ يعني پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي ڌيءَ سان سمهي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
23 #
لاو 18:17، 20:14 ’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجيءَ سس سان سمهي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
24’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي قتل ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
25’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو ڪنهن بيگناهہ کي قتل ڪرڻ لاءِ رشوت وٺي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
26 #
گل 3:10
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم نہ ٿو رهي ۽ نہ مٿن عمل ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘“