1
حبقوق 5:1
Sindhi Bible FB
SB
خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”ٻين قومن کي جاچي ڏسو ۽ انهن مان عبرت حاصل ڪريو، ڇوجو اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائجي تہ اوهين هرگز اعتبار ڪين ڪندا.
Compare
Explore حبقوق 1:5
2
حبقوق 2:1
اي خداوند! ڪيستائين آءٌ مدد لاءِ تو کي سڏيندو رهندس، تون تہ ٻڌين ئي ڪونہ ٿو؟ ڪيستائين آءٌ تو آڏو ”ظلم، ظلم“ پڪاريندو رهندس، تون تہ بچائين ئي ڪونہ ٿو؟
Explore حبقوق 1:2
3
حبقوق 3:1
ڇو تون مون کي ناانصافي ٿو ڏيکارين؟ ڇو تون بڇڙائيءَ کي برداشت ٿو ڪرين؟ تباهي ۽ ڏاڍ منهنجي سامهون آهن، فتنو ۽ فساد بہ خوب لڳو پيو آهي.
Explore حبقوق 1:3
4
حبقوق 4:1
تنهنڪري شريعت لولي لنگڙي ٿي پيئي آهي ۽ انصاف جو تہ نالو ئي ڪونہ رهيو آهي. شرير ماڻهو سچن کي وڪوڙي ٿا وڃن، تان جو انصاف بگڙي ٿو وڃي.
Explore حبقوق 1:4