تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”هيءَ رويا لک.
اها تختين تي اهڙن تہ صاف اکرن ۾ لک
جو ڊوڙندڙ ماڻهو بہ اها آسانيءَ سان پڙهي سگھي.
هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي،
پر اچڻ وارو آهي،
۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي.
جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر،
ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.