YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 26

26
پهرين پيداوار جا نذرانا
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو، 2#خر 23‏:19 تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهيءَ هنڌ کڻي وڃجو جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي. 3انهن ڏينهن ۾ اتي جيڪو ڪاهن هجي تنهن کي وڃي چئجو تہ ’اڄ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ اقرار ٿو ڪريان تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ پهچي ويو آهيان، جنهن لاءِ خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي اسان کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.‘
4جڏهن ڪاهن اوهان جي هٿن مان اها ٽوڪري وٺي خداوند اوهان جي خدا جي قربان‌گاهہ آڏو رکي، 5تڏهن اوهين اتي خداوند جي آڏو هيئن چئجو تہ ’منهنجو پيءُ اسرائيل هڪڙو بي‌ماڳو ارامي ماڻهو هو. هو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري وڃي مصر ۾ ڌاريو ٿي رهڻ لڳو. اتي هو هڪڙي وڏي، طاقتور ۽ گھڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو. 6پر مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي ۽ اسان کي ڏک ڏنائون. هنن اسان تي سخت پورهيو مڙهيو. 7تڏهن اسان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي حضور ۾ دانهون ڪيون. خداوند اسان جو آواز ٻڌو ۽ اسان جي مصيبت، محنت ۽ مظلومي ڏٺائين. 8خداوند پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ڏهڪاءَ، هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن وسيلي اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو. 9هن اسان کي هن جاءِ تي آندو آهي ۽ اسان کي آسودو ۽ خوشحال ملڪ عطا ڪيو اٿائين. 10سو ڏس، اي خداوند! جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي تنهن جو پهريون ڦل مون تو وٽ آندو آهي.‘ پوءِ اها ٽوڪري کڻي وري اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جي آڏو رکي خداوند کي سجدو ڪجو. 11پوءِ اوهين، لاوي ۽ جيڪو ڌاريو اوهان جي وچ ۾ رهندو هجي، سي سڀيئي گڏجي انهن نعمتن لاءِ خوشيون ملهائجو جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ۽ اوهان جي گھراڻي کي عطا ڪيون آهن.“
ڏهين حصي بابت قانون
12 # شر 14‏:28‏-29 ”هر ٽئين سال، جڏهن اوهين پنهنجي ان سال جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي پورو ڪريو، تڏهن اهو پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاوين، يتيمن، رنن‌زالن ۽ ڌارين کي ڏجو تہ اهي کائي ڍءُ ڪن. 13پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي هيئن چئجو تہ ’جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون مخصوص ڏهون حصو پنهنجي گھر مان ڪڍي اهو پاڻ وٽ رهندڙ لاوين، ڌارين، يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ڏنو آهي. مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم کان منهن نہ موڙيو آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم. 14مون پنهنجي سوڳ جي وقت انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کاڌو، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهيءَ مان ڪجھہ ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهيءَ مان ڪجھہ ڏنو اٿم. مون تو خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪئي آهي. تو جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، مون تن موجب ڪيو آهي. 15تون پنهنجي پاڪ مڪان، يعني عرش عظيم تان هيٺ نگاهہ ڪر ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ۽ هن ملڪ کي برڪت عطا ڪر، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ جيڪو تو اسان کي ڏيڻ لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.‘“
خداوند جا حڪم مڃڻ
16”سو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي حڪم ٿو ڏئي تہ هنن قاعدن قانونن تي عمل ڪجو. تنهنڪري اوهين پنهنجي پوري دل وَ جان سان انهن کي مڃي مٿن عمل ڪجو. 17اوهان اڄوڪي ڏينهن اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي اوهان جو خدا آهي ۽ اوهين هن جي واٽن تي هلندا. اوهين هن جي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهندا ۽ سندس تابعداري ڪندا. 18#خر 19‏:5، شر 4‏:20، 7‏:6، 14‏:2، طيط 2‏:14، 1.پط 2‏:9 اڄوڪي ڏينهن خداوند بہ پنهنجي واعدي موجب اوهان سان اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ اوهين هن جي خاص قوم ۽ قيمتي اثاثو آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين هن جي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهو. 19هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in